تازا ترين
  • *غوثپور:ڳوٺ شهداد ڀيو جي رهواسين پاران بنيادي سهولتون نه ملڻ ڪري پوليو مهم جو بائيڪاٽ *ڳوٺاڻن ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پيارڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، پوليو ٽيمون واپس روانيون*
  • *باڊهه ۾ ٽائون ڪميٽي جي ملازمن جو پگهارن نه ملڻ خلاف احتجاجي مظاهرو *ٻن مهينن کان ٽائون آفيسر مقرر ناهي ڪيو ويو، پگهارون نه ملڻ سبب فاقاڪشي ۾ مبتلا آهيون: ملازم *
  • * وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ حيدرآباد ۽ ميرپور خاص ڊويزن ۾ امدادي ڪمن جو جائزو *سانگهڙ، ميرپورخاص ۽ عمرڪوٽ جي 5 لک ايڪڙ ايراضي تي پاڻي بيٺل آهي: بريفنگ *اسان پاڻي نيڪال وارو ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي: سيڪريٽري ايريگيشن *ايندڙ 15 ڏينهن ۾ ضرور پاڻي نيڪال ٿيڻ گهرجي: سيد مراد علي شاهه *
  • *راولپنڊي: بينظير ڀٽو قتل ڪيس ۾ اپيلن جي ٻڌڻي 19 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪئي وئي *ڪيس جي پنجن ئي جوابدارن کي ايندڙ ٻڌڻي تي عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم *سي پي او جي پيش نه ٿيڻ تي عدالت پاران سخت ڪاوڙ جو اظهار *
  • *ڏهرڪي: صفائي عملي پاران پگهارون نه ملڻ ۽ سينيٽري انسپيڪٽر کي هٿڪڙيون لڳڻ خلاف احتجاج *ٻن مهينن کان پگهارون نه ملڻ سبب گهرن ۾ فاقاڪشي واري صورتحال آهي: صفائي عملو *سينيٽري انسپيڪٽر کي بيگناهه هٿڪڙيون هڻايون ويون: صفائي عملو*
  • * جروار:ڪپهه جو فصل تباهه ٿيڻ ۽نقلي زرعي دوائون وڪرو ڪندڙ ڊيلرن خلاف احتجاج *جروار يوٿ فورم جي سڏ تي واجد گبول جي اڳواڻي احتجاجي ريلي ڪري گشت *ڊيلرن نقلي ٻج ۽زرعي دوائون ڏيئي غريب آبادگارن جو فصل تباھ ڪيو آھي: اڳواڻ *
  • *ڪنڌڪوٽ:ڏوهي سرگرمين ۾ ملوث اهلڪارن خلاف ڪريڪ ڊائون جاري *ڪنڌڪوٽ: جوا هلائڻ جي الزام ۾ هيڊ محرر ثناءُالله ڏاهاڻي رورٽ ۽ معطل *ڪنڌڪوٽ: 6پوليس اهلڪارن کي منٿلي اوڳاڙي تان ڪوارٽر گارڊ ڪيو ويو*
  • *پ پ اڳواڻ نثار کهڙو کي به نيب پاران گرفتار ڪرڻ جو خدشو *نثار کهڙو گرفتاري کان بچڻ لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪري ورتو *نيب آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس جي ٻن انڪوائريز ۾ طلب ڪيو آهي: نثار کهڙو*
  • *قاضي احمد ويجهو تيز رفتار ڪار ۽ موٽرسائيڪل جي ٽڪر ۾ نوجوان فوت *گابر ڏاهري اسٽاپ وٽ حادثي ۾ نوجوان علي گل مهر ٿڏي تي فوت ٿي ويو،لاش اسپتال منتقل *
  • *ڪشمور بيگاري فيڊر مان لاش هٿ،سڃاڻپ نه ٿي سگهي *اطلاع باوجود پوليس نه پهتي، لاش واقعي واري هنڌ پيل*

سماج جي منفي روين جو شڪار عورت

عورت کي هن سماج ۾ ايتري معصوم، ڪمزور، هيڻي، ڊڄڻي ۽ ٻين تي يقين ڪندڙ  بڻايو ويو آهي جو کيس ڪير به ڀٽڪائي سگهي ٿو؟ ڪير به پنهنجو ڪري سگهي ٿو؟ ڀلي ان کي بهترين تعليم ملي ، گهر ۾ سهولتون ملن ، هر خواهش پوري ٿئي،  پر ڇا؟ ان جي اها ذهني تربيت ڪئي وڃي ٿي؟ جنهن کي ڏاڪڻ ٺاهي هو هر ان منفي رويي جو مقابلو ڪري سگهي جيڪو ان جي ڪردار کي ڪمزور ڪري ٿو. اسان جي سماج ۾ نياڻي جو پيدا ٿيڻ ئي والدين جي چهري تي اداسي جو سبب ٿئي ٿو، گهڻي ڀاڳي ڏٺو ويو آهي ته پيءُ، سس ساهورا چاهيندا آهن ته انهن جي گهر پٽ پيدا ٿئي، جيڪو سندن نسل وڌائڻ ۽ گهر کي سنڀالڻ وارو هجي. 
ڌيءَ پيدا ٿيندي ئي کيس سُتي ڏني ويندي آهي ته ڌيءَ پرايو ڌڻ آهي ، پرايو گهر وسائڻو اٿس، رب  نياڻي جا نصيب چڱا ڪري، مڙس ۽ ساهورن جي خدمتگذار ٿي رهي  ۽  آخري اهم ڪم ٻار پيدا ڪري وڏا ڪرڻا اٿس ۽ ان سموري عرصي ۾ مردن اڳيان ڪنڌ نوائي هلڻو اٿس ۽ خاندان جو هر فيصلو مڃڻو اٿس، ٻي اهم ڳالهه ته اسان وٽ خاندانن جي غيرت جو دارو مدار به عورت تي هوندو آهي پڳ مرد تي، گهر جو مالڪ به اهو ته  هر ننڍو  وڏو  فيصلو ڪرڻ جو اختيار به انهيءَ کي حاصل هوندو آهي اڪثر ڏٺو ويو آهي ته مرد جي غيرت عورت جي ذات جي ارد گرد گھمندي آهي ڇو جو انهن جي خيال مطابق عورت کي پنهنجي  حفاظت ڪرڻ نٿي اچي.
هاڻي سوال اهو اڀري ٿو ته عورت  کي ڪمزور ڪرڻ وارو ڪير آهي؟ سماج، خاندان، قبائلي ريتون رسمون ،جاگيرداري نظام، مرداڻو سماج، منفي سوچون يا عورت دشمن رويا جنهن عورت کي صحيح نموني اسرڻ ئي نه ڏنو آهي ڪا عورت ريتن رسمن جي ور چڙهي ٿي وڃي  ته ڪا حويلي ۾ قيد رهي ٿي، تاحيات قيد، جنهن جي جواني خانداني ملڪيت جي  ڪري واري وڃي ٿي، ڪٿي وري  ڏٺو ويو آهي ته ڪنهن نياڻي کي تعليم نٿي ملي، ڪنهن جي صحيح نموني رهنمائي نٿي ڪئي وڃي، ڪا ننڍپڻ ۾ پرڻائي مٿي جو بار لاٿو وڃي ٿو ڪا ٽڪن عيوض ڏني وڃي ٿي ته ڪا بي جوڙ شادي جي ور چاڙهي وڃي ٿي  ڪنهن کي  انهن روايتن خلاف آواز اٿارڻ تي ماريو وڃي ٿو ۽ کيس قانوني حق گهرڻ تي ڪارو ڪيو وڃي ٿو. 
وري ڏسجي ته جيڪا عورت اسري آهي ان جا مثال به توهان جي سامهون آهن ته ڪير ان جي رستن ۾ رڪاٽون وجهي ٿو ڪير سندس خلاف ڳالهائي ٿو.  هتي هر طبقي جي  عورت جو استحصال ٿئي ٿو پر عورت خاندان جي عزت خاطر هميشه  خاموش رهي آهي ۽ اها ئي خاموشي خطرناڪ سيلاب آڻي ٿي جنهن سان سڀ ڪجهه لڙهي وڃي ٿو  ۽ رڳو پڇتاءُ بچي ٿو. نائلا رند، بيبي مري ۽ نمرتا جا مثال اسان جي سامهون آهن، تازو جيءُ جهوريندڙ واقعو ڊاڪٽر ماها شاھه وارو  پيش آيو آهي جيڪا گرهوڙ شريف جي گادي نشين جي ڌيءَ آهي ميرپورخاص سان سندس تعلق آهي،  ڊاڪٽر ماها شاھه جي والد پنهنجي نياڻي کي بهترين تعليم ڏني، تربيت ڏني، زندگيءَ ۾ اڳتي اچڻ جا موقعا ڏنا پر افسوس سان چوڻو ٿو پئي هن دور ۾ جتي سڳن رشتن مان وڃايو آهي ان جاءِ تي ٻاھريان رشتا دوستيون ڪجهه به ناهن، ڪچي تند وانگر آهن، ڀلي ڪجهه بهترين مثال آهن پر اڪثر ڌوڪا، ناجائزيون ۽ فريب جا تعلق رهيا آهن جنهن جو انجام تباهيءَ کان سواءِ ڪجهه ناهي، جنهن جي ور رڳو ڊاڪٽر ماها شاهه ناهي چڙهي پر الائي ڪيتريون نياڻيون شڪار ٿيون آهن جن مان گهڻين جي زندگي تباھ ٿي وئي گهڻين زندگي جو ڏيئو اجهائي ڇڏيو، ڪجهه نفسياتي مريض ٿي ويون ته ڪجهه نياڻين پاڻ کي زنده لاش بڻائي ڇڏيو. 
ڊاڪٽر ماها شاھه يا هر نياڻي کي والد ۽ گهر وارن جو اهو ساٿ گهربل هوندو آهي جيڪو هن کي درياءَ پار ڪرائي ڇو جو ماها شاهه  پاڻيءَ ۾ ته لٿي پر ان کي اندازو نه هو ته پاڻي ڪيترو وڏو آهي، لهرون ڪيتريون نه خطرناڪ آهن انهن لهرن سان ڪيئن مقابلو ڪرڻو آهي جيڪي هن کي لوڙهي به سگهن ٿيون ۽ ٿيو به ايئن ئي ظالم لهرن ان کي ماري وڌو، هي قتل آهي يا خودڪشي اسان ان تي نٿا ڳالهايون پر ان تي ضرور ڳالهائي سگهجي ٿو ته والدين جڏهن پنهنجن ٻارن جي هر ڏک سک جو خيال ڪن ٿا ته پوءِ اهو ڇو وساري ويهن ٿا ته زمانو ڪيترو ظالم آهي ڀلي انهن جو ٻار سياڻو ۽ ذهين آهي پر آهي ته انهن جو ٻار، ڀلي نوجوان ڇو نه هجي ڌيءَ هجي يا پٽ اسان کي ايتري ته خبر هجڻ کپي  ته سندن دوست ڪير، ڪير آهن، ڪهڙي خاندان سان سندن تعلق آهي، ڇا مشغلا اٿن، اهو فرض آهي والدين جو، اسان جا ٻار ڪٿي وڃن ٿا، ڪنهن سان ملن ٿا، وقت تي گهر اچن ٿا يانه، رات جو دير تائين جاڳن ٿا ته سبب پڙهائي آهي، مطالعو آهي يا دوستي ، ٻارن جي طبيعت ۾ وقتي تبديليون اينديون آهن انهن جو ڪارڻ ڇا آهي؟ هي سڀ والدين جو فرض آهي جي اسان اهي سڀ فرض پورا نٿا ڪري سگهون ته پوءِ والدين چورائڻ جو ڪو حق ناهي ڇو جو پوءِ اسان جو تعلق هاسٽل وارڊن جهڙو ٿي ويندو جيڪا رڳو ٻاهر اچڻ وڃڻ جي اجازت ڏيندي آهي پر والدين وارو احساس ۽ خيال ناهي رکندي.
ڊاڪٽر ماها شاھه  اهڙي صحبت جي ور چڙهي وئي جنهن ان کي نشي جو عادي بڻائي ڇڏيو ۽ هو ان ڌٻڻ ۾ ڦاسندي وئي هڪ پڙهيل لکيل ڊاڪٽر ڇوڪري هوندي پنهنجي دوستن جي گينگ کي نه سمجهي سگهي ان کان نجات حاصل نه ڪري سگهي، ڪو قانوني قدم نه کنيو، دوستن کان سواءِ ڪنهن سان صلاح مشورو نه ڪيو، نشي آور شين کان پاڻ کي بچائڻ لاءِ ڪنهن ماهر نفسيات سان نه ڳالهايو، منظر عام تي اچي انهن بگهڙن کي وائکو نه ڪيو، پوءِ ان ۾ خانداني عزت جو ڊپ هو، دوستن جي طاقتور هجڻ جو ڊپ هو يا ڪي ٻيا سبب هئا پر سوچڻ جي ڳالھه اها آهي ته جي هڪ ڊاڪٽر عورت خاندان ۽ ٻين کان ايترو ڊنل هئي ته هڪ عام عورت جيڪا ٻاهر نڪري ٿي توهان سمجهي سگهو  ٿا ته ان کي روز ڪيترن مسئلن کي منهن ڏيڻو پوندو هوندو.
منهنجو والدين کي هڪ ننڍڙو عرض آهي ته اهي ٻارن جي تربيت، تعليم، ڪردارسازي تي ڌيان ڏين، انهن سان ايترا ويجها هجن جو هو سڀ ڪجهه ساڻن ونڊين کين پنهنجو ويجهي کان ويجهو دوست سمجهن. ٻي اهم ڳالهه ته  اسان جو نوجوان نسل پاڻ به والدين، ڀائرن، ڪتابن سان اهو رشتو نه جوڙي  سگهيو آهي جيڪو هجڻ کپي، جنهن جي ڪري  مسئلا وڌي رهيا آهن پر ڪجهه به هجي اسان کي پنهنجي ٻارن جي هر قدم تي اصلاح ڪرڻي آهي ۽ انهن کي اهڙين دوستين کان بچائڻو آهي جنهن جو مقصد رڳو زندگيون وڃائڻ آهن ۽ نوجوانن کي پنهنجي مقصد لاءِ استعمال ڪرڻ آهي. 

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *