تازا ترين
  • *ڌرڻن دوران اڌ رات جو پيغام مليو ته استعيفيٰ ڏيو نه ته مارشلا لڳي سگهي ٿو، مون چيو استعيفيٰ نه ڏيندس، جيڪو ڪرڻو اٿو ڪيو: نواز شريف*سليڪٽيڊ وزيراعظم کي آڻيندڙ اصل ذميوار آهن، اليڪشن ۾ ڌانڌلي کي لکئي جو ليک سمجهي ماٺ ڪري نٿا ويهي سگهون*اڄ پارليامينٽ کي چونڊيل نمائندن بدران ڪو ٻيو هلائي رهيو آهي: نواز شريف جو لنڊن مان پارٽي جي سي اي سي کي وڊيو خطاب*
  • *نواز شريف هڪ ڀيرو ٻيهر گرفتاري وارنٽس وصول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو*
  • *اسان نواز شريف کي پورو موقعو ڏنو، جوابدار سڄي نظام کي شڪست ڏئي پرڏيهه هليو ويو: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ*هاڻي جوابدار ٻاهر ويهي کلندو هوندو ته ڪيئن سموري نظام کي دوکو ڏنو، هي انتهائي شرمناڪ رويو آهي*

سنڌي سماج ۾ وبا بڻيل وياج

چڪ ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ زهر جيان انساني زندگيون ڳڙڪائيندڙ وياج جو ڪاروبار سنڌ جي سماج جي رڳن ۾ داخل ٿي خاندانن جا خاندان تباهه ڪري نسل کاري رهيو آهي نه صرف چڪ پر اتر جي پوري پٽيءَ ۾ ڏهاڪن کان اهو ڪڌو ڪاروبار وڏي زور شور سان ھلندڙ آھي. سنڌ جي اتر واري علائقن ۾ انهي ڪم ۾ هڪ لک رپين تي 5 هزار مهيني کان وٺي هڪ لک تي 12 کان 20 هزار مهينو به وياج ورتو ويندو آهي. جيتوڻيڪ وياج مذهبي ، قانوني ۽ اخلاقي طور پڻ ڏوھه آھي پر ھن وقت چڪ ۽ ڀرپاسي جا وائيٽ ڪالر سيٺ ۽ معاشري ۾ بظاهر معزز چڱن مڙسن ۽ بزرگ سڏجندڙ ماڻھن به ھن ڪڌي ڪاروبار کي تڪڙو منافعي بخش ڪاروبار بڻائي ڇڏيو آهي. اڪثر ڪري ڏٺو اهو ويو آهي ته وياج خور مختلف شڪلين ۾ ڪم ڪن ٿا ڪٿي زميندارن وٽ هارپو ڪندڙ مسڪين هاري ٻچڙن جي پيٽ گذر يا دوا درمل لاءِ قرض وٺي ٿو ته زميندار انهيءَ قرض تي هٿرادو وياج چاڙهي سالن جا سال کيس لوڙائيندو رهي ٿو. انهي کانسواءِ هڪڙا اهڙا وياجي به آهن جيڪي موبائيل فون کان وٺي نئين موٽر سائيڪل قسطن تي ڏين ٿا جيڪڏهن موٽر سائيڪل يا ڪنهن سٺي موبائيل جي قيمت 50 هزار آهي ته اهي وري 70 هزار ۾ قسطن تي ڏين ٿا ۽ پوءِ ضرورتمند ماڻهو اها وري گهٽ قيمت تي روڪ رقم ۾ وڪرو ڪري پنهنجو پوراءُ ڪن ٿا.
ڪٿي گهر جي مرمت يا ڪٿي ڪنهن اڻٽر مصيبت کان بچڻ لاءِ ڪنهن وياجيءَ آڏو هٿ ٽنگڻ ڪنهن به ماڻهوءَ لاءِ آخري آپشن هجي ٿو، وائيٽ ڪالر وياجين چڪ شهر ۽ ڀرپاسي پنهنجون آفيسون کولي ڇڏيون آهن ۽ زرعي دوائن، ٻج ڀاڻ، روز مرهه جي زندگيءَ ۾ استعمال هيٺ ايندڙ گهريلو سامان سميت وياج تي گهريلو استعال جو سامان وٺي ڏيڻ جا نت نوان طريقا ڳولي ورتا آهن. وياج خور، ماڻهن جي مجبورين ۽ تڪليفن جو ناجائز فائدو وٺندي سالن جا سال سندن ڪمائي تي عيش ڪندا رهن ٿا. هو ڪنهن فرد کي نه پر پوري گهراڻي کي پاڻ وٽ گروي رکي ڇڏين ٿا. وياج جي ڪڌي ڪاروبار ۾ سڀ کان وڌيڪ متاثر مسڪين اٻوجهه هاري به ٿيندو آهي جيڪو ٻه ويلا ماني جي لاءِ پريشان هجي ٿو، رات ڏينهن ٻنين ۾ ٻارن ٻچين عورتن سوڌو پيو ڪمائيندو آهي، آخر ۾ فصل پچڻ بعد جڏهن حساب ڪتاب ڪندو آهي ته اڃان به ٻه ٽي هزارن جو قرضي ٿي پوتڙو ڇنڊي هليو ويندو آهي. چڪ ۽ ڀرپاسي جا اڪثر وڏا ۽ وائيٽ ڪالر وياجي پئسا ڏيڻ مهل ڏاڍا رحمدل، ٻاجهارا ۽ معصوم بڻجي ويندا آهن ڄڻ غريب ضرورتمندن جو فڪر کين کائي ويو هجي پر انهن وائيٽ ڪالر وياجين جي اصل صورت انهن جي پئسا واپس وٺڻ يا وياج وٺڻ مهل ظاهر ٿيندي آهي پوءِ اهي ڌمڪين کان وٺي تشدد ۽ حراسان ڪرڻ جا سڀئي طريقا استعمال ڪندا آهن. مجبورين ۾ ورتل وياج کانپوءِ علائقي جا بااثر وياجي مسڪين ماڻهن کي ايترو ته تنگ ٿا ڪن جو وياجين جي ڏاڍاين جي ڀيٽ ۾ کين زندگي تان هٿ کڻڻ سولو نظر اچي ٿو ۽ هو زندگيءَ تي موت کي ترجيح ڏين ٿا. اهڙو ئي هڪ واقعو ڪجهه مهينا پهريان رستم لڳ اقبال احمد پٽ ڪرم الله چني سان پيش آيو جيڪو بيماري جي علاج لاءِ هڪ معزز سيٺ کان وياج تي ورتل 25 هزار واپس نه ڪري سگهيو. وياج جي وڌندڙ رقم ۾ وياجي سندس ڳئون ڪاهي ويا. هن روز جي پريشانين کان تنگ ٿي جيت مار دوا پي خودڪشي ڪري ڇڏي. اهڙو ئي هڪ ٻيو مثال چڪ ڀرسان عبدو ويجهو رٽائر واپڊا ملازم جي بيواهه عورت سان به ٿيو، وياجين کان ورتل رقم واپس نه ڪرڻ تي وياجين جي ظلم کان تنگ اچي هن ڪارو پٿر کائي زندگيءَ جو ڏيئو اجهائي ڇڏيو. ٺل ۾ هڪ نوجوان وياجين جي ڌمڪين کان تنگ ٿي پنهجي حياتي تان ئي هٿ کڻي ڇڏيو جڏهن ته راڻيپور ويجهو وياج خورن ته هڪ نوجوان کي تشدد ڪري قتل ڪري ڇڏيو جن جي وارثن انصاف لاءِ لاش رکي ڌرڻو هنيو. وياج خوري جو ڪڌو ڪاروبار سنڌ ۾ بنا روڪ ٽوڪ پنهنجون پاڙون پختيون ڪري رهيو آهي، جڏهن وياج قانوني، اخلاقي ۽ مذهبي طور ڏوهه آهي ته پوءِ حڪومت کي فوري طور انهي ناسور جي خاتمي لاءِ ٺوس اپاءَ وٺڻ جي ضرورت آهي. ان حوالي سان نه صرف سخت قانون سازي ڪري سماجي آگاهي ڏيڻ جي ضرورت آهي پر ان ڳالھه جي به شديد ضرورت آھي ته پوليس ۽ ٻيا قانون لاڳو ڪندڙ ادارا پنهنجي موجودگيءَ جو احساس ڏيارين.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *