تازا ترين
  • *ٽنڊوباگو ويجهو زمين جي تڪرار تان جهيڙو،8ڄڻا زخمي، اسپتال منتقل *ڳوٺ علي ترڪ ۾ ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران 4 عورتن سميت 8 ڄڻا زخمي ٿي پيا *
  • وارهه ويجهو ٻن موٽرسائيڪلن ۾ ٽڪر، پيرسن فوت ٿي ويو *ماستر لاڙو وٽ حادثي ۾ پيرسن غلام مصطفيٰ گوگاڻي چانڊيو زخمي ٿي پيو *زخمي پيرسن لاڙڪاڻي جي اسپتال ۾ زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو *
  • *سپريم ڪورٽ ۾ شهباز شريف خلاف مني لاندرنگ ڪيس، شريڪ جوابدارن جي اپيل تي ٻڌڻي *عدالت جوابدار فضل داد عباسي ۽ شعيب قمر جي ضمانت جي اپيل تي ٻڌڻي ڪئي *سپريم ڪورٽ ٻنهي جوابدارن جي ضمانت واري درخواست تي نيب کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا *ٻنهي جوابدارن تي شهباز شريف لاءِ سهولتڪاري ۽ مني لانڊرنگ جو الزام آهي*
  • *روشن سنڌ منصوبو ڪرپشن ڪيس: سنڌ جو وڏو وزير مراد علي شاهه نيب اسلام آباد آڏو پيش *نيب ٽيم طرفان جعلي بئنڪ اڪائونٽس ڪيس جي حوالي سان به وڏي وزير کان پُڇاڳاڇا * نيب طرفان وڏي وزير مراد علي شاهه آڏو سوالنامو پيش ڪيو ويو *
  • *فيض گنج ۾ پيٽرول پمپ مالڪن حڪومتي فيصلي کي ٿڏي ڇڏيو، وڌيڪ اگهه تي پيٽرول جو وڪرو *پمپ مالڪن پاران پيٽرول جو في ليٽر 77 کان 78 روپيا ۾ وڪرو،عوام سخت پريشان *
  • *تنگواڻي ۾ پئٽرول سستو ٿيڻ بعد پيٽرول پمپ بند *پئٽرول نه ملڻ سبب صارفين سخت پريشاني جو شڪار *
  • *ملڪ ۾ پيٽرول سستو ٿيڻ کانپوءِ بحران پيدا ٿي ويو، ڪراچي سوڌو ملڪ جي اڪثر شهرن ۾ پيٽرول پمپ بند، عوام پريشان*
  • *چونڊڪو ۾ رولو ڪتن نينگري کي ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو *10ورهين جي ثمينا ڌي گلاب خاصخيلي کي اسپتال منتقل ڪيو ويو *نارو ۾ ٽن مهينن دوران ڪتن جي ڏاڙهيلن جو انگ500 ٿي ويو *
  • *بخشاپور ويجهو نوجوان کي رولو ڪتن ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏي *ڳوٺ محمد نواز چاچڙ واسي 24ورهين جي محراب علي چاچڙ کي رولو ڪتن ڏاڙهي وڌو *
  • *جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف مقتول ڀائرن جا پڪا چنا وٽ روڊ تي لاش رکي ڌرڻو هنيو ويو*
  • *پڪا چنا ڀرسان عورتن جي جهيڙي بعد جوابدارن فائرنگ ڪري 2 ڀائرن کي قتل ڪيو هو*
  • *سيوهڻ ڀرسان سڱاوتي تڪرار تان قتل ڪيل 2 ڀائرن جي جنازي نماز ادا، وارثن جو لاش رکي ڌرڻو*

سرڪاري ادارن کي خانگي انتظام ۾ ڏيڻ جي نوبت ڇو ٿي اچي؟

ذڪر جڏهن سنڌ حڪومت جي انتظام هيٺ هلندڙ ادارن جو ٿيندو آهي ته ان سان گڏ بدترين ڪاڪردگيءَ پڻ بحث هيٺ ايندي آهي. اهو ڪو فقط تاثر نه هڪ اهڙي حقيقت هوندي آهي، جنهن کي حڪومت نه چاهيندي به لڪائي ناهي سگهندي. اهو ئي سبب آهي جو حڪومت تعليم کان ويندي صحت تائين جي ادارن کي پرائيويٽ پارٽيز جي هٿن ۾ ڏيڻ جو سلسلو شروع ڪيو آهي، جنهن جو تازو مثال اُتر سنڌ جي سڀ کان وڏي لاڙڪاڻي جي چانڊڪا اسپتال آهي، جنهن جا انتظام خانگي اسپتال حوالي ڪرڻ جون تياريون ڪيون پيون وڃن.
چيو پيو وڃي ته اهو قدم چانڊڪا اسپتال جي شديد مالي بحران ۽ بدانتظامي جي ور چڙهڻ کانپوءِ ڪيو ويو آهي. اسان وٽ اهي سرڪاري ادارا ڦرلٽ جو مرڪز بڻيل رهيا آهن، اڄ به سنڌ جي ڪنهن به شهر ۾ ضلعي يا تعلقي سطح تي ڪا اهڙي سرڪاري اسپتال ڪانهي جنهن کي صحت جون سهولتون فراهم ڪندڙ مثالي ادارو ڪوٺي سگهجي. هر ادارو ساڳي بدانتظامي ۽ بحران جي تصوير بڻيل نظر ايندو. ظاهر آهي ته پبلڪ – پرائيويٽ پارٽنرشپ جو تصور به اتان جنم وٺندو آهي جڏهن ادارا مالي توڙي انتظامي مشڪلاتن جي ور چڙهيل هجن، ڳالهه اها آهي ته تعليم هجي يا صحت ان جي بهتر فراهمي حڪومتن جي بنيادي ذميواري هوندي آهي، جيڪڏهن حڪومت عوام کي اهي بنيادي سهولتون فراهم نه ڪري سگهي ته اها حڪومت جي ناڪامي ليکبي آهي ۽ جڏهن حڪومت کي پنهنجن ادارن کي ٺيڪ ڪرڻ لاءِ خانگي ڪمپنين جو سهارو وٺڻو پوي ته حڪومت کي کليل دل سان پنهنجي ناڪامي جو اعتراف ڪرڻ گهرجي. اسان وٽ هر ماڻهو کان ٽيڪس اوڳاڙڻ ۾ ته حڪومت ڪابه ڪوتاهي نٿي ڪري پر سهولتن جي فراهمي جو مرحلو هجي ٿو ته هر ادارو ناڪاره ۽ بدترين حالت ۾ ملي ٿو، جيڪو ٿورو ٿڪو ڏنو وڃي ٿو سو به ماڻهن مٿان احسان ڪندي ڏنو وڃي ٿو. ڏهاڪن جي بگڙيل سياسي ۽ انتظامي نظام ادارن کي ان حال تائين پهچائي ڇڏيو آهي جو اسان وٽ ڪي اهڙا مثالي سرڪاري ادارا ناهن جيڪي آڱرين تي ڳڻائي سگهجن. جڏهن حڪومت وٽ وسيلا هجن ٿا، افرادي قوت کان ويندي انفرااسٽرڪچر ۽ بجيٽ هجي ٿي ته پوءِ پرائيويٽ پارٽنرشپ ڪرڻ جو مطلب هڪڙو ئي هجي ٿو، پنهنجي نااهليءَ ۽ خانگي شعبي جي صلاحيتن جو اعتراف ڪرڻ! جڏهن خانگي ادارا محدود وسيلن، انفرااسٽرڪچر ۽ بجيٽ هوندي بهترين ڪارڪردگي ڏيکاري سگهن ٿا ته پوءِ سرڪاري ادارا ڇو نه؟ ان جو جواب سادو آهي ته خانگي ادارن جو بنياد ميرٽ تي هوندو آهي، اتي پنهنجا نوازي، ڪرپشن، رشوت توڙي سياسي مداخلت جو تصور ناهي هوندو، تنهنڪري اهي ادارا محدود وسيلن ۾ به بهترين نتيجا فراهم ڪندا آهن. جڏهن اتر سنڌ جي سڀ کان وڏي اسپتال انتظامي ۽ مالي بحران جو بدترين نمونو بڻيل هجي ته اُتي تعلقي اسپتالن، بنيادي صحت مرڪزن جي حالت جو اندازو لڳائڻ ايترو مشڪل نه هوندو. حڪومتون ته پنهنجي ڪارڪردگيءَ سان بيمار ادارن ۾ ساهه وجهي کين پيرن جي بيهارينديون آهن، اسان وٽ وري بيٺل ادارن کي گوڏن ڀر ويهارڻ جي تاريخ آهي.
اڄ به حڪومت جيڪڏهن نيڪ نيتي ۽ خلوص سان ڪوششون وٺي ته اهڙو ڪو جواز ڪونهي جو اهي ادارا بهتر ڪارڪردگي نه ڏيکاري سگهن. ان ۾ ڪا راڪيٽ سائنس ڪونهي ته اهي مئل ادارا ٻيهر جيئاري نه سگهجن، خانگي ادارن وٽ به ڪا گدڙ سنگهي ڪونه ٿي هجي، ڳالهه رڳو ايتري هجي ٿي ته بهتر مينيجمينٽ، وسيلن جو درست استعمال، ميرٽ، ڪرپشن ۽ سياسي مداخلت جو خاتمو آندو وڃي. دنيا ۾ اهڙا ڪيترائي مثال آهن، جڏهن پبلڪ – پرائيويٽ پارٽنرشپ ۾ آيل اداران کي وري سرڪار ٽيڪ اوور ڪري بهتر بڻايو. سنڌ حڪومت چاهي ته اهو دڳ اختيار ڪري سگهي ٿي نه ته ائين هڪ هڪ ڪري پوري حڪومتي مشينري پبلڪ – پرائيويٽ پارٽنرشپ ۾ هلي ويندي، پوءِ حڪومت وٽ پنهنجي هجڻ جو ڪهڙو اخلاقي جواز رهجي ويندو؟

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *