تازا ترين
  • *ڌرڻن دوران اڌ رات جو پيغام مليو ته استعيفيٰ ڏيو نه ته مارشلا لڳي سگهي ٿو، مون چيو استعيفيٰ نه ڏيندس، جيڪو ڪرڻو اٿو ڪيو: نواز شريف*سليڪٽيڊ وزيراعظم کي آڻيندڙ اصل ذميوار آهن، اليڪشن ۾ ڌانڌلي کي لکئي جو ليک سمجهي ماٺ ڪري نٿا ويهي سگهون*اڄ پارليامينٽ کي چونڊيل نمائندن بدران ڪو ٻيو هلائي رهيو آهي: نواز شريف جو لنڊن مان پارٽي جي سي اي سي کي وڊيو خطاب*
  • *نواز شريف هڪ ڀيرو ٻيهر گرفتاري وارنٽس وصول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو*
  • *اسان نواز شريف کي پورو موقعو ڏنو، جوابدار سڄي نظام کي شڪست ڏئي پرڏيهه هليو ويو: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ*هاڻي جوابدار ٻاهر ويهي کلندو هوندو ته ڪيئن سموري نظام کي دوکو ڏنو، هي انتهائي شرمناڪ رويو آهي*

سنڌي سماج جون هاڪاري اڳڀرايون

سماج جيئن ته انساني وجودن جو مجموعو هوندا آهن، تنهن ڪري انهن جي روين توڙي مسئلن تي به انساني خصلتون لاڳو ٿينديون آهن. جيئن انسان اگهو، سٺو، غافل، ڦڙت ۽ ڪمزور ٿيندو آهي، تيئن سماج به پنهنجي اجتماعي خاصيت ۾ اهڙا ٿي سگهن ٿا. جيئن ڪو انسان مڪمل طور خراب يا مڪمل طور سٺو نه هوندو آهي، ائين سماج اندر به ڪي ادارا، فرد يا اجتماعي رويا نه مڪمل طور سٺا هوندا آهن ۽ نه مڪمل طور خراب هوندا آهن. سنڌ جو سماج به ائين ڪمزور ۽ سگهارن پاسن جو مجموعو آهي، تنهن ڪري سنڌ جي سماجي جائزي وقت به انهن حقيقتن کي ذهن ۾ رکي تجزيو ڪرڻ گهرجي.
گذريل ستن ڏهاڪن دوران سنڌ ڪيترن ئي لاهن چاڙهن کي منهن ڏنو آهي. ورهاڱي وقت سگهاري ڪاروباري طبقي جي لڏي وڃڻ کانپوءِ سنڌ کي پنهنجي وجود بچائڻ جو سوال درپيش هو. ون يونٽ قائم ٿيڻ، ڪراچي الڳ ٿيڻ، شهرن ۾ ڪاروبار مان بيدخل ٿيڻ، سرڪاري شعبي ۾ نمائندگي نه هجڻ، زرخيز بئراجي زمينون کسجي وڃڻ، ٻوليءُ کي ختم ڪرڻ وارن قدمن، ڌاڙيلن وسيلي سماجي اوسر کي چٿڻ ۽ شهرن ۾ دهشتگرديءَ جي عذاب جهڙا ڪاپاري وار پچائي سنڌي سماج پنهنجا رستا ٺاهيا آهن ۽ سنڌ پنهنجي وجود کي نه رڳو سلامت رکيو آهي، پر ڪيترن ئي محاذن تي ته تمام وڏيون ٻرانگهون به ڀريون آهن. سنڌي سماج جي ان سگهه مان وڏو حوصلو ملي ٿو، ته ايندڙ وقت ۾ به سنڌ ۽ سنڌواسي پنهنجي وجود جي ويڙهه ۾ نيون اڳڀرايون ڪندا. جتي ڪيتريون ڳالهيون اسان کي مايوس ڪن ٿيون، اتي ڪيترائي هاڪاري پاسا ۽ اڳڀرايون سنڌي سماج جي سگهه کي به ظاهر ڪن ٿيون. مايوسين تي ته اثر ڪري اسان ڳالهائيندا رهندا آهيون، ڪجهه سنڌ جي سگهارن پاسن تي ڳالهائي حوصلو به حاصل ڪرڻ گهرجي. اهڙن ڪجهه اتساهيندڙ پاسن تي ڳالهه ٻولهه ڪيون ٿا.
ورهاڱي کان وٺي لڳاتار سنڌ ۾ ٻاهران ايندڙ آباديءَ سبب سنڌ جي اصلوڪن رهواسين کي عددي ٿورائتي ۾ بدلجڻ جو ڀئو رهيو آهي. 1997ع واري آدم ڳڻپ ۾ سنڌ اندر سنڌي ڳالهائيندڙ لڳ ڀڳ 60 سيڪڙو هئا. ٻن ڏهاڪن دوران خيبرپختونخوا، قبائلي علائقن ۽ ڏکڻ پنجاب جي مختلف علائقن مان وڏي انگ ۾ ماڻهو سنڌ منتقل ٿيا. 2017ع واري آدم ڳڻپ وقت وڏو اُلڪو هو ته سنڌي ڳالهائيندڙن جو سنڌ اندر سيڪڙو ٿورائي ۾ تبديل ٿيڻ جي ويجهو هوندو. آدم ڳڻپ جي نتيجن ظاهر ڪيو ته دراصل سنڌ اندر سنڌي ڳالهائيندڙن جو حصو هڪ سيڪڙو جي لڳ ڀڳ وڌيو آهي. سنڌ ۾ رهندڙ ڪيترن ئي پنجابي ۽ سرائيڪي ڳالهائيندڙن به آدم ڳڻپ ۾ پاڻ کي سنڌي ڳالهائيندڙ ڳڻايو. جيتوڻيڪ ان جو مطلب اهو هرگز ناهي ته ٻاهران ايندڙ آباديءَ تي اکيون ٻوٽي سک سان ويهي رهجي پر گهٽ ۾ گهٽ ان خوف مان نڪري سياسي حڪمت عمليون جوڙجن ته سنڌ ۾ سنڌي ڳالهائيندڙ عددي ٿورائيءَ ۾ بدلجي ويندا. سنڌ جي سياسي، ثقافتي ۽ سماجي سگهه جي نتيجي ۾ سنڌ اندر رهندڙ اهي لکين ماڻهو جن جي گهرن اندر سنڌي نه ٿي ڳالهائي وڃي، اهي به ثقافتي ۽ سياسي طور سنڌي ٿي سنڌ کي پنهنجو سمجهن ٿا ۽ وقت سان گڏ سنڌ جو حصو ٿي ان ۾ ثقافتي طور جذب ٿي ويا آهن. هاڻي انهن مان ڪيترن جي ته ٽين چوٿين پيڙهي گهرن ۾ به سنڌي ڳالهائي ٿي ۽ سندن سماجي ۽ معاشي ناتا به سنڌ سان سلهاڙجي چڪا آهن. 80 جي ڏهاڪي ۾ مارشل لا انتظاميا سنڌ ۾ رهندڙ پنجابي ڳالهائيندڙن جي هڪ حصي کان لساني شاگرد تنظيمون ٺهرائي ٻهراڙين ۾ سنڌين ۽ پنجابين ۾ ٽڪراءُ پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر سنڌ جي رهواسين انهن سازشن کي ٿُڏي ڇڏيو. 80ع ۽ 90ع جي ڏهاڪي ۾ ڪراچي ۽ حيدرآباد اندر ايم ڪيو ايم جي شڪل ۾ لساني رتوڇاڻ جي وڏي لهر پيدا ڪئي. 30 سيپٽمبر ۽ پهرين آڪٽوبر جهڙن خونريز واقعن ڪرائڻ جي باوجود اهي قوتون سنڌ ۾ سنڌي ۽ اردو ڳالهائيندڙن کي ڪنهن اهڙي انتها تائين کڻي نه وڃي سگهيون جتي ٻئي ڌريون گڏ رهڻ کان مستقل طور نابري واري ڇڏين. اهي سنڌي سماج جي اجتماعي سگهه جون هاڪاري نشانيون آهن. ورهاڱي وقت آباديءَ جي توازن ۾ نه رڳو وڏو ڦيرو آيو پر صوبي جي اهم شهرن ڪراچي، حيدرآباد، سکر، ميرپورخاص، نوابشاهه، ٽنڊو الهيار، سانگهڙ وغيره جا مارڪيٽ سنڌي ڳالهائيندڙ ڪاروبارين کان وانجها ٿي ويا. انهن شهرن جي ڪاروبارن ۾ واپار ۽ ڪاروبار ۾ ٻيون ٻوليون ڳالهائيندڙ اڳڀرا هئا. سنڌي ڳالهائيندڙ انهن شهرن ۾ رڳو واهپيدار/خريدار هوندا هئا. هاڻي انهن سمورن شهرن ۾ سنڌي ڳالهائيندڙ وڏي انگ ۾ ڪاروبار، واپار ۽ ٽرانسپورٽ جي شعبن ۾ نظر اچن ٿا. انهن شهرن ۾ ڪيترائي سنڌي ڳالهائيندڙ ٻيون ٻوليون ڳالهائيندڙ برادرين جي ماڻهن سان ڀائيواري ۾ به ڪاروبار/واپار ڪن ٿا. ان سان انهن شهرن جي مارڪيٽ توڙي آبادي ۽ سياست ۾ سنڌي ڳالهائيندڙن جو نمايان حصو اُسريو آهي. ان سان انهن شهرن ۾ لساني ويجهڙائپ ۾ بهتري ايندي ۽ ڪاروباري گڏيل مفاد سموريون ٻوليون ڳالهائيندڙن کي گڏيل عوامي حقن لاءِ گڏيل جدوجهد تي به آماده ڪندا. جيئن ڪالاباغ ڊيم جي معاملي تي سنڌ ۾ رهندڙ پنجابي ڳالهائيندڙ آبادگار سنڌي سياسي ڌرين سان گڏ بيهندا هئا ۽ افضل گجر پاڻيءَ واري جدوجهد ۾ ڌرتي ڌڻين سان هر احتجاج ۾ گڏ هوندو هو. ضلعي هيڊڪوارٽر وارن شهرن سان گڏ هاڻي سنڌي ڳالهائيندڙ رهواسي ڪراچي شهر اندر به مختلف شهري ڪاروبارن ۾ پير رکي چڪا آهن. ايندڙ ڪجهه سالن ۾ سنڌ اندر هڪ شهري ۽ نيم شهري ڪاروباري وچولو طبقو اڃا وڌيڪ سگهارو ٿيندو.
سنڌي ڳالهائيندڙ گهراڻن ۾ هڪ ٻي بهتر اڳڀرائي نوجوانن جي تعليم ۽ روزگار لاءِ ملڪ ۽ صوبي کان ٻاهر وڃڻ واري لاڙي جي صورت ۾ نظر اچي ٿي. ٻه ٽي ڏهاڪا اڳ تائين ٻهراڙين مان نوجوانن جو تعليم ۽ روزگار لاءِ ڳوٺ ڇڏڻ جو رواج گهٽ هو. هاڻي صورتحال ۾ تمام وڏو ڦيرو آيو آهي ۽ هر سال سوين سنڌي نوجوان اسڪالرشپس ۽ مائٽن جي مالي واهر سان ڪراچي، لاهور، اسلام آباد کان سواءِ يورپ، چين، آمريڪا ۽ ٻين ملڪن ڏانهن وڃي رهيا آهن. انهن ۾ ڇوڪريون پڻ شامل آهن. جتي ٻين قومن ۾ اهو لاڙو گهڻو آڳاٽو آهي. سنڌي ڳالهائيندڙ گهراڻن جي نوجوانن کي ٻهراڙين ۾ اهڙا موقعا ميسر نه هئا ۽ منجهن گهر ڇڏڻ جو لاڙو به ڪمزور هو. وڏن شهرن، ٻين صوبن ۽ ملڪن ڏانهن نڪرڻ سان نه رڳو دماغ جون دريون کُلن ٿيون پر اسريل سماجن جي گهاڙيٽي، حڪمراني ۽ سماجي روين کي ڏسي سوچ بدلجي ٿي پر معاشي سگهه به حاصل ٿئي ٿي. اهو لاڙو سنڌي نوجوانن ۾ نئون آهي پر ان جي رفتار تيز آهي. اهو عمل جيترو تيز ۽ سگهارو ٿيندو، سنڌي سماج اندر جمود ٽٽندو ۽ نواڻ ايندي.
ائين ئي سنڌي گهراڻن ۾ ڇوڪرين جي تعليم ۽ نوڪرين ڪرڻ وارو هاڪاري لاڙو به سگهارو ٿي رهيو آهي. سنڌي گهراڻن ۾ عورتن کي گهرن تائين محدود رکڻ جو رواج رهيو آهي. ٻه ٽي ڏهاڪا اڳ تائين ته ڇوڪرين جي پرائمري تعليم به عام نه هئي، ويجهڙ ۾ نيم شهري ۽ شهري علائقن ۾ ڇوڪريون نه رڳو وڏي انگ ۾ ڪاليجن ۽ يونيورسٽين تائين پهتيون آهن، پر هاڻي انهن مان ڪيتريون ئي ڇوڪريون ٻين صوبن ۽ ملڪن ۾ پڙهڻ ۽ روزگار لاءِ وڃڻ لڳيون آهن. ان لاڙي جي رفتار اڃا به ڍري آهي پر اهو وقت سان سگهارو ٿي رهيو آهي. زائفائون آبادي جو اڌ حصو آهن ۽ انهن کي روايتن جي آڙ ۾ گهرن تائين محدود ڪرڻ سان اڌ سنڌ ڄڻ ته گهرن ۾ واڙيل آهي ۽ کين ان پورهئي لاءِ ذميوار ڪيو آهي، جيڪو نه جي ڊي پي ۾ ڳڻجي ٿو ۽ نه ئي سماج ان کي پيداواري پورهئي ۾ ڳڻڻ لاءِ تيار آهي. ويتر مائين مٿان جسماني ۽ ذهني تشدد غيرت ۽ عزت جي نالي تي مرداڻي شان جو حصو بڻائي اڌ آبادي کي عملي طور مفلوج ڪيو ويو آهي. مذهب جي غلط تشريحن ۽ روايتن جي ٺيڪيداري جي ٽڪساٽ جو اهو دور پڄاڻي ڏانهن وڌي رهيو آهي. سنڌي عورت سماجي ۽ معاشي طور جيتري بااختيار ۽ باعمل ٿيندي. سنڌي سماج جي گهاڙيٽي ۾ بنيادي تبديلي ايندي، سوچ جا بنياد بدلجندا ۽ سماج معاشي طور به سگهارو ٿيندو. اها هڪ هاڪاري تبديلي آهي جيڪا سنڌ جي مجموعي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي.
سنڌ ۾ روز مره جي معاملن تي عوامي پڇاڻي جو لاڙو سگهارو ٿي رهيو آهي، جنهن جو وڏو پليٽ فارم سنڌي اخبارون، ٽي وي چينلز ۽ سوشل ميڊيا آهي. روز مره جي زندگي ۾ عوامي مسئلن، ماڻهن سان گهر، گهٽي ۽ پاڙي يا ڳوٺ جي سطح تي ٿيندڙ ڏاڍاين، سرڪاري ۽ خانگي ادارن جي رٿائن تي سوشل ميڊيا وسيلي عام ماڻهو سوال جواب ڪرڻ لڳو آهي. ان عمل ۾ اڃا ڪيتريون ئي ڪمزوريون آهن، ٻڌ سڌ تي بحث ڪرڻ سبب ڪيترين ئي غلط ڳالهين کي به پکيڙيو وڃي ٿو ۽ ڪيترائي ماڻهو ان سگهه جو اجايو ۽ غلط استعمال به ڪن ٿا. نئين ميڊيا جي شروعات ۾ اهي سڀ مسئلا سامهون ايندا آهن ۽ انهن کي وقت ۽ حالتون سڌاريندا آهن. مجموعي طور اهو لاڙو هاڪاري آهي. ان جو هڪ ويجهو مثال ڪوڙن ڊوميسائلن ۽ پي آر سيز خلاف عوامي مهم آهي. سوشل ميڊيا تي ڪيترائي ماڻهو نهايت ڪارائتي ڄاڻ به ونڊين ٿا. ڪيترن عملي ۽ عوامي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ به ٿئي ٿي، جنهن سان سوچ جون نيون ڌارائون جنم وٺن ٿيون. انهن فورمز جي استعمال ۾ جيئن جيئن ذميواراڻو رويو سگهارو ٿيندو، سماج ۾ نيون اڳڀرايون جنم وٺنديون. جمود جون قوتون ڏينهو ڏينهن ڪمزور ٿينديون ۽ عوامي پُڇاڻو سگهارو ٿيندو.
سنڌي سماج ۾ هڪ ٻيو هاڪاري لاڙو ٽيڪنالاجي جي استعمال ۾ واڌ آهي. جيتوڻيڪ اهو لاڙو به اڃا شروعاتي وکون کڻي رهيو آهي، پر پنهنجي جوهر ۾ هاڪاري آهي. سمارٽ فونز هاڻي رڳو سماجي رابطن ۽ وندر جي استعمال تائين محدود ناهن، ڪيترائي نوجوان ان کي تعليم، ريسرچ ۽ ڪاروبارن لاءِ به استعمال ڪري رهيا آهن. زندگي جي هر شعبي ۾ ٽيڪنالاجي جو واهپو ان تي دارومدار وڌي رهيو آهي. کاڌو ۽ سواري آرڊر ڪرڻ کان وٺي آن لائين تعليم ۽ ڪاروبار عام ٿي رهيو آهي. وڏن ۽ وچولن شهرن ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي روز مرهه جي گُهرجن جي پورائي سان گڏ روزگار جو به ذريعو بڻجي رهي آهي. درحقيقت انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ مهارت رکندڙ نوجوان رواجي نوڪرين واري ڊوڙ کان گهڻو اڳتي نڪري ويا آهن. درن جا ڌِڪا کائڻ کان به آجا آهن. اُسريل ملڪن/سماجن ۾ ته انفارميشن ٽيڪنالاجي کانسواءِ زندگي جو تصور غارن جي دور جهڙو آهي. بدقسمتي سان سنڌ ۾ ان شعبي اندر معياري تعليمي ادارن ۽ ان کي هٿي ڏيندڙ انفرااسٽرڪچر جي گهٽتائي آهي، پر وڌيڪ ڌيان ڏيڻ تي مجبور ٿينديون. خانگي شعبو پڻ ان پاسي وڌيڪ سيڙپڪاري ڪندو. ان اوسر جي نئين لهر کان سنڌ به پاسيري نه رهندي. سنڌي نوجوان ان شعبي ۾ جيترو اڳتي نڪرندا، سماج ۾ نه رڳو سائنسي سوچ سگهاري ٿيندي پر سماجي ۽ معاشي اوسر جون راهون پڻ کلنديون.
سنڌي سماج جي هڪ ٻي هاڪاري اڳڀرائي سرڪاري شعبي سان گڏ خانگي شعبي جي روزگار ڏانهن لاڙو رکڻ آهي. ڏهاڪن تائين سنڌي نوجوانن جو خواب سرڪاري نوڪري رهيو آهي. ان خواب جي پٺيان به خواهش گهٽ ڪم، رشوت جي ڪمائي ۽ اختيارن جو داٻو ڪرڻ آهي. ستر جي ڏهاڪي وقت سنڌين جي سرڪاري شعبي ۾ نمائندگي ايتري گهٽ هئي، جو ان وقت ڀٽي صاحب پاران ڪوٽا سسٽم کي آئيني تحفظ ڏيڻ جي نتيجي ۾ سنڌين جو چڱو موچارو انگ سرڪاري شعبي جي نوڪرين ۾ داخل ٿيو. وقت سان گڏ هر سنڌي نوجوان جي زندگي جي سڀ کان وڏي حاصلات سرڪاري نوڪري ماڻڻ بڻجي پئي. نتيجو اهو نڪتو جو سنڌي نوجوانن خانگي شعبي جي نوڪري کي روزگار سمجهڻ ئي ڇڏي ڏنو. پنجابي ۽ اردو ڳالهائيندڙن سرڪاري نوڪرين سان گڏ خانگي شعبي ڏانهن ڀرپور لاڙو رکيو. انهن ۾ اڪثر نوجوان بزنس اسڪولز، انجنيئرنگ، بينڪنگ، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ خانگي مارڪيٽ جي ٻين شعبن ڏانهن لاڙو رکيو. انهن شعبن ۾ نه رڳو تمام وڏو ڪيريئر موجود آهي، پر اتي مهارت، چٽاڀيٽي ۽ اوسر جا جيڪي موقعا آهن، اهي سرڪاري شعبي ۾ ممڪن ئي ناهن. سرڪاري صاحب پگهار ۽ رشوت جي ڪمائي سان جيترو سال ۾ ڪمائيندا آهن اوترو خانگي شعبي جا ايگزيڪيوٽوز هڪ ٻن مهينن ۾ حق حلال جي پورهئي طور ڪمائي وٺندا آهن. ويجهي ماضي ۾ سنڌي نوجوانن هوريان هوريان ان شعبي ڏانهن لاڙو رکيو آهي. ان سان بيروزگاري به گهٽجندي ته سماجي روين ۾ به وڏي نواڻ ايندي. سنڌي نوجوان شارٽ ڪٽ، وڏيرن جي منٿ ميڙ ۽ رشوت واري جمود مان جان ڇڏائيندو.
هڪ ٻي اهم ڳالهه اها آهي ته سنڌ اندر اها سماجي ۽ معاشي اوسر سنڌ جي سياسي حقن واري سوچ کان وانجهي ناهي. ان سڄي نواڻ جو حصو بڻجندڙ ماڻهن جي هڪ وڏي گهڻائي سنڌ جي سياسي، معاشي ۽ سماجي ترقي سان ذهني طور سلهاڙيل آهي. سنڌ جا ماڻهو انتهاپسندي، دهشتگردي، ڪرپشن ۽ آئيني حقن جي پائمالي وارن معاملن تي به ساڳي طرح سجاڳ آهن ۽ انهن نئين اڳڀراين کي سنڌ جي حقن ۽ مجموعي ترقي سان ڳانڍاپين ٿا. جتي سنڌي سماج ۾ ڪيتريون ئي اوڻايون آهن ۽ ڪڏهن ڪڏهن ڪي واقعا مايوسي به پکيڙن ٿا اتي سنڌي سماج پنهنجي اندروني سگهه برقرار رکندي تازي پاڻي جي وهڪري جيان پنهنجون گذرگاهون به پيدا ڪري رهيو آهي. مجموعي طور سنڌي سماج جا ڪيترائي هاڪاري لاڙا اها اميد ڏين ٿا ته سنڌ اڄوڪي دور جي چيلينجز کي به منهن ڏيندي ۽ پنهنجي اجري آئيندي جي اڏاوت لاءِ ٻرانگهون پڻ ڀريندي رهندي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *