تازا ترين
  • پ پ تاريخي اي پي سي ڪوٺرائي، نواز شريف واضع۽ تفصيلي تقرير ڪئي: پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري*گلگت بلتستان معاملي تي ڳالهائڻ لاءِ رابطو ڪيو ويو، ملڪ ۾ جمهوري آزادي چاهيون ٿا:بلاول *
  • *اسلام آباد: جعلي بئنڪ اڪائونٽس اسڪينڊل ۾ سنڌ روشن پروگرام ڪيس جي جاچ وارو معاملو *نيب راولپنڊي فرنٽ مين اياز صديقي کي ڪراچي مان گرفتار ڪري ورتو: ذريعا *اياز صديقي جعلي اڪائونٽ ۾ ڪروڙين رپيا جمع ڪرايا: نيب ذريعا*
  • *ڄام نواز علي: ڇتو ڪتو مارڻ جي ڪوشش دوران نوجوان مارجي ويو *ڳوٺ ديوان گلاب راءِ ۾ ڳوٺاڻي ڇتي ڪتي کي مارڻ لاءِ فائر ڪيو ته گولي نوجوان مادو ڪولهي کي لڳي: پوليس *پوليس واقعي واري هنڌ پهچي نوجوان جو لاش تحويل ۾ وٺي جاچ شروع ڪري ڇڏي*
  • *گهارو شهر ۾ واپاريءَ کان ڦر ڪندڙ جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف شٽربند هڙتال *2ڏينھن اڳ واپاري گڊو کان 9لک رپيا ڦر ڪرڻ بعد جوابدارن گوليون هڻي زخمي ڪيو هو *واقعي کي 48 ڪلاڪ گذرڻ باوجود پوليس جوابدار گرفتار نه ڪري سگهي آهي: احتجاج ڪندڙ واپاري*
  • *اسلام آباد: العزيزيه ۽ ايون فيلڊ ريفرنسز ۾ سزا خلاف نواز شريف جي اپيل تي ٻڌڻي *مريم نواز ۽ ڪيپٽن (ر) صفدر احتساب عدالت ۾ پهچي ويا *عدالت نواز شريف کي بري ڪرڻ واري فيصلي خلاف نيب جي اپيل تي به ٻڌڻي ڪندي *ن ليگ جي نائب صدر مريم نواز جي پيشيءَ جي موقعي تي عدالت ٻاهران سڪيورٽي جا سخت انتظام *
  • *ڀان سيدآباد: قومپرست اڳواڻ مولا بخش لغاري بيماري وگهي لاڏاڻو ڪري ويو *مولابخش لغاري جي جنازي نماز اڄ سخي سيد سليمان شاهه عيدگاهه تي ادا ڪئي ويندي*
  • *پنوعاقل پوليس جي نجي ٽارچر سيل ۾ مبينا طور تي فيصل آباد واسي وڪيل ميان اعجاز آرائين جي قتل وارو معاملو *ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو عرفان بلوچ پوليس اهلڪارن ۽ ڪجهه خانگي ماڻھن کي وڪيل جي قتل ۾ ملوث قرار ڏئي ڇڏيو *ڊي آءِ جي لاڙڪاڻي پاران ايڊيشنل آءِ جي سکر ڏانھن انڪوائري رپورٽ موڪلي ڇڏي *وڪيل ميان اعجاز آرائين کي ڊي ايس پي مسعود مهر جي حڪم تي گرفتار ڪيو ويو: انڪوائري رپورٽ *وڪيل پوليس جي غيرقانوني حراست ۾ فوت ٿيو ۽ لاش پنجاب ۾اڇلايو ويو : انڪوائري رپورٽ *انڪوائري رپورٽ ۾ اي ايس آءِ غلام مصطفيٰ ميراڻي، ڪانسٽيبلز درگاهه ڏنو، نصير ۽ سرمد يعقوب بيگناھه قرار*
  • *سنجهورو ۾ شهرين پاران بجلي جو سڙيل ٽرانسفارمر تبديل نه ٿيڻ خلاف ڌرڻو، ٽريفڪ معطل *ڌرڻي سبب ڪيترن ئي ڪلاڪن کان شهدادپور، سانگهڙ ۽ سنجهورو روڊ تي ٽريفڪ معطل، مسافر پريشان *4مهينن کان بجلي جو ٽرانسفارمر خراب آھي، ڪيترائي ڀيرا دانهڻ باوجود تدارڪ نه ٿيو: مظاهرين*
  • *ڪراچي: سنڌ سرڪار جي 6کاتن ۾ 3 سيڪريٽريز مقرر ٿيل *اهم کاتا من پسند سيڪريٽرين کي اضافي چارج طور حوالي ڪيا ويا *تعليم، لائيو اسٽاڪ ۽ فاريسٽ کاتو مستقل سيڪريٽري کان محروم *زراعت جي سيڪريٽري رحيم سومروکي فاريسٽ جي سيڪريٽري جي اضافي چارج مليل *ثقافت کاتي سيڪريٽري اڪبر لغاري وٽ لائيو اسٽاڪ کاتي جي سيڪريٽري جي اضافي ذميواري *سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ جي چيئرمين احمد بخش ناريجو کي سيڪريٽري تعليم جي اضافي چارج مليل *20هين گريڊ جا ڪامورا بحران باوجود سائيڊ پوسٽن تي ويهاريل*

سرڪاري دوائن جو وڪرو ڪير روڪيندو ؟

سنڌ ۾ صحت جي نظام تي سدائين سوال اٿندا رهيا آهن،عام ماڻهو سدائين صحت جي سرڪاري سهولتن لاءِ سڪندو رهيو آهي.ننڍن شهرن جون اسپتالون ته پري جي ڳالهه پر ضلعي ۽ سول اسپتالن ۾ به مختلف بيمارين جي ماهر ڊاڪٽرن کان وٺي عملي جي کوٽ انهن جي غير حاضري ۽ دوائن جو ملڻ سدائين مسئلو رهيو آهي.جنهن ڪري ننڍن شهرن ۾ رهندڙ ماڻهو پنهنجي علاج لاءِ يا خانگي اسپتالن جو رخ ڪن ٿا يا ڪراچي يا حيدرآباد تائين جو پنڌ ڪرڻ تي مجبور هوندا آهن. هاڻي اها ڪا ڳالهه لڪل نه رهي آهي ته سرڪاري طور ايندڙ دوائون خانگي اسٽورن تي وڪرو ٿيندي ڏٺيون ويون آهن يا وري اهي عوام کي ڏيڻ بدران رکي رکي مدي خارج ڪري ڍيرن تي اڇلايون وينديون آهن جنهن جو سبب خانگي اسٽور وارن سان صحت کاتي جي عملي جي ملي ڀڳت هوندي آهي ۽ اهي پنهنجون ڪميشنون وٺندا رهندا آهن.
اهڙو ئي هڪ اسڪينڊل ڪجهه وقت اڳ لاڙڪاڻي ۾ ظاهر ٿيو هو جنهن ۾ سرڪاري دوائون خانگي اسٽورن تي وڪرو ٿيندي ڏٺيون ويون ۽ پوءِ صحت کاتو ۽ پوليس حرڪت ۾ آئي پر ان جو ڪو نتيجو نه نڪتو يا انهي معاملي جو ڪير ذميوار هو؟ ان جو تعين نه ٿي سگهيو. انهي سلسلي ۾ ٻه ڏينهن اڳ به لاڙڪاڻي ۾ ڊرگ انسپيڪٽر مختلف اسٽورن تي ڇاپا هنيا ۽دوائن جا سيمپل هٿ ڪيا ۽ بنا لائسينس هلندڙ ٽي ميڊيڪل اسٽور به سيل ڪيا ويا. هي رڳو هڪ شهر جي هڪ علائقي جي ڪهاڻي آهي جنهن کي ڏسي سولائي سان سمجهي سگهجي ٿو ته انساني جانين سان لاڳاپيل معاملي تي به ڪيئن نه ڌنڌا ڪيا وڃن ٿا ۽ اسان جا حڪمران ۽ ذميوار عملدار ان کان ڪن لاٽار ڪيو ٿا اچن، رڳو رسمي ڪارروائي ڪري ڄڻ ته پنهنجي ذميواري پوري ڪئي پئي وڃي پر معاملي کي توڙ تائين نه پيو پهچايو وڃي. هي ڪو ننڍو معاملو ناهي هڪ ته عوام جي ٽئڪس جي پئسن مان عوام جي نالي ايندڙ دوائون خانگي اسٽورن تي پهچي وڃن ٿيون جتان عوام ڳري پئسن تي مجبوري ۾ پنهنجون حياتيون بچائڻ لاءِ اهي دوائون خريد ڪرڻ تي مجبور ٿين ٿا، ٻيو بنا لائسينس هلندڙ ميڊيڪل اسٽور الائي ڪهڙي قسم جون غير معياري دوائون وڪرو ڪري عوام جي قيمتي حياتين سان کيڏي رهيا آهن. اها حالت رڳو ڄاڻايل شهر يا علائقي جي ناهي جيڪڏهن ڏٺو وڃي سنڌ جي هر شهر جي اسپتال ۽ هر ميڊيڪل اسٽور جي اها حالت آهي عوام کي اسپتال مان سرڪاري دوائون ملن نه ٿيون ۽ خانگي اسٽورن وارا ڪنهن قاعدي ۽ ضابطي بدران پنهنجي مرضي سان الائي ڪهڙين ڪمپنين جون ڪهڙيون ڪهڙيون دوائون ۽ سرڪاري دوائون وڪرو ڪري رهيا آهن. عوام جي جان ۽ مال جي حفاظت حڪمرانن جو فرض آهي ۽ صحت جو کاتو ته سڌو سنئون انساني جانين سان ڳنڍيل آهي ان ڪري انهي کاتي سان لاڳاپيل ڪنهن به عملدار جي ٿوري به غفلت سڌو سنئون عوامي جان سان کيڏڻ برابر آهي. سرڪاري اسپتالن لاءِ ايندڙ دوائون خانگي اسٽورن تي وڪرو ٿيڻ صحت کاتي جي عملدارن جي ملوث هئڻ کانسواءِ ممڪن ئي ناهي .
اسان سمجهون ٿا ته صحت کاتي جي ذميوارن کي انهي معاملي جو سختي سان نوٽيس وٺڻ گهرجي انهي کي ڪنهن هڪ شهر تائين محدود نه ڪرڻ گهرجي ۽ انهي مافيا جي ڳولا ڪري انهي کي ڪيفر ڪردار تي پهچائڻ گهرجي جيڪي انهي ڪڌي ڪاروبار ۾ ملوث آهن پوءِ اهي صحت کاتي جا سرڪاري عملدار هجن يا خانگي طور سرگرم ڌنڌوڙي جيڪي پئسن جي لالچ ۾ غريب عوام جي حياتين سان کيڏي رهيا آهن.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *