تازا ترين
  • سنڌ ۾ ماڪڙ جي تباهي نه روڪڻ خلاف عدالت ۾ وڃڻ جو فيصلو*ايوانِ زراعت سنڌ طرفان وفاق ۽ سنڌ سرڪار خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو*
  • *گهوٽڪي ۾ رولو ڪُتن نينگر ۽ نوجوان کي ڏاڙهي وڌو: اسپتال ۾ وئڪسين نه ملي*
  • *ٿر ۾ بُک ۽ بيمارين وڌيڪ وڌيڪ 4 ٻارڙا فوت: هلندڙ سال 789انگ ٿي ويو*
  • *مٺي ۾ پورهيت جي گهر کي باهه:الهه تلهه سڙي رک*
  • *حڪومت آرمي چيف جي مدي بابت قائل ڪري، استعيفائون ڏئي سگهون ٿا: اختر مينگل*

سرفروشيءَ جي تمنا ۽ پڇڙيءَ جا آبادگار!

ان ڏينهن شڪارپور ڪراس ڪري جيئن ئي سکر طرف وڌي رهيو هئس ته ڪنهن مذهبي تنظيم جي ڪارڪنن جا جٿا مختلف گاڏين ۾ پنهنجي ڪنهن پروگرام طرف ويندي نظر آيا. اهي هر قسم جي گاڏين ۾ سوار هئا، جن ۾ ويگو ڊبل ڪيبن کان ويندي بسن، ويگنن، موٽر سائيڪلن کان ويندي چنگچي رڪشائن تائين. هر قسم جي سواري ۾ سٿجي پنهنجي پارٽي جا جهنڊا کڻي نعرا هڻندا روان دوان هئا. انهن مذهبي ڪارڪنن جي سياسي سرگرمي ڏسي مون سان گڏ ويٺل هڪ دوست چيو، “يار انهن کي جلسن جي اجازت ڪيئن ٿي آساني سان ملي وڃي پر اسان کي ته ڏاڍين ڏکيائين سان ڪو اجتماع ڪرڻ جي موڪل ملي ٿي.” هو مخاطب ته مون سان هو پر آهستي آهستي سندس آواز مون کان پري ٿيندو ويو ۽ ڪئميرا جي اصطلاح ۾ هو ڊي فوڪس ٿيندو ويو. هو پنهنجي منهن ته ڳالهائيندو رهيو پر مونکي انهن مذهبي تنظيم جي ڪارڪنن ۾ اسي جي ڏهاڪي واري سنڌ ڪنهن ڦٽل وال پوسٽر جيان نظر اچڻ لڳي. جڏهن اهڙين ئي بسن ۾ سنڌ جا سوين هزارين نوجوان ڪنهن نه ڪنهن روشن خيال نظرياتي جذبي سان سرشار ٿي هڪ شهر کان ٻئي شهر طرف جشن لطيف جي پروگرامن ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ سنبرندا هئا. اهو سنڌ ۾ روشن خيالي جو پورو هڪ دور هو جنهن جي ڪجهه ڪردارن مٿان ته ڊاڪٽر زواگو جهڙو ناول لکي ۽ ان تي ئي فلم ٺاهي سگهجي ٿي. ان اسي واري ڏهاڪي جي سياسي طور متحرڪ سنڌ به ڇا ته سنڌ هئي، جڏهن سنڌ جا تعليمي ادارا روشن خيالي جي هڪ پوري تحريڪ بڻيل هئا. ان دور جي ۾ سوشل ميڊيا ته ڪو نه هئي نه ته ڪنهن نه ڪنهن ڪامريڊ ۽ سندس ٽيم جي به ڪا نه ڪا وڊيو ڪلپ ايئن ضرور وائرل ٿئي ها جيئن لاهور جي عروج اورنگزيب، محبه احمد ۽ رضا گيلاني ۽ سندن ساٿين جي ٿي آهي. عجيب اتفاق ٿيو آهي ته انهن مان عروج جي ليدر جئڪيٽ تي ايترا اعتراض اٿيا آهن جيترا ڪنهن قومي مسئلي تي نه اٿيا هوندا ته اها اليٽ ڪلاس جي شاگردياڻي هلي آهي اسان کي شوقِ شهادت سيکارڻ. ڇو ته ان ئي وڊيو ۾ عروج وڏي جذبي سان ترنم ۾ چوي ٿي ته، “آج بهي مقتل ۾ قاتل ڪهه رها هي بار بار…آئين وه شوقِ شهادت جن ڪي جن ڪي دل ۾ هي….!”
لاهور جي ان شاگرد سرگرمي طرف وڌڻ کان اڳ مونکي يقين آهي ته ڪجهه پڙهندڙن کي هاڻي تائين ان ليدر جئڪيٽ واري ليفٽي ورڪر عروج ۽ سندس ساٿين جي باري ۾ خبر پئجي ويئي هوندي. جيڪڏهن نه ته به خير آهي ڇو ته سنڌ جي نيم جاگيردارانه سماج ۾ اسان رڳو درياهي پاڻي جي سلسلي ۾ پڇڙيءَ جا آبادگار ناهيون پر خود نظرين ۾ پڻ اسان پڇڙيءَ جا اهڙا آبادگار آهيون جن کي ويٽنام جي آخري سپاهي جيان اڃان خبر نه پئجي سگهندي آهي ته جنگ جاري آهي يا بيهجي وئي آهي. تنهنڪري ئي اسان ملان جهل دٻ کان ته گهڻو واقف آهيون پر لاهور جي عروج کان ايئن واقف ناهيون جيئن سويڊن جي شاگردياڻي گريٽا ٿنبرگ ۽ سندس پوري تحريڪ کان اجتماعي طور ناواقف آهيون، جنهن ماحولياتي آلودگي روڪڻ لاءِ ايترو ته ڪم ڪيو آهي جو مقبول هاليووڊ اداڪار ليونارڊو ڊي ڪيپريو به سندس مداحن ۾ شامل آهي. پر خير اسان جو ڇا، اسان پنهنجي پنهنجي تر جي وڏيري، پنهنجي پنهنجي گاديءَ جي مرشد سان ايئن خوش آهيون جيئن اسان جو عام آدمي ممتاز مولائي جي ڪلامن تي خوش آهي ۽ ايندڙ يا ٿيندڙ اجتماعي نقصانن کان بي خبر. اهڙي اجتماعي بي خبري سبب مونکي الائي ڇو ڪڏهن ڪڏهن ايئن لڳندو آهي ته اسان ڄڻ ڪنهن دور ۾ زندهه ناهيون پر اسان ڪنهن وڏي اونداهي سرنگهه ۾ زندهه رهندڙ نسل آهيون، جيڪي پنهنجي مٿان ڇپ جيان ڪريل جبري پابندين کي مڃي اهو ئي تصور يقين ۾ بدلائي ويٺا آهيون ته هي سرنگهه اونداهي رهڻي آهي هتي ڪا به روشني نه ايندي، ڪو به صبح نه ٿيندو.
ان اونداهي سرنگهه واري سوچ سبب اسان نظرين ۾ به پڇڙيءَ جا اهڙا آبادگار بڻجي پيا آهيون جو پنهنجي ذهنن جي زمينن ۾ ڪو نئون ٻج پوکڻ لاءِ تيار ناهيون ڪو نئون ريج ڏيڻ لاءِ تيار ناهيون. لاهور ۾ شاگرد مارچ ڏسي مونکي احساس ٿيو ته ڪاش سنڌ جي ڪنهن يونيورسٽي مان ڪي ٻه چار بسون نڪري پون ها، انهن ۾ شاگرد سوار ٿي اهي به پنهنجو آواز ملڪ جي باقي شاگردن سان گڏجي اٿارين ها.سنڌ جي يونيورسٽين مان جيڪڏهن ڪنهن ملازم جي مائٽ جي شادي تي بسون نڪري سگهن ٿيون ته هي ته اجتماعي شعور جو معاملو آهي ۽ هاڻي ته ايوبي آمريت به ناهي، اڪثر يونيورسٽين جا رجسٽرار عملدار به اهي ماڻهو مقرر ٿيل آهن جيڪي ماضي ۾ پاڻ شاگرد سياست جو سرگرم حصو رهيا آهن. ٻيو ته ڇڏيو اسان جي يونيورسٽين جون سربراهه عورتون آهي جيڪي روشن خيالي جو مثال آهن پر شاگرد مارچ تي سنڌ ۾ اهڙي خاموشي ڏسي مونکي محسوس ٿيو ته اسان باقي دنيا کان ته ٻه ٽي سئو سال پوئتي آهيون پر خود لاهور کان اسان هڪ صدي پوئتي پيا زندگي گذاريون. تنهنڪري ئي اسان جي هاڻوڪي نسل جي اجتماعي سوچ بابت اسان جو هڪ دوست چوندو آهي ته هي پورو نسل اهڙي پڃري نما پکي جيان پلجي وڏو ٿيو آهي جيڪو سمجهندو آهي ته اڏامڻ بيماري آهي، تنهنڪري ئي هو شيخ اياز جي ان سٽ واري شاعري کان ڪوهين ڏور بيٺل آهي جنهن چيو هو، “آزاد فضا ڇا ٿيندي آ!”
لاهور ۾ شاگرد مارچ ڪندڙن جو مک مطالبو ته يونيورسٽين ۾ شاگرد يونينون بحال ڪريو پڙهي مونکي برطانيا جي اها يونيورسٽي ياد اچي وئي جتي شاگرد يونين جي آفيس هتان جي ڪنهن وي سي سيڪريٽريٽ کان گهٽ نه هئي. يونيورسٽي اندر اها عمارت شاگرد يونين کي مليل هئي. شاگرد يونين جو سربراهه سينڊيڪيٽ جي اجلاسن ۾ ٻين ميمبرن جيان ڪرسي رکي ويهڻ جو حق رکي ٿو. يعني يونيورسٽي بابت فيصله سازي ۾ شاگردن جي نمائنده يونين جي شرڪت ضروري آهي. اها شاگرد يونين رعايتي اگهه تي هڪ اسٽور ۽ ڪينٽين هلائي رهي هئي، يونين جي پوري ڪابينا جون آفيسون هيون جتي هو ڏينهن رات شاگردن جا مسئلا صرف هڪ اِي ميل تي حل ڪرائيندا هئا. يعني جيڪڏهن ڪنهن شاگرد کي هاسٽل الاٽ نه ٿي سگهي آهي ته يونين جو سيڪريٽري اهڙي اِي ميل وي سي آفيس ڪندو ۽ وي سي آفيس ان اِي ميل جو مناسب جواب ڏيڻ جي پابند هوندي. پر اهي سڀ ڳالهيون اسان کان پري آهن تنهنڪري انهن تي ڳالهائڻ به اسان حرام سمجهيو آهي، تڏهن ئي ته جيڪڏهن سنڌ يونيورسٽي جا شاگرد هاسٽلن ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف احتجاج ڪن ٿا ته انتظاميا مٿن بغاوت جا ڪيس درج ڪرائي ٿي ڇڏي ۽ هو وڃي عدالتن جو در کڙڪائين ٿا، تڏهن ئي ته نمرتا قتل ٿئي ٿي ته چانڊڪا انتظاميا ان جون سموريون نشانيون ختم ڪرائي ٿي ڇڏي پر شاگرد خاموش ويهي تماشو ڏسن ٿا يعني شاگردن، يونين جي اهميت کي سمجهيو ئي ناهي.
شاگردن جي سياسي سرگرمي اسان اڳيان خراب ڪري پيش ڪئي پئي وڃي، جيڪي ان جي تبليغ ڪن ٿا ته شاگردن جو ڪم سياست ڪرڻ ناهي انهن کي سمجهائڻ خاطر افسوس سان شيخ رشيد جي بيان جو حوالو ڏيڻو پوي ٿو ته جنرل قمر جاويد باجوه پڻ شاگردي واري زماني ۾ جميعت جي سياسي سرگرمين ۾ حصو وٺندو هيو، تنهنڪري هاڻي وقت اچي ويو آهي ته پڇڙيءَ جا آبادگار به اٿن ۽ پنهنجو حق ڇني وٺن.

Bookmark the permalink.

2 Responses to سرفروشيءَ جي تمنا ۽ پڇڙيءَ جا آبادگار!

  1. سنڌ جي راڄڌاني، ڪراچي، حيدراباد،ميرپورخاص، لاڙڪاڻي، خيرپور، نوشهري فيروز، قمبر ۾ شاگرد چڱي خاصي .انگ ۾ ٻاهر نڪتا. 29 نومبر جو ڏينهن سڄي ملڪ جيان سنڌ لاءِ به تاريخي ڏينهن هو. سنڌ جي ايترن شهرن ۾ ريليون ثابت ڪن ٿيون ته شاگرد اوسي پاسي توڙي دنيا جي مسئلن کان ڪن لاٽار ناهن ڪيون ويٺا. پر توهان پنهنجي ڪالم ۾ لکيو ته اسان جا نوجوان نظرين توڙي دنيا جي وهنوار کان اڻڄاڻ آهن. اها حقيقت آهي ته گهڻا پير مرشد ۽ وڏيري جي چاپلوسي ۾ پورا آهن. پر هن وقت سنڌ اندر پيدا ٿيل تحرڪ ان ڳالهه جي شاهدي ڏي ٿو ته سنڌ جو نوجوان به سجاڳ آهي.
    نثار صاحب ….گذريل سال جبري گمشدگين خلاف ٽي ٽي ڏينهن بک هڙتال ڪنهن ڪيون هيون؟ تازو يڪجهي مارچ سميت ان کان اڳ به شاگرد يونين جي بحالي لاءِ ريليون نڪتيون، اهي ڪنهن ڪڍيون؟ نمرتا جي قتل ۽ تعليمي ادارن ۾ جنسي هيسائڻ خلاف ٿيل احتجاجي مظاهرن ۾ اڳيان اڳيان ڪير هو؟ اهي سنڌ جا نوجوان ئي هئا. پوءِ اوهان ڪيئن ٿا چئو ته اسين هر شيءِ ۾ پڇڙي جا آبادگار آهيون؟

  2. Dr. Soomar Khoso says:

    A nice write up

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *