تازا ترين
  • *ڪراچي: وڏي وزير مراد علي شاهه شير شاهه ۾عمارت ڪرڻ واري واقعي جو نوٽيس ورتو *وڏي وزير پاران ڪمشنر ڪراچي کي فوري طور انتظاميه کي متحرڪ ڪرڻ جي هدايت *ڪوشش ڪئي وڃي ته سمورن مزدورن جون حياتيون بچايون وڃن: وڏو وزير مراد علي شاهه*
  • *ٽنڊو غلام حيدر جي مختلف علائقن مان برسات ۽ گهارن جو پاڻي نيڪال نه ٿيو، رهواسي عذاب ۾ مبتلا *مويا نظرپور، ڏندو، حاجي صوڀو خان چانڊيو سميت 8 يوسيز جي ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ پاڻي بيٺل پاڻي نيڪال نه ٿيڻ سبب مليريا، گيسٽرو ۽ ٻين بيماريون منهن ڪڍيو، ڪيترائي ڳوٺاڻا اسپتال ڀيڙا*
  • *سپريم ڪورٽ ۾ ذهني مريض قيدي جي موت واري سزا روڪڻ لاءِ اپيل تي ٻڌڻي *عدالت جوابدار غلام عباس جي طبي چڪاس لاءِ ميڊيڪل بورڊ جوڙي ڇڏيو *ميڊيڪل بورڊ کي طبي چڪاس ڪري ٽن هفتن اندر رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم*
  • *ٽنڊو غلام حيدر ۾ ڳوٺاڻن جو برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ تي ٻارڙن کي پوليو جا ڦڙا پيئارڻ کان انڪار *ڳوٺ مير محمد لاشاري جي رهواسين برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف احتجاج ڪيو *ڳوٺ مان پاڻي نيڪال ڪرايو وڃي ٻي صورت ۾ ٻارڙن کي پوليو جا ڦڙا نه پيئارينداسين: ڳوٺاڻا*
  • *ٽنڊو ڄام زرعي يونيورسٽي ۽ وٽرنري يونيورسٽي سڪرنڊ ۾ وقتي وائيس چانسلرز جي مقرري *پروفيسر ڊاڪٽر ظهير الدين ميراڻي زرعي يونيورسٽي ٽنڊو ڄام جو وقتي وائيس چانسلر مقرر *احمد سلطان جتوئي وٽرنري يونيورسٽي سڪرنڊ جو وقتي وائيس چانسلر مقرر، نوٽيفڪيشن جاري*
  • *آصف زرداري ۽ نواز شريف هڪ ٻئي تي الزام لڳائيندا رهيا هاڻي گڏ ويٺا آھن: خرم شير زمان *بلاول جي تقرير مان لڳي پيو ته پاڪستان خلاف تحريڪ هلائڻ وڃن پيا: خرم شيرزمان *جيڪڏھن کين تحريڪ هلائڻي آھي ته ڪراچي ۽ لاڙڪاڻي کان شروع ڇو نٿا ڪن: خرم شير زمان*
  • *ڪراچي: دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ انسپيڪٽر ناصر الحسن جي ٽارگيٽ ڪلنگ بابت ڪيس تي ٻڌڻي *ڏوهه ثابت نه ٿيڻ تي عدالت 5 جوابدارن کي بري ڪري ڇڏيو *اکين ڏٺن شاهدن جي تڪراري بيان جي ڪري ڏوهه ثابت نه ٿي سگهيو آهي: پوليس *
  • * ڪراچي: ميٽرڪ بورڊ شاگردن جي امتحان جا نتيجا پڌرا ڪري ڇڏيا *ڪراچي: ميٽرڪ بورڊ سائنس گروپ جي نتيجن جو اعلان ڪري ڇڏيو *ڪراچي: هڪ لک 68 هزار 880 شاگرد امتحان ۾ ڪامياب قرار*
  • *ڪشمور ويجهو سڱاوتي تڪرار تان هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل، واٽهڙو پيرسن زخمي *هٿياربندن جي فائرنگ ۾ عيد گاهه واسي علي گل سولنگي ۽ واٽھڙو پيرسن شاھمور خالدي زخمي ٿي پيا *زخمي سول اسپتال منتقل، نوجوان کي رحيم يار خان نيو پئي ويو ته رستي ۾ دم ڌڻي حوالي ڪيائين *مورزادو جکراڻي ۽ ڏاڏو جکراڻي نوجوان کي قتل ڪيو، قاتل گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي: وارث *
  • *محرابپور ويجهو نوجوان بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت *ڳوٺ ولي آباد ۾ علي ولد رمضان آرائين پکي مان ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿي ويو *
  • *سپريم ڪورٽ ۾ سرڪاري زمين تي پيٽرول پمپس ليز تي ڏيڻ بابت پاڻمرادو نوٽيس تي ٻڌڻي *عدالت ڪمشنر فيصل آباد پاران پيش ڪيل رپورٽ رد ڪري ڇڏي *سپريم ڪورٽ پاران ايندڙ ٻڌڻي تي ڪمشنر فيصل آباد کي ذاتي حيثيت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم *حڪم تي عمل نه ٿيو ته ڪمشنر ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر ٻئي جيل ويندا: سپريم ڪورٽ*
  • *سڪرنڊ ۾ آل پارٽيز الائينس جي سڏ تي بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ خلاف احتجاجي ريلي *مظاهرين صحافي چوڪ کان ريلي ڪڍي حيسڪو آفيس جي گيٽ آڏو ڌرڻو هنيو، ڇتي نعريبازي *سڪرنڊ ۽ ڀرپاسي ۾ 16کان18 ڪلاڪ بجلي جي لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي: مظاهرين *
  • *ڪراچي: سهراب ڳوٺ وٽ پوليس ۽ ڏوهارين وچ ۾ مبينا مقابلو، 2 ڦورو زخمي حالت ۾ گرفتار *موٽر سائيڪل تي سوار ٽن جوابدارن ڦر جي ڪوشش ڪئي ته پوليس پهتي: پوليس *مقابلي ۾ زخمي ٿيل ڦورو فيروز اسپتال ۾ علاج دوران فوت ٿي ويو: پوليس *
  • *ڪراچي: شرافي ڳوٺ ۾ نجي ڪمپني جي لاڪرز مان چوري ڪندڙ جوابدار گرفتار *جوابدار لاڪرز ٽوڙي نجي ڪمپني جا 6 لک رپيا چوري ڪيا هئا: پوليس *سي سي ٽي وي فوٽيجز ۾ هڪ جوابدار ڪمپني اندر نظر آيو آهي: پوليس*
  • *رائونتي ۾ ڳوٺاڻن جو بنيادي سهولتن جي کوٽ خلاف احتجاجي ريلي، ڌرڻو *مختلف ڳوٺن جي رهواسين احتجاجي ريلي ڪڍي اي سي آفيس اوٻاوڙو آڏو ڌرڻو هنيو، نعريبازي *ڳوٺن ۾ اسڪول، پڪن روڊن ۽ اسپتال جهڙي جهڙي ڪا به سهولت نه آهي: ڳوٺاڻا*

سمنڊ ۾ ڇوڙ ٿيندڙ پاڻي زيان نه پر درياهن ۽ ڊيلٽا جو حق آهي

اسان جي ملڪ ۾ گذريل ڪيترن ئي سالن کان وفاقي ۽ پنجاب جا حڪمران، آبپاشي ماهر ۽ نام نهاد قومي ميڊيا لڳاتار اها هاءِ گھوڙاڪري رهي آهي ته، سنڌو درياءَ جو پاڻي سمنڊ ۾ ضايع ٿيڻ جي ڪري هر سال ملڪ کي 21 ارب روپين جو نقصان ٿي رهيو آهي. ان ڪري سنڌو درياءَ تي ڀاشا ۽ ڪالاباغ ڊيم سميت سمورا ڊيم ٺاهيا وڃن، ته جيئن سنڌوءَ جي پاڻيءَجو هڪڙو ڦڙو به سمنڊ ۽ ڊيلٽا ۾ وڃي نه سگھي. ان جي آڙ ۾ وفاقي حڪمران، ايوانن ۽ ايوانن کان ٻاهر هميشه ڊيم ٺاهڻ جي لاءِ راھ هموار ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا رهيا آهن.ان کانسواءِ پرنٽ، اليڪٽرانڪ ۽ سوشل ميڊيا وسيلي به اها پروپيگنڊا ڪري رهيا آهن ته جيڪڏهن ملڪ ۾ ڀاشا ۽ ڪالاباغ ڊيم سميت سمورا ڊيم نه ٺاهيا ويا ته ملڪ تباھ ٿي ويندو. ايستائين جو هن ملڪ جي عوام کي انصاف ڏيندڙ اداري سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس جي هٿان پڻ ڊيم ٺاهڻ جي مهم هلرائي وئي ۽ جنهن جي لاءِ چندو به گڏ ڪيو ويو هو. آئون سمجهان ٿو ته سپريم ڪورٽ جي اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار پنهنجي ان عمل سان سنڌو درياءَ جي قدرتي وهڪرن سان هڪ جوڊيشل هٿ چراند ڪئي هئي. اوهان کي ٻڌائيندو هلان ته نوازشريف جي دور ۾ وفاق پاران جوڙيل پاڻي جي قومي پاليسي ۾ به اهو ذڪر ڪيو ويو آهي ته سراسري هر سال سنڌو درياءَ جو 25 ملين ايڪڙ فٽ پاڻي سمنڊ ۾ ضايع پيو ٿئي. ان کان علاوه تازوعمران خان جي وفاقي حڪومت به سنڌو درياءَ جي وهڪرن کي وڌيڪ قابو ڪرڻ جي نيت سان واٽر سڪيورٽي پروجيڪٽس جي نالي ۾ سنڌوءَ جي سرشتي تي ديامير ڀاشا ڊيم ۽ سنڌ بيراج سميت 15 ڊيم ٺاهڻ جو غيرجمهوري ۽ ماحوليات دُشمن فيصلو ڪيو آهي.
جيڪڏهن پاڻ ڊيمن جي سياست جو جائزو وٺنداسين ته ڄاڻ پوندي ته،ڊيمن جي نقصانن ۽ عوام جي ڀروسي کي ڇيهو رسائڻ ۽ ڪن حالتن ۾ فنڊز جي گهٽتائي باوجود ڊيمن جي حامي لابي ڊيم ٺاهڻ کان ٿورڙو به پوئتي نه ٿي هٽي. پاڪستان سميت دنيا جي هر ملڪ ۾ پاڻي ۽ توانائي جا ادارا (Water and Energy Agencies) ۽ ڊيمن جا حامي انجنيئر ۽ آبپاشي ماهر پاڻ ۾ ٻٽ ٿي ڊيم ٺاهڻ جي رٿابندي ۾ رڌل آهن. اوهان جي ڄاڻ ۾ آءُ اهو به واڌارو ڪرڻ ٿو چاهيان ته سڄي دنيا جا سياستدان ڊيم حامي ادارن لاءِ وڏي پيماني تي عوام دشمن ۽ ماحوليات دشمن وڏين رٿائن لاءِ رقمون (Funds) حاصل ڪري ڏيندا آهن ۽ پنهنجن حلقن مان اليڪشن کٽڻ لاءِ اهڙي قسم جا ميگا پروجيڪٽس آڻي پنهنجي ووٽرن کي راضي ڪندا آهن. عالمي ادارا جهڙوڪ: انٽرنيشنل هائيڊرو پاور ايسوسيئيشن، انٽرنيشنل ڪميشن آن لارج ڊيمس (ICOLD)، انٽرنيشنل ڪميشن آن اريگيشن اينڊ ڊرينيج ۽ ورلڊ واٽر ڪائونسل پنهنجي ڊيم انڊسٽري جي ساک کي بحال رکڻ لاءِ ۽ ڊونرز ۽ سياستدانن جي پيروي ۽ انهن جي ترغيب لاءِ ڊيم انڊسٽري کي فروغ ڏيڻ لاءِ پنهنجي ڀرپورڪوشش ڪندا آهن. گڏوگڏ اهو ڊپ پڻ پيدا ڪندا آهن ته جيڪڏهن دنيا ۾ ڊيم ۽ آبي ذخيرا نه ٺهيا ته دنيا ۾ بک، بدحالي ۽ پاڻيءَ تي جنگ (Water War) جو خدشو وڌي ويندو. ساڳي طرح پاڪستان ۾ به اسان جا حڪمران ۽ نام نهاد پاڻي ماهر پاڪستاني عوام ۾ اهو ڊپ پکيڙين ٿا ته جيڪڏهن ڪالاباغ ۽ ڀاشاڊيم نه ٺهيا ته ملڪ تباهه ٿي ويندو.
اها هڪ قدرتي حقيقت آهي ته دريائن، ڍنڍن، پاڻي جي قدرتي ذخيرن، هوا، گليشئرن ۽ جهرڻن کي پنهنجي وسيع ماحولياتي سرشتي ۾ وجود رکڻ، بچا ڪرڻ، برقرار رکڻ، حفاظت ڪرڻ جو حق آهي. اها ڳالھھ به ذهن ۾ رکو ته درياءَ رڳو پاڻي جا قدرتي ذخيرا نه آهن، بلڪ اهي سائنسي ۽ بائيولاجيڪل طور زنده هستيون آهن. اهو سچ آهي ته درياءُ، ڍنڍون، پاڻي جا قدرتي ذخيرا، هوا، گليشئر، جهرڻا ۽ انسان مجموعي طور پاڻ ۾ ڳنڊيل ۽ جڙيل آهن ۽ انهن کي هڪٻئي کان قطعي الگ نٿوڪري سگھجي. ان ڪري پاڻ دريائن کي اُن وقت تائين مڪمل زنده درياءَ نٿا چئي سگھون، جيستائين درياءَ گليشئر کان سمنڊ تائين برقرار نٿا رهي سگھن. اها حقيقت آهي ته سموري ڌرتي دريائن جي طاس ۽ واٽر شيڊس سان ڳنڊيل آهي ۽ سموري ڌرتي کي دريائن جا پاڻي ٺاهيندا آهن جيڪو اُن جي ذريعي وهندو آهي. حقيقت ۾ درياءَ ڌرتي سان جڙيل هڪ اهڙو حصو آهي، جنهن کي پاڻ لينڊ اسڪيپ وانگي ريور اسڪيپ چئون ته مناسب ٿيندو.
تاريخي طور ڏٺو ويو آهي ته پوري دنيا ۾ واٽر بيوروڪريسي هميشه پاڻ کي آبپاشي جو جڳن ناٿ سمجهيو آهي ۽ دريائن کي هميشه انجينئر جي اک سان ڏسندا آهن. جنهن جي ڪري انهن ماڻهن، دريائن جي آزاد وهڪري لاءِ ڏنل سڌارن کي هميشه مسترد ڪيو آهي. جيئن اسان جي ملڪ جي آبپاشي جي جڳن ناٿ عوام جي راءِ کي سدائين مسترد ڪندي هميشه اها پروپگينڊا ڪئي آهي ته سنڌو سرشتي تي ڪالاباغ سميت سمورا ڊيم نه ٺهڻ جي ڪري درياءَ جو پاڻي سمنڊ ۾ ضايع ٿي رهيو آهي. جنهن جي ڪري هر سال ملڪ کي وڏو معاشي نقصان ٿي رهيو آهي. ان کانسواءِ اسان جي ملڪ جا حڪمران ۽ واٽر بيورو ڪريسي، دريائي ۽ ڊيلٽا واسين، پاڻي ايڪٽوسٽ، ساڃاوندھ ۽ ماحولياتي اڳواڻن جي اها ڳالهه مڃڻ لاءِ تيار نه آهن ته سنڌو درياءَ جو پاڻي درياءَ جي آخري منزل پڇڙي ۽ سمنڊ ۾ ڇوڙڪرڻ زيان نه پر درياءَ ۽ سمنڊ جو قدرتي حق ۽ ضرورت آهي. پاڻ وفاق ۽ آبپاشي جي جڳن ناٿ کي ٻڌائڻ ٿا چاهيون ته اوهان جيڪي دريائن کي ڊيمن جي پويان قيد ڪري سمنڊ ۾ ويندڙ تازي پاڻي جي وهڪرن ۾ ڪٽ لڳائي رهيا آهيو، اهو اصل ۾ اوهان دريائن جي حياتي ۽ دريائن سان جڙيل ٻين حياتين کي ڪٽ لڳائي رهيا آهيو.
اسان جي حڪمرانن ۽ واٽر بيوروڪريسي کي اها خبر هئڻ گھرجي ته دريائن جو وهندڙ پاڻي هڪ طاقتور توانائي جو ذريعو هوندو آهي. وهندڙ درياءَ حقيقت ۾ نامياتي حياتين کي حد کان وڌيڪ توانائي مهيا ڪندو آهي، ته جيئن اهي ارتقا ڪري تمام وڏي عرصي تائين درياءَ سان گڏ جڙيل هجن. هڪڙي درياءَ کي ڊيم ۾ قابو ڪرڻ جو مطلب آهي درياءَ جي وهندڙ طاقتور توانائي کي قيد ڪرڻ، جيڪو اصل ۾ ڊائون اسٽريم ۽ ڊيلٽا ۾ موجود تمام گھڻين حياتين جي لاءِ موت جي سزا ثابت ٿيندو آهي. ان کانسواءِ ڊائون اسٽريم ۽ انسانن سميت ڊيلٽا جي سموري زندگي، جانور، جهنگلي جيوت، مڇي، جيت جڻيا، پکي پکڻ، تمر ۽ دريائي ٻيلا،ٻوٽن ۽ ڍنڍن کي برقرار رکڻ ۽ اُنهن جي واڌ ويجھه ڪرڻ وارو هي قديمي زندگي جو سرشتو ڪمزورٿي مڪمل تباھ ٿي ويندو.
پاڻ کي دنيا جي طاقتور قوتن ۽ واٽر بيورو ڪريسي جي سياست کي سمجهڻ لاءِ ضروري آهي ته پاڻ درياءَ جي پڇڙي ۽ ڊيلٽا کي سمجهون. دريائي ڊيلٽا دراصل درياءَ جو هيٺائين ميداني علائقو ۽ زميني سطحي جي قدرتي ساخت آهي، جيڪا درياءَ جي پڇڙي ۾ جت درياءَ سمنڊ يا ٻي پاڻي جي ذخيري ۾ ڇوڙڪندو آهي. ڊيلٽا در اصل دريائي وهڪري ۽ سامونڊي سرشتي جي باهمي عمل جو نتيجو آهي. ان کان علاوه ڊيلٽا هر ان جڳھه تي وجود ۾ ايندا آهن جت دريائي وهڪرو کليل تانگهي پاڻي ۾ ڇوڙڪندو آهي. درياءَ جي هيٺين حصي يا درياءَ جي پڇاڙ کي ڊيلٽا چئبو آهي. درياءَ جي پڇاڙ واري علائقي ۾ درياءَ جو وهڪرو آهستي هجي ٿو ۽ ڦهلجي شاهوڪار خشڪ سلٽ وارو علائقو ٺاهي ٿو. ان کان علاوه آب گاهن جي حياتيءَ کي بچائي ٿو. ڊيلٽا انسانن جي سرگرمين، مڇي ۽ ٻين جهنگلي جيوت لاءِ تمام گھڻو ضروري هوندو آهي ڇو ته ڊيلٽا زرخيز مٽي ۽ وڏي پيماني تي وڻڪاري ۽ نباتاتي جيوت جو قدرتي آماجگاھ آهي. دريائي ڊيلٽا جي زرخيزي انسانن لاءِ هزارين سالن کان تمام گهڻي اهم رهي آهي.گهڻوڪري قديمي تهذيبن جو جنم به انهن ڊيلٽائن ۾ ٿيو آهي. جيئن درياءَ نيل، سنڌو درياءَ، دجله ۽ فرات نديون جنهن سان ماڻهو گڏ رهندا هئا ۽ سکندا هئا ته ڪيئن ڊيلٽا جي سيلابي چڪر سان گڏ حياتي گذارجي. جيئن ته ڊيلٽا ڌرتي تي تمام اهم رنگين حياتياتي نظام آهي ان ڪري اهو ضروري آهي ته اهي صحتمند رهن ته جيئن نباتات، جانورن، جهنگلي جيوت، ڪيڙن ۽ مڇي کي مضبوط فطري آماجگاھ مهيا ڪن جيڪي انهن ۾ جيئرا رهي سگهن. ان کانسواءِ ڊيلٽا جي حياتياتي رنگارنگي ۽ آب گاهون يا ڍنڍون طوفانن ۽ آفتن کان بچاءُ مهيا ڪنديون آهن.
منهنجي خيال ۾ دريائن کي ڊيمن ۾ قابو ڪرڻ جي خواهشمند ڪاموراشاهي، اسٽيبلشمينٽ ۽ ماهرن کي شايد اها خبر نه آهي ته پوري دنيا جي ڌرتي تي جيترو مينهن وسندو آهي، اُن وسندڙ مينهن جو وڏو حصو سمنڊ تي ئي وسندو آهي. ته ڊيم حامي لابي کي اهو چوڻ گھرجي ته مينهنءَ جو پاڻي سمنڊ ۾ زيان پيو ٿئي، تنهنڪري مٿي آسمان تي ڊيم ٺاهيا وڃن ۽ مينهنءَ جي پاڻيءَ کي آسمان تي ڊيمن ۾ قابو ڪيو وڃي. ان مافيا کي شايد واٽر سائڪل جي فلسفي جو پتو نه آهي ته جيترو مينهن جو پاڻي زمين تي وسندو آهي اهو زمين تي پنهنجو فطري ۽ ماحولياتي ڪم ڪري واپس ٻاڦ بڻجي واٽر سائڪل جو حصو بڻجيو وڃي. اهڙي ريت مينهنءَ جو پاڻي جيترو سمنڊ تي وسندو آهي ۽ دريائن جو پاڻي جيترو سمنڊ ۾ ڇوڙڪندو آهي، جيڪي پنهنجو سمنڊ ۾ قدرتي ۽ ماحولياتي ڪم سرانجام ڏئي واپس واٽر سائڪل جو حصو بڻجي ويندو آهي، اها هڪ قدرتي چڪر (Cycle) آهي جيڪو هلندو رهندو آهي. تنهنڪري دريائن جو سمنڊ ۾ ڇوڙڪرڻ زيان نه بلڪ اهو دريائن ۽ سمنڊ جو قدرتي حق آهي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *