تازا ترين
  • ن ليگ طرفان شهباز شريف جي گرفتاري خلاف احتجاج جو اعلان: شهباز شريف کي ڀاءُ سان وفاداري جي سزا ملي: مريم نواز*
  • *لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ مني لانڊرنگ ڪيس ۾ ضمانت درخواست تي ٻڌڻي دوران اپوزيشن ليڊر شهباز شريف پيش*
  • *نوري آباد سانحي جي وڌيڪ ٻن زخمين دم ڏئي ڇڏيو*فوتين جِي سڃاڻپ لاءِ ڊي اين اي نمونا وٺڻ بعد لاش ايڌي سرد خاني منتقل*
  • *ميگا مني لانڊرنگ ريفرنس ۾ اڳوڻي صدر آصف زرداري، فريال ٽالپر، عبدالغني مجيد ۽ ٻين جوابدارن تي فرد جرم لاڳو*

سماجي حقن کان منهن موڙڻ وارو رويو

فرضن جي ڀرپور ادائگي ۽ سماجي حقن کان منهن موڙڻ، اهو اسان جو هاڻي قومي شيوو ٿي ويو آهي، جنهن کي پاڻ الميو پڻ سڏي سگهون ٿا. سماج جي انهن المين جون ڪهاڻيون به ڊڍ جي وڄت جيان ٿي ويون آهن، جن کي نغاري تي وڄائڻ کانپوءِ دل ماتم ڪرڻ تي چوندي آهي.
ڊڍ جي وڄت تان ويجهڙائيءَ ۾ نوشهري فيروز ٻاهران نورپور اسٽاپ قومي شاهراهه تي ٽرالر جي ٽڪر ۾ لاڪ ڊائون جي ستايل هڪ مـڱڻهار فقير پنهنجي ٽن ٻارن ساڻ مري ويو. اها ڊڍ جي وڄت ئي هئي جو هيڏي ساري خوشحال علائقي ۽ ساهتي پرڳڻي جي دعوا ڪندڙ ماڻهن لاشن کي ٽريڪٽر ٽراليءَ ۾ سمهاري اسپتال کان گهرن تائين پهچايو. ان کان ڪجهه سال اڳ ڪنڊياري ٻاهران هڪ پوڙهي عورت ٽينڪر جي ٽڪر ۾ گذاري وئي هئي. لاش ڪلاڪ کن ته قومي شاهراه تي لاوارث پيو رهيو. آخر هڪ رڪشا واري کي رحم آيو، جنهن رڪشا جي پويان پير رکڻ واري جاءِ تي لاش کي ڪٻڙو سمهاري اسپتال پهچايو. ڪنڊياري ۾ ئي ڪجهه ڏينهن اڳ ٻه جوان ڀائر سهڙا شاخ ۾ وهنجندي ٻڏي ويا، انهن جي لاشن کي موٽر سائيڪلن تي کڻي اسپتال پوسٽ مارٽم لاءِ آندو ويو. ان کانسواءِ روز سوشل ميڊيا ۽ اخبارن ۾ ايندڙ تصويرون جن ۾ لاشن کي گڏهه گاڏن ۾ ڍويو پيو وڃي. هن سماج جي بي حسيءَ جون تصويرن ۽ ڊڍ تي وڄت جا نظارا آهن!
حاجي شير محمد (فرضي نالو) کي سالن کان سڃاڻان، ڳالهيون ڪندي، هن ڀيري حج جي محدود هجڻ ۽ پاڻ نه وڃڻ سبب روئي ويٺو، پر اهو ساڳيو ماڻهو آهي، جنهن جي پاڙي ۾ هڪ بيواهه عورت رهي ٿي ۽ ان جا معصوم ٻار شهر جي مختلف موٽر گيريجز ۾ ڪم ڪن ٿا. ان ئي بيواهه جي هڪ جوان جماڻ ڌيءُ آهي. حاجي صاحب اڪثر ان ڇوڪريءَ جو ذڪر ڪندي، ڪنن تي هٿ هڻي توبهون ڪندي نظر ايندو آهي! حج ڪرڻ جي شوقين هن همراهه کي حج نه ٿيڻ جو ته تمام گهڻو ارمان آهي، جيڪو هجڻ به گهرجي، پر پاڙي جي پرواهه ناهي! اهڙي صورتحال ۾ حڪمرانن کي پٽون پاراتا ڏيڻ سٺولڳي ٿو، پر اسان مان ڪير ڪيترو پنهنجي ذميدارين جو احساس ڪري ٿو؟ يا معاشري ڏانهن اسان جا رويا ڪهڙا هجڻ گهرجن؟ اهي ڳالهيون سرڪار کي گهٽ وڌ ڳالهائڻ دؤران وسريو وڃن!
بدعنواني، اقربا پروري، رشوت خوريءَ جي سماج ۾ سرڪار ڪم ڪري ڪونه جيڪو ٿئي اسان ان جو ڪهڙو حشر ڪريون ٿا، اهو پڻ ڊڍ جي وڄت ئي آهي. روڊ جي تعمير، گهٽيءَ جو ٺهي تيار ٿيڻ، اسپتال يا اسڪول جي بلڊنگن جو حشر نشر ڪرڻ ڪير اسان کان سکي.
منهنجو دوست شعيب قريشي اڪثر اها ڳالهه ورجائيندو آهي ته “اسان جا گهر پاڪستان، گهٽيون ۽ باقي رستا هندستان آهن، هر ممڪن ڪوشش سان رستن کي خراب ڪرڻو آهي، گهٽين تي قبضو ڪرڻو آهي”. شهر جو وڏو آفيسر رٽائر ٿيو. صاحب، پنهنجي سروس ۾ ايماندار رهيو يا جنهن کاتي ۾ هو اتي ڪا به مٿين ڪمائي نه هئي، اهو الڳ بحث آهي! پينشن جي پئسن مان گهر تعمير ڪرائي، حج تي وڃڻ جو ارادو ظاهر ڪيائين، پر گهر ٺهرائڻ وقت هن کي شهر جو حق ياد نه پيو. فٽ کن ٻاهرين ڀت وڌيڪ ٻاهر ڪري، ٻه فٽ گيٽ هڻائي مٿان ڀلاري نالي جي تختي لڳائي. سڪون جي ننڊ ۾ آهي!
سماج ۾ اهي دانهون ڪوڪون کي نيون ناهن، ۽ ڪنهن لحاظ کان وقفي وقفي سان ڪرڻ پڻ گهرجن، جيڪڏهن اسان اهي دانهون ڪرڻ اهو سوچي بند ڪري ڇڏيون ته ڇا ٿيندو،؟ يا اڳي ڇا ٿيو آهي؟ ته سچ ان کان وڌيڪ مرده هجڻ جو احساس ڀلا ڪهڙو ٿي سگهي ٿو. مون سميت تقريبن هر شخص (شايد ڪجهه ماڻهو بچيل هجن) ڪجهه لمحن جي مفادن لاءِ دائمي مصيبتن کي ڳليءَ جو هار بنائڻ لاءِ هر گهڙي تيار هوندا آهيون. اسان مان هر شخص قانونن جي ڳالهه ته ڪري ٿو، پر اهو ڏينهن ۾ گهڻا ڀيرا قانونن کي ٽوڙي ٿو؟ اهي الڳ ڪهاڻيون آهن. عالمن جيان ڳالهيون ۽ جاهلن جيان عمل، هن سماج جو پسنديده ڪم ٿي ويو آهي. هاڻي ته جيڪڏهن ڪو ڀليون ڳالهيون ڪري ٿو ته ان مان ڊپ ٿئي ٿو ته الائي ڇا ڪندو!؟
الائي ڇا ڪندو يا ٿيندو؟ جي انهن سوالن ۾ اهو همراهه به ياد ايندو آهي، جنهن هڪ سفر ۾ هڪ ڀيري هوٽل واري جو گلاس ڪاوڙ ۾ اچي صرف ان ڪري ڀڃي ڇڏيو ته هن کي گمان ٿيو ته هن کان اڳ جنهن شخص ان گلاس ۾ پاڻي پيتو هو اهو خانه بدوش قبيلي سان تعلق رکندڙ غير مسلم هو، ۽ پوءِ سڄي واٽ ان معاملي جو دفاع پڻ ڪندو رهيو، جڏهن ته اسان مان هر شخص ان همراهه کي سڃاڻي پيو ته موصوف کي آفيس ۾ ٿريشر جي نالي سان سڏيو ويندو آهي، مطلب هو رشوت جي ڏوڪڙن کي ٿريشر جيان ڳڙڪائڻ جو فن ڪير هن کان سکي!
پاڙيسريءَ نوجوان نينگر عامر ٻڌايو ته هن جي والد کي رٽائرمينٽ کان پوءِ ڇهن مهينن تائين پينشن نه ملي. هو سخت معاشي تنگيءَ جو شڪار ٿيڻ لڳا. آخر، هڪ همراهه پئسن تي ڪم ڪرڻ جي حامي ڀري ۽ ادائگي لاءِ جمعي جي نماز تي تر جي مشهور درگاهه تي اچڻ جو چيو. بقول عامر جي جڏهن هو ۽ سندس والد رشوت جا پئسا ڏيڻ درگاهه تي پهتا ته همراهه مرشد جي سامهون زارو قطار روئي رهيو هو. هنن تي نظر پوندي ئي بلڪل نارمل ٿي ويو ۽ هڪ ڪنڊ ۾ وڃي پئسا وٺي سلوار جي کيسي ۾ وجهي هنن کي اهو چئي وڃڻ لاءِ چيو ته “ڪم ٿي ويندو، بي فڪر ٿي گهر وڃو” ۽ پوءِ ڪجهه ڏينهن ۾ عامر جي والد کي گريجوئٽي فنڊ جا پئسا مليا ساڳي ريت پينشن به ملڻ لڳي. گريجوئٽي جي روڪ رقم مان هنن اهي وياج تي ورتل پئسا به واپس ڪيا، جيڪي شهر جي ان همراهه کان ورتا هئا، جنهن جي نالي مشهور آهي ته هر سال محرم جي ڏهين تاريخ تي امامن جي ياد ۾ لنگر ۽ نياز جون سؤ ديڳيون لاهيندو آهي!
اهو سڀ ڪجهه هن سماج جو الميو آهي، جنهن ۾ ڪوڙ اسان جي زندگيءَ جو مهاڳ آهي. اسان جي اندر ٻه الڳ شخص رهن ٿا. هڪ جيڪو ڳالهين جو رستم آهي، ٻيو جيڪو ذاتي معاملن ۾ هندستان جي رنگيلي بادشاهه کان به گوءِ کنيو وڃي. اسان سچ ڳالهائڻ تي ته زور ڏيون ٿا، پر سچ ڳالهائڻ يا پاڻ لاءِ سچ ٻڌڻ جو حوصلو ناهي! جنهن سماج ۾ سچ ناهي، اتي ڪوڙ جو راڄ هوندو آهي. ڪوڙي معاشري ۾ ڪنهن تي ميار ڏيڻ به اجايو عمل بڻجي ويندو آهي. ها اتي دانهون ۽ ڪوڪون هونديون آهن، جن ۾ پڻ تمام گهڻي منافقي ڏسي سگهجي ٿي. اهڙي منافقيءَ جي ماحول ۾ ڀلا ڪنهن تي ڪهڙيون ميارون.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *