تازا ترين
  • خورشيد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، ٻڌڻي 5 آڪٽوبر تائين ملتوي*
  • آصف زرداري جي اپيلن تي فيصلو 23 سيپٽمبرتي ٻڌايو ويندو*نيب جيڪي الزام لڳايا، انهن سان واسطو ئي ناهي، آصف زرداري جي وڪيل دليل مڪمل ڪري ورتا *

سماجي روين کان بيزار ٽين جنس سان تعلق رکندڙ انسان

اسان جي هن سينور جهڙي گدلي سماج ۾ اڻ ڳڻين معاشرتي المين مان هي به هڪ تمام وڏو الميو آهي ته جنهن سماج ۽ جنهن معاشري ۾ هڪ عورت کي پنهنجي ذاتي سڃاڻپ يا ڪا خاص حيثيت نه  هجي اتي هن ٽين جنس جي انسانن يعني ( ٽرانس جينڊر)کي پنهنجي نالي بجاءِ کدڙو فقير سڏڻ ڪا حيرت جهڙي ڳالھه ڪونهي ڇو جو اسين انساني ۽ اخلاقي قدرن کان اڃان اڻواقف آهيون ، جيڪا نه صرف هن جوڙيل جهان جي فطرت جي مذاق ۽ توهين آهي پر هڪ انسان کي انسان مڃڻ کان انڪار پڻ آهي.
پراڻي زماني ۾ وقت جي اڪثر بادشاھن طرفان هن ٽين جنس جي انسانن کي پنھنجي حرم پنهنجي بادشاهي محلن ۾ ملازم صرف ان ڪري رکيو ويندو ھيو جو بند ڪوٽن ۽ محلاتن جي وڏن ديوارن جي اندر سندن راڻين کي انهن مان جنسي ڏاڍائي يا جنسي ميلاپ جي خواهشن جو ڪو خطرو نه هوندو هيو اهڙي طرح انهن ٽين جنس جي فطري مخلوق کي خواجا سرا Eunuch جو نالو ڏنو ويو. آهستي آهستي سڌريل ملڪن جي ماڻهن جيئن، جيئن دور جديد ۾ قدم رکيو ۽  انساني حقن جي لاءِ آواز اٿاريو  ته هن ٽين جنس وارن لاءِ انگريزيءَ ۾  ( ٽرانس جينڊر Transgender )جو لفظ استعمال ڪيو ويو.اهڙي طرح انساني حقن لاءِ ڪم ڪندڙ عالمي تنظيمن ۽ ٽين جنس طور سڃاڻپ رکندڙ انسانن ( ٽرانس جينڊرز Transgenders )جي پنهنجي تنظيمن جي جدوجهد جي ڪري انهن کي اڄ دنيا جي ڪيترن ئي سڌريل ملڪن ۾ اوترو ئي شهري هجڻ جو حق حاصل آهي جيترو هڪ عام انسان يعني مرد ۽ عورت کي حق حاصل آهي. ملڪي ايوانن ۽ اسيمبلين کان ويندي سرڪاري توڙي غير سرڪاري ادارن ۾ پنهنجي قابليت جي بنياد تي ۽ بنا ڪنهن متڀيد يا جنسي فرق جي انهن کي مرد توڙي عورت جي برابر ترجيح حاصل آهي. حيرت جي ڳالھه ته اها آهي جو اسرائيل جهڙي ملڪ ۾ TransKids جي لاءِ سرڪاري سطح تي ادارا قائم آهن جنهن ۾ انهن جي سٺي تعليمي  تربيت کان پوءِ ملڪ جي هر سرڪاري اداري ۾بنا فرق جي نوڪري ڪرڻ جو حق آهي خاص ڪري پنهنجي ملڪي فوج ۾ ڀرتي ڪرڻ ۽ وڏن وڏن عهدن تي مقرر ڪرڻ عام ڳالھه آهي. اهڙي طرح اسان جي پاڙيسري ملڪ ڀارت ۾ پڻ ٽين جنس جي ماڻهن کي اسيمبلين ۽ ملڪ جي سرڪاري ادارن ۾ سٺو اسپيس حاصل آهي ان جو مثال ڀارت جي رياست ويسٽ بنگال ۾ 2017ع ۾ پهريون ڀيرو ٽين جنس سان تعلق رکندڙ جوئتا مونڊال نالي هڪ کدڙي Eunuch   يعني (ٽرانس جينڊر Transgender) کي جج مقرر جج مقرر ڪيو ويو.
توڙي جو اسان جي ملڪ ۾  تازو ئي (ٽرانس جينڊر Transgender)کي نه فقط ووٽ ڏيڻ جو حق مليو آهي پر کين اليڪشن ۾ اميدوار طور بيهڻ جو حق پڻ حاصل ٿيو آهي، پر هن ملڪ جي معاشري جي حصيدار ٽين جنس سان تعلق رکندڙ  انسانن جي ڊگهي عرصي کان هلندڙ جدوجهد جي نتيجي ۾ پنهنجي بنيادي انساني حقن مثالطور ووٽ ڏيڻ جو حق، چونڊن ۾ حصو وٺڻ جو حق يا قانوني طور  وراثت جي حق سميت ٻيا ڪيترائي انساني حق تسليم ٿيڻ باوجود ، سماجي سطح تي ڪا اهميت حاصل ٿي نه سگهي آهي.
بلڪل اهڙي ئي ڪهاڻي رضوانا ڪنول ميمڻ جي آهي جنهن کي هن بدبودار سماج جي طعنن، مهڻن ۽ سماجي روين خودخوڪشي ڪرڻ تي مجبور ڪيو. رضوانا ڪنول ميمڻ جي جنسي سڃاڻپ    ٽين جنس (ٽرانس جينڊر Transgender) هئي. ان جو تعلق سنڌ جي هڪ ننڍڙي شھر رسول آباد سان هو. رضوانا ڪنول ميمڻ پڙهيل لکيل هجڻ ڪري پنهنجي ڳوٺ ۽ ڀر پاسي جي علائقن ۾ اڪثر سماجي ڪمن ۾ رڌل رهي خاص ڪري نياڻين کي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ همٿائڻ ۽ شعور پيدا ڪرڻ سندس خاص مشغلو ۽ شوق هو. پاڻ ٽين جنس جي فرد هجڻ جي فطرتي جنم کي ڪڏهن به عيب، مهڻو يا پڇتاءُ ڪونه سمجهيائين. هن معاشري ۾ عام انسانن جيان پنهنجي ڪم ۽ ڪردار ذريعي هڪ الڳ سڃاڻ پيدا ڪئي.
ايتري قدر ج جو ڳچ عرصي تائين پنهنجي شهر جي هڪ نجي اسڪول ۾ ٽيچر طور ڪم ڪيائين. ان کان علاوه ڪپڙي وڪرو ڪرڻ جو ڪاروبار زندگيءَ جي گذر سفر جو اهم ذريعو هو. چيو پيو وڃي ته پنهنجي ٽين جنس سان تعلق هجڻ سبب سماجي روين جي ڪري ڪجھه عرصي کان رضوانا ڪنول تمام گهڻو ذهني دٻاءُ جو شڪار هئي سندس علاج پڻ هلندڙ هو.
هڪ رپورٽ موجب پاڪستان ۾ ٽين جنس (ٽرانس جينڊر Transgender) سان تعلق رکندڙن جو تعداد هڪ لک کان به وڌيڪ آهي ۽ صرف سنڌ ۾ تعداد سترنهن هزار ٻڌايو پيو وڃي. هاڻي سوال اهو پيو پيدا ٿئي ته آخر ڪڏهن اسان جو هي سماج  اسان جو معاشرو اهڙن ٽين جنس جي انسانن کي معاشري جو حصو سمجهندو ۽ جيئڻ جو موقعو ڏنوويندو.
حڪومتي سطح تي اھڙن ماڻهن کي درپيش مسئلن تي نه صرف ڌيان ڏيڻ جي سخت ضرورت آهي پر گهٽ ۽ ٻوساٽيل ماحول ۾ معاشري جي اهڙن ڌڪاريل ۽ احساس محرومي ۾ مبتلا  ماڻهن جي لاءِ روزگار جا موقعا پيدا ڪري يا انهن لاءِ ڪي وظيفا مقرر ڪري بي چيني ۽ احساس محرومي ختم ڪرڻ جي نهايت اشد ضرورت آهي ٻي صورت ۾ هن سماج ۾ کدڙو فقير طور مذاق بڻيل هي انسان مجبور ٿي فراريت اختيار ڪري خودڪشي جو رستو اختيار ڪري پنهنجو جيون جي جوت کي اجهائيندا رهندا.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *