تازا ترين
  • *حڪومت مخالف تحريڪ ۾ استعيفائن جو آپشن آخري هوندو، گرفتاريون معنيٰ نٿيون رکن: يوسف رضا گيلاني*
  • *نيب هٿان گرفتار شهباز شريف لاهور جي احتساب عدالت آڏو پيش*ليگي اڳواڻ ۽ وڏي تعداد ۾ ڪارڪن به عدالت پهچي ويا، پارٽي قيادت جي حمايت ۾ مظاهرو*
  • شهباز شريف جي گرفتاري بعد مخالف ڌر سرگرم: پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جو اجلاس اڄ ٿيندو

سرداري پڳ لاءِ ڪٺ ضلعي ۾ قلم 144 لاڳو

گهوٽڪي ضلعي ۾ سرداري جي پڳ وارو مسئلو مهر برادري کانسواءِ هاڻ انتظاميه لاءِ به مٿي جو سور بڻجي ويو آهي، علي گوهر مهر پاران اعلانيل ڪٺ کي نظر ۾ رکندي ڪا امن امان جي صورتحال پيدا ٿيڻ جي خطري سبب ۽ ان کي منهن ڏيڻ لاءِ سکر ڊويزن جي انتظاميه گهوٽڪي ۽ سکر ۾ گڏجاڻيون ڪري حڪمت عملي تربيت ڏني هئي ان کي عملو جامو سنڌ جي گهروکاتي پاران 144 لاڳو ڪري نوٽيفڪيشن جاري ڪري ضلعي گهوٽڪي ۾ پندرنهن ڏينهن لاءِ پنج کان وڌيڪ ماڻهن جي جمع ٿيڻ تي پابندي هڻي ڇڏي آهي. جڏهن ته اڄ امن امان جي صورتحال تي ضابطو رکڻ لاءِ سکر، خيرپور، لاڙڪاڻي جي ايس ايس پيز کي نفري سميت طلب ڪيو ويو آهي ۽ سوشل ميڊيا تي ايس ايس پي لاڙڪاڻي مسعود بنگش کي ايس ايس پي گهوٽڪي عمر طفيل جي جاءِ تي هڪ ڏينهن لاءِ امن امان جي صورتحال تي ضابطو رکڻ جي ذميواري ڏني وئي آهي، جڏهن ته منعقد ٿيل ڪٺ جا انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن ۽ علي گوهر مهر پاران مهر برادري جي 84 پاڙن جي چڱن مڙسن کي ڪٺ ۾ شرڪت جي دعوت ڏني وئي آهي ۽ ان سلسلي ۾ گوهر پيلس ۾ تنبو لڳائي ماڻهن جي ويهڻ جو به بندوبست ڪيو ويو آهي، جڏهن ته محمد بخش مهر توڙي علي گوهر مهر پاران هڪ ٻئي جي مخالفت ۾ پريس ڪانفرنسن جو بندوبست ڪيو ويو آهي. سرداري پڳ واري معاملي تان گهوٽڪي جي انتظاميه علي گوهر مهر جي حامي ماڻهن  توڙي اتحادين خلاف به تحرڪ ۾  اچي وئي آهي ۽ ڏهرڪي، ميرپور ماٿيلو، گهوٽڪي سميت ٻين هنڌن تي پوليس چڙهايون ڪري کين ڪٺ ۾ روڪڻ توڙي انهن جي رهائش گاهن کي مبينا قبضو ڄاڻائي ڪارروائي ڪرڻ وارا حربا هلايا ويا آهن، چيو پيو وڃي ته گهوٽڪي جي انتظاميه پاران علي گوهر مهر جي ڪٺ کي ناڪام بنائڻ لاءِ خانڳڙهه طرف ويندڙ رستن کي ڪنٽينر سان بند ڪري قلم 144 تي سختي سان عمل ڪرايو ويندو، جڏهن ته گهوٽڪي پوليس ضلعي ۾ قلم 144 لاڳو هجڻ سبب چار کان وڌيڪ ماڻهن جي گڏ ٿيڻ تي پابندي هجڻ بابت آگاهي وارا پيغام هلائي رهي آهي. علي گوهر مهر ۽ محمد بخش مهر وچ ۾ هلندڙ پڳ واري معاملو ڪٿي ٿو دنگ ڪري ان لاءِ وقت جو انتظار ڪرڻو پوندو، ڇو جو مختلف برادرين جي سردارن چيف سردار محمد بخش مهر جي حمايت جو اعلان ڪيو آهي ۽ انهن سردارن جو چوڻ آهي ته اصل پڳ جو مالڪ محمد بخش مهر آهي ڇو جو پڳ کي سياست ۾ نه آندو وڃي. سردار رحيم بخش بوزدار محمد بخش مهر جي حمايت ٿو ڪري ته وري ان جو ڀاءَ مير چاڪر خان بوزدار علي گوهر مهر سان گڏ بيٺل آھي هوڏانهن شڪارپور جا مهر غوث بخش مهر علي گوهر مهر جي حمايت ڪرڻ بعد رات گوهر پئلس پهتو ته ان جي پٽ عارف خان مهر وري محمد بخش مهر جي حمايت ڪري ڇڏي آهي. سردار علي گوهر مهر پنهنجي پريس ڪانفرنس ۾ چيو هو ته پڳ هڪ نااهل وٽ آھي جنهن کي پڳ جو قدر نه هو برادري جي ماڻهو فيصلو ڪيو آهي ته هاڻ اسان ان کي چيف سردار تسليم نٿا ڪريون چيف سرداري واري پڳ علي گوهر مهر کي ٻڌرائي وڃي علي گوهر خان جي ننڍو ڀاءَ ايم پي اي راجا خان مهر جي مسلسل منظر عام تان غائب هجڻ به علي گوهر مهر لاءِ ڪيترائي سوال پيدا ڪري ڇڏياآهن. جڏهن ته محمد بخش مهر ۽ علي گوهر مهر وچ ۾ 2018ع واري اليڪشن ۾ اختلاف شروع ٿيا هئا پر اختلافن ۾ تيزي ان وقت ڏسڻ ۾ آئي جڏهن محمد بخش مهر ڀيڻ جو رشتو ڀرچونڊي جي پير ميان عبدالمالڪ عرف ميان مجن سان ڪيو ويو هاڻي ڏسڻو اهو آهي ته ڇا اڄ مهر برادري جا ماڻهو علي گوهر مهر کي چيف سردار جي پڳ ٻڌرائي پنهنجو چيف سردار تسليم ڪندا يا محمد بخش مهر ئي برادري جو چيف سردار رهندو.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *