تازا ترين
  • *لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ مني لانڊرنگ ڪيس ۾ ضمانت درخواست تي ٻڌڻي دوران اپوزيشن ليڊر شهباز شريف پيش*
  • *نوري آباد سانحي جي وڌيڪ ٻن زخمين دم ڏئي ڇڏيو*فوتين جِي سڃاڻپ لاءِ ڊي اين اي نمونا وٺڻ بعد لاش ايڌي سرد خاني منتقل*
  • *ميگا مني لانڊرنگ ريفرنس ۾ اڳوڻي صدر آصف زرداري، فريال ٽالپر، عبدالغني مجيد ۽ ٻين جوابدارن تي فرد جرم لاڳو*

سماج ۾ نظر انداز ٿيل خواجه سرا !

ڪورونا دنيا جي معيشت ، سياست سماجيات سميت انساني زندگي جي رهڻي ڪهڻي تي انتهائي گهرا اثر ڇڏيا آهن ، ڪورونا جلد ختم به ٿي وڃي تڏهن به ان جو اثر ڪافي عرصي تائين رهندو .
معاشي حوالي سان عالمي بينڪ موجب دنيا سو سالن جي بدترين بحران م ورتل آهي ان بحران تي پهرين ۽ ٻي دنيا جا ملڪ شايد ضابطو ڪري به وڃن پر ٽين دنيا جا ملڪ جيڪي اڳ ئي معاشي حوالي سان عالمي ادارن جي رحم ۽ ڪرم تي آهن انهن جي معاشي صورتحال انتهائي خراب آهي . پاڪستان جهڙا ملڪ جيڪي قرضن ۾ ورتل آهن انهن لاءِ هر ايندڙ ڏينهن پهرين ڏينهن کان وڌيڪ بدتر ثابت ٿئي ٿو . ڪورونا جنهن انساني روين ۾ تمام وڏي تبديلي آندي آهي اتي سماج جو اهو طبقو جيڪو ڪورونا کان اڳ به نظرانداز ٿيل هو بلڪه اسان جي روين جو بدترين شڪار هو، اهو هن وقت وڌيڪ ڀوڳي رهيو آهي. اهي جيڪي اڄ ايڪويهين صدي ۾ به پاڻ کي انسان تسليم ڪرائڻ لاءِ ڪوشان آهن عام ماڻهو کين انسان ئي نه ٿا سمجهن سي خواجه سرا آهن . پاڪستان ۾ تقريين 12 لک خواجه سرا رهن ٿا صرف ڪراچي ۾ انهن جو تعداد لک ڀڳ هڪ لک جي آهي . خواجه سرائن جي سرڪاري نوڪرين ۾ ڪوٽا 0.5 سيڪڙو مقرر ڪيل آهي پر ان تي ڪڏهن به عمل ناهي ٿيو. جنهن ڪري خواجه سرا شادين ۽ خوشين جي موقعن تي محفلون سجائي ، روڊن ۽ بنگلن تي خيرات وٺي پنهنجو گذر سفر ڪندا رهندا آهن . ڪروونا ۽ لاڪ ڊائون جي ڪري انهن جو گذر سفر مشڪل ٿي ويو آهي ۽ ماڻهو خوشي جي موقعي تي کين گهرائين نه ٿا ۽ ڪاروبار بند هجڻ سبب کين خيرات وٺڻ ۾ ڏکيائي پيش اچي ٿي. خواجه سرا اڪثر ڪري شهرن جي ڪچي آبادين ۾ رهن ٿا ان جو هڪ سبب اهو آهي ته انهن کي مسواڙي گھر نٿا ملن ڇو جو سماج جي اڪثريت انهن جي رهڻي ڪهڻي مان ناخوش آهي ۽ کين بهتر نٿي سمجهي تنهن ڪري خواجه سرا گڏ رهندا آهن سندن رهائش واري جاءِ کي مڙهي چيو ويندو آهي ۽ اهي مڙهيون اڪثر ڪري آبادين کان پري يا وري ڪچين آبادين ۾ هونديون آهن . هڪڙي هڪڙي ڪمري ۾ چار کان اٺ خواجه سرا گڏ رهن ٿا. اهڙي صورت ۾ ڪورونا خلاف سماجي وٿي رکڻ انهن لاءِ ممڪن نٿي رهي . ڪورونا جي ڪري لاهور ۽ ڪراچي مان 26 خواجه سرا فوت ٿي چڪا آهن . اسپتالن ۾ نامناسب رويو ۽ گھرن ۾ قرنطينا ممڪن نه هجڻ جي ڪري اڪثر خواجه سرا ڪورونا جو شڪار ٿي ويا آهن . هڪ پاسي ڪورونا جي ڪري موت جو خوف ، ٻئي پاسي پيٽ جي بک ٽئين پاسي ڪمائي جو ڪو ذريعو نه هجڻ جهڙن مسئلن خواجه سرائن جي جسماني توڙي ذهني دٻاءُ ۾ رڪارڊ اضافو ڪيو آهي .
ڪورونا جي ڪري لاڪ ڊائون دوران وفاقي حڪومت پاران احساس پروگرام تحت ضرورتمندن ،بيروزگار ٿيندڙن ۽ غريب پورهيتن ۾ اربين رپين جي تقسيم جي دعويٰ ڪئي وئي پر اهو احساس پروگرام به خواجه سرائن لاءِ بي احساس ثابت ٿيو ان جو هڪ سبب اهو به آهي ته اڃان تائين اڪثريت ۾ خواجه سرائن جا شناختي ڪارڊ ئي موجود ناهن جن وٽ آهن ته انهن جا نالا پروگرام ۾ شامل نه ڪيا ويا . ساڳي شڪايت انهن کي سنڌ حڪومت جي راشن پروگرام کان به آهي ته ڪنهن به خواجه سرا کي اهو ناهي ملي سگهيو . ها باقي ڪجهه ماڻهن ۽ فلاحي تنظيمن انهن جي مدد ضرور ڪئي آهي .
ان سڄي صورتحال ۾ حڪومت کي خواجه سرائن جي مالي سهائتا لاءِ احساس پروگرام جيان ڪو پروگرام شروع ڪرڻ گھرجي ۽ انهن کي صحت ڪارڊ به جاري ڪرڻ گھرجن جيئن هو به پنهنجي گذر ۽ صحت جي معملن کي نبيري سگهن . پر ان کان وڌيڪ ايذائيندڙ ڳالهه اها آهي ته سماج خواجه سرائن بابت پنهنجو رويو تبديل نه ڪيو آهي ۽ انهن کي عام انسان ئي نه ٿو سمجهيو وڃي .تنهن ڪري سماج کي اهو رويو تبديل ڪري خواجا سرائن کي انسان سمجهڻ گهرجي تڏهن وڃي انهن جا ٻيا مسئلا به حل ٿيندا. هي دور رنگ نسل ، ذات ۽ جنس جي بنياد تي تعصب ۽ نفرت جو نه پر محبت سان هڪ ٻئي کي برابري جي بنياد تي قبولڻ جو آهي .

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *