تازا ترين
  • *گمبٽ ۽ ڀرپاسي ۾ گيسٽرو تي ضابطو نه آيو، وڌيڪ20 مريض اسپتال ڀيڙا *ٻارڙن ۽ عورتن سميت 20 ڄڻن کي گمس اسپتال جي ٽراما سينٽر ۾ داخل ڪيو ويو*
  • *پنوعاقل ويجهو چوپائي مال جي چوري دوران 2 چور سوگھا، مارڪٽ بعد پوليس حوالي *ڳوٺ عبدالرحمان جتوئي ۾ ڳوٺاڻن چوري دوران ٻن چورن کي ڊوڙائي ڊوڙائي پڪڙي ورتو، هڪ فرار *نرڇ واسين عبدالطيف ڀيو ۽ غلام مصطفيٰ جعفري کي پوليس حوالي ڪيو ويو*
  • *ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جوابدار رحمان ڀولا ۽ زبير چريا کي موت جي سزا ٻڌائي ڇڏي*
  • *بلديه سانحي ڪيس جو 8 سالن کانپوءِ فيصلو اچي ويو، متحده اڳواڻ رئوف صديقي شاهديون نه هجڻ تي بري*
  • *ڊگهڙي ويجهو اڌڙوٽ شخص سرفراز واهه ۾ ٻڏي فوت *جيلاني پاڙي واسي40 ورهين جو عبدالحئي عرف پٺاڻ ولد عبدالقيوم قمبراڻي سرفراز واهه ۾ ٻڏي ويو *رهواسين شهري کي پاڻي مان ڪڍي اسپتال منتقل ڪيو جتي ڊاڪٽرن سندس فوتگي جي تصديق ڪئي*
  • *سکر: خورشيد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، شاهدن جا بيان قلمبند ڪرڻ جي نيب جي اپيل رد *احتساب عدالت ۾ ريفرنس آهي، شاهدن جا بيان به اتي قلمبند ٿيندا: ڪنزيومر ڪورٽ *خورشيد شاهه جي ملڪيت جي حوالي سان نيب 5 شاهن جا بيان قلمبند ڪرڻ لاءِ درخواست ڏني هئي*
  • *لاهور: آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، شهباز شريف جي گرفتاري جا امڪان *شهباز شريف جي ضمانت واري درخواست تي فيصلو اڄ ٻڌايو ويندو*
  • *سبي: ڪمپڙي پل وٽ ٽرڪ جو ڪار کي ٽڪر، هڪ نينگري فوت، 3 ڄڻا زخمي *حادثي ۾ نينگري مائين خان فوت، زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو*
  • *غوثپور:ڳوٺ شهداد ڀيو جي رهواسين پاران بنيادي سهولتون نه ملڻ ڪري پوليو مهم جو بائيڪاٽ *ڳوٺاڻن ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پيارڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، پوليو ٽيمون واپس روانيون*
  • *باڊهه ۾ ٽائون ڪميٽي جي ملازمن جو پگهارن نه ملڻ خلاف احتجاجي مظاهرو *ٻن مهينن کان ٽائون آفيسر مقرر ناهي ڪيو ويو، پگهارون نه ملڻ سبب فاقاڪشي ۾ مبتلا آهيون: ملازم *
  • * وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ حيدرآباد ۽ ميرپور خاص ڊويزن ۾ امدادي ڪمن جو جائزو *سانگهڙ، ميرپورخاص ۽ عمرڪوٽ جي 5 لک ايڪڙ ايراضي تي پاڻي بيٺل آهي: بريفنگ *اسان پاڻي نيڪال وارو ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي: سيڪريٽري ايريگيشن *ايندڙ 15 ڏينهن ۾ ضرور پاڻي نيڪال ٿيڻ گهرجي: سيد مراد علي شاهه *
  • *راولپنڊي: بينظير ڀٽو قتل ڪيس ۾ اپيلن جي ٻڌڻي 19 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪئي وئي *ڪيس جي پنجن ئي جوابدارن کي ايندڙ ٻڌڻي تي عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم *سي پي او جي پيش نه ٿيڻ تي عدالت پاران سخت ڪاوڙ جو اظهار *
  • *ڏهرڪي: صفائي عملي پاران پگهارون نه ملڻ ۽ سينيٽري انسپيڪٽر کي هٿڪڙيون لڳڻ خلاف احتجاج *ٻن مهينن کان پگهارون نه ملڻ سبب گهرن ۾ فاقاڪشي واري صورتحال آهي: صفائي عملو *سينيٽري انسپيڪٽر کي بيگناهه هٿڪڙيون هڻايون ويون: صفائي عملو*
  • * جروار:ڪپهه جو فصل تباهه ٿيڻ ۽نقلي زرعي دوائون وڪرو ڪندڙ ڊيلرن خلاف احتجاج *جروار يوٿ فورم جي سڏ تي واجد گبول جي اڳواڻي احتجاجي ريلي ڪري گشت *ڊيلرن نقلي ٻج ۽زرعي دوائون ڏيئي غريب آبادگارن جو فصل تباھ ڪيو آھي: اڳواڻ *
  • *ڪنڌڪوٽ:ڏوهي سرگرمين ۾ ملوث اهلڪارن خلاف ڪريڪ ڊائون جاري *ڪنڌڪوٽ: جوا هلائڻ جي الزام ۾ هيڊ محرر ثناءُالله ڏاهاڻي رورٽ ۽ معطل *ڪنڌڪوٽ: 6پوليس اهلڪارن کي منٿلي اوڳاڙي تان ڪوارٽر گارڊ ڪيو ويو*

سرداري پڳ جو سياسي سفر

تاريخ جا پيرا کڻون ٿا ته انگريز راڄ جو اهم ڪارندو رابرٽ سنڊيمن 1876ع ۾ سرڪاري طور بلوچستان ۾ سرداري نظام جي پٺي ٺپريندي پاڻ کي ملندو ، انگريزن جي دور ۾ نه صرف بلوچ سردارن کي خاص علائقن جي اڻ لکي حڪمراني ۽ وظيفن سان نوازيو ويو هو پر سردارن جي ٻارن کي ٻاهرين ملڪن ۾ مفت تعليم لاءِ به موڪليو ويو.جيئن ايندڙ وقت سردارن جا اهي ٻار پڙهي لکي انگريز سرڪار جا سٺا وفادار حڪمران ٿي سگهن.
انگريز دور ۾ مراعتون ڏيئي بلوچ سردارن کي الڳ الڳ انتظامي علائقا حوالي ڪيا ويا ، سردارن جي مرضيءَ سان سردارن جي وفادار ماڻهن تي“ ليوي فورس” جوڙيو ويو، ليوي فورس جي ڀرتي جا اختيار به سردارن جي حوالي هئا، ليوي فورس پگهار ته انگريز سرڪار کان وٺندو هو پر عام ماڻهن جي زندگين جا فيصلا، ٻڌي ۽ ڇوڙي جو ڪم پنهنجي قبيلي ۽ علائقي جي سردارن جي چوڻ تي ڪندو هو. ان ڪري ليوي فورس جو تصور سردار جي نجي فورس تحت ئي ٿيندو هو.
لالا هتورام“ تاريخ بلوچستان” ۾ لکي ٿو ته“ بلوچ وفادار ماڻهو آهن، اهي وفا خاطر پنهنجي جان به ڏيئي سگهن ٿا اگر دوستي نڀائڻ تي اچن ته دنيا جي ڪا به طاقت انهن کي روڪي نٿي سگهي.”
رابرٽ سنڊيمن شايد بلوچ سردارن جي وفا واري گڻ ۾ ٿورو وڌيڪ رعايتن جو ڳڙ ملائڻ جي ڪوشش ڪئي سياسي دوستي کي ايترو وڌايو جو هن سردارن کي بانور ڪرايو ته توهان ئي هن علائقي جا بادشاھه آهيو ان رعايتن، بي پناهه اختيارن ۽ بادشاهي شوق سبب ئي جنوري 1874ع ۾ “خان آف قلات” خان خدا داد خان خلاف سردارن کي ميڙي انگريزن بغاوت ڪرائي، سردارن جي ان بغاوت سان بلوچستان نه صرف مختلف سرداري ايڪائين ۾ ورهائجي ويو هو پر اڳتي هلي 1887ع ۾ انگريزن خان آف قلات کان 5500 روپين جي سالياني ٺيڪي تي ڪوئيٽا ۽ بولان جو علائقو مستقل طور وٺي “برٽش بلوچستان” جا بنياد وڌا. ايئن ئي لڳ ڀڳ ڏيڍ صديءَ اڳ سرڪاري سطح تي بلوچستان ۾ سرداري نظام جا بنياد رکندڙ رابرٽ سنڊيمن ته هاڻي هن دنيا مان هليو ويو آهي پر اهو سرداري نظام بلوچستان کان ٿيندو سنڌ جي اترين ضلعن گهوٽڪي، جيڪب آباد، شڪارپور ۽ لاڙڪاڻي تائين وڻ ويڙهي جيان پهچي ويو آهي .
اختيارن، فيصلن ۽ سزائون ڏيڻ جي خوفناڪ جهلڪ اوهان سان ڪا هڪ هجي ته سلجي، هڪ عالمي خابرو اداري جي صحافي کان اها ڳالهه اڃان به نٿي وسري جڏهن هن ھڪ سردار کان انٽرويو ڪندي پڇيو هو ته اوهان پهريون قتل ڪڏهن ڪيو هو ته هن وڏو ٽهڪ ڏيئي چيو هو ته سال ته ياد ناهي پر ان وقت منهنجي عمر فقط 14 سال هئي اوهان اندازو ڪيو ته باقي زندگي ۾ هن سردار ڪيترا ماڻهو پنهنجي هٿن سان ڪٺا هوندا ۽ ڪيترن ماڻهن کي پنهنجي گماشتن جي ذريعي ڪهايو هوندو.
هڪ سردار جي اڳيان هڪ عام ماڻهو جي حيثيت شطرنج جي وڇايل بساط تي رکيل مهرن کان وڌيڪ ڪجهه به ناهي هوندي سردار جڏهن به چاهي ته هو ڪنهن به مهري کي بساط تان هٽائڻ ۾ دير نٿو ڪري. اهي سڀ اختيار اها طاقت ڪيئن ممڪن آهي ته پاڻمرادو سردارن جي حوالي ٿي هجي. پاڻ پري نٿا وڃون سنڌ جي اترين ضلعي رڳو شڪارپور جو مثال کڻون ٿا جتي بجاراڻين جي دشمني تيغاڻين سان هلي رهي آهي سردار شبير بجاراڻي سنڌ حڪومت ۾ هن وقت وزير آهي ۽ سردار تيغو خان تيغاڻي سنڌ حڪومت جي ٻئي وزير امتياز شيخ جو ساڄو هٿ آهي، سنڌ اسيمبلي جو اسپيڪر آغا سراج دراني، مير عابد حسين ڀيو ميمبر قومي اسيمبلي ۽ سردار ڊاڪٽر ابراهيم جتوئي جو تعلق به شڪارپور سان آهي انهن سمورن سردارن جا نه صرف علائقا ورهايل آهن پر سڀني سردارن وٽ ڏوهاري ماڻهن جا نجي فورس به جوڙيل آهن. اتر سنڌ جي ضلعن گهوٽڪي، جيڪب آباد، لاڙڪاڻي سان گڏ شڪارپور به هن وقت نه صرف قبائلي جهيڙن جي باھه ۾ سڙي رهيو آهي پر شڪارپور هن وقت ايراني تيل جي اسملنگ، بين الصوبائي تيل جي پائيپ لائين مان تيل جي چوري،منشيات ۽ جديد هٿيارن جي ڪاروبار ۽ ڀنگ لاءِ ماڻهن جي اغوا جي ڪاروبار سبب سردارن لاءِ شڪارپور سونا انڊا ڏيندڙ ضلعو آهي.
دور بدليو ناهي ايئن لڳي ٿو ڄڻ اڄ به اسان اڃان انگريز راڄ جي ڏيڍ صدي جي کوٽيل سرداري نظام جي خندق ٽپي نه سگهيا آهيون سردارن جي اها سرداري جي پڳ جيڪا ماضيءَ ۾ به رابرٽ سنڊيمن جي هٿ هيٺ هلندي هئي سا هاڻي وقت جي حڪومتن ۽ رياست جي ڇپر ڇانو ۾ هلي ٿي ان ڪري اوهان کي مخصوص خاندانن جا ماڻهو ئي هر نئين حڪومت ۾ اقتدار جي مسند تي ويٺل ملندا.
اسان وٽ ڪافي ماڻهن جو خيال آهي ته سرداري نظام ته ڀٽي شهيد ڪوئيٽا ۾ هڪ وڏي عوامي جلسي ۾ اعلان ڪري 1976ع ۾ ئي ختم ڪري ڇڏيو هو پر حقيقت بنھه ان جي ابتڙ ئي آهي، ڪجهه سال اڳ بلوچستان جي قومي تحريڪ بابت ريسرچ جي سلسلي ۾ اسان ڪجهه دوستن کي ڪوئيٽا وڃڻو پيو هو اسان جي ملاقات بي اين پي جي اڳواڻ حبيب جالب سان ٿي هئي، حبيب جالب جي تعليم ماسڪو ۾ ٿي هئي حبيب جالب جي سڃاڻپ ملڪي سياست ۾ ترقي پسند قومپرست واري هئي، هن وٽ طبقاتي جدوجهد لاءِ مارڪس جو فلسفو سياست جي پلئه ۾ ٻڌل هو. ان ملاقات ۾ حبيب جالب ٻڌايو ته 8 اپريل 1976ع تي شهيد ذوالفقار علي ڀٽي ڪوئيٽا ۾ جوش خطابت دوران سرداري نظام ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو ته عوام به سردارن جي خلاف نعرا هڻڻ شروع ڪيا، شهيد ڀٽي فخر مان هوا ۾ مڪو لهرايو، دراصل اهو مڪو پ پ پ مخالف بلوچستان ۾ قائم ڪيل سردارن جي نيپ جي حڪومت لاءِ هو.
اوچتو ڀٽي صاحب کي احساس ٿيو ته اسٽيج تي سردار دودا خان به ويٺو آهي ڀٽو صاحب عوام سان ٻيهر مخاطب ٿيو ساڳي جوش سان خطاب ڪندي چيائين اڄ کان ملڪ ۾ ڪو به سردار نه هوندو فقط هڪ سردار هوندو سردار دودا خان!! ، عوام وري سردار دودا خان جي حق ۾ نعرا هڻڻ شروع ڪيا ان جو سبب شايد اهو هو جو جلسي ۾ گهڻي کان گهڻي شرڪت سردار دودا خان جي ئي قبيلي جي ماڻهن جي هئي. حبيب جالب جو چوڻ هو ته شهيد ڀٽي جو سرداري نظام ختم ڪرڻ جو اعلان فقط ان جي مخالف سياسي سردارن جي لاءِ ئي هو، باقي جيڪي سردار ڀٽي شهيد سان گڏ هئا انهن جي سرداري کي ڪو لهر نه لوڏو آيو .
ڀٽي شهيد جي سرداري نظام جي خاتمي واري تقرير کان ڪجهه ئي سال پوءِ جڏهن جنرل ضياءَ اقتدار ۾ آيو ته هن سنڌ ۽ بلوچستان جي سردارن کي نه صرف بي پناهه رعايتون ڏنيون پر سياسي، معاشي ۽ سماجي سگهه فراهم ڪئي ، ضياءَ جي دور ۾ بلوچستان جي ناراض سردارن کي ڪابل مان وڏي عزت احترام سان ٻيهر پنهنجن، پنھنجن علائقن ۾ رهندڙ رعيت مٿان راڄ ڪرڻ لاءِ آندو ويو ، ايئن اڻ لکئي معاهدي تحت سنڌ ۽ بلوچستان جي سردارن کي اقتدار جي مسندن تائين پهچائي سردارن جي ذريعي عوام جي جمهوري تحريڪ جي نڙي تي به لت ڏياري ويئي.
ون يونٽ کان وٺي ملڪ ۾ لڳل مارشل لائن، ٻٽي مڪاني نظام کان وٺي ڪالاباغ ڊيم، ٿر ڪينال، قدرتي وسيلن جي مالڪي ۽ سنڌي ٻوليءَ جي بقا جي جدوجهد سميت ملڪ جي جمهوري جدوجهد توڙي سنڌ جي قومي وحدت جي وجود واري تحريڪ ۾ اوھان کي سنڌ جا سردار ٻاهرين ٻني تي ئي ملندا، هي وطن ۽ قوم کان لاتعلق سردار پنهنجي سياسي، سماجي طاقت ۾ اضافي جي لاءِ وقت جي هر حڪمران سان گڏ بيٺل آهن، هنن جي قبائلي ۽ نسلي سياست سنڌي قوم جي تشڪيل جي آڏو بند ٻڌڻ جو ڪم ڪري ٿي هنن جي ڪوشش آهي ته عام ماڻهو قبيلن، ذاتين ۽ نسلن جي بنياد تي سياست ڪري، منجهن گڏيل اجتماعي قومي سوچ پيدا ئي نه ٿئي ، هنن سردارن جون ترجيحون مجموعي طور قومي ۽ عوامي مفادن جي خلاف آهن سرداري نظام ۾ هڪ فرد وٽ ئي طاقت جي سگهه گڏجي ٿي جنهن ڪري انساني حقن جون ڀڃڪڙيون روز جو معمول آهن، سرداري نظام ۾ اظهار جي آزادي جو تصور ڪرڻ ئي وڏو گناھه آهي، هنن جي محلن ۾ هنن جي قبيلن ۽ راڄن جا ماڻهو هن آگاهي ۽ گڏيل شعور واري ايڪيهين صديءَ ۾ به پيرن اگهاڙي داخل ٿين ٿا ۽ پٽ تي ويهي، غلامن جيان پنهنجون عرضيون پيش ڪن ٿا، هنن وٽ عورت اڄ به صديون پراڻي رسمن جي آويءَ ۾ پچن ٿيون هي ڪارو ڪاري جي ڪڌي رسم جا موجد آهن ۽ اڄ به هنن جي علائقن ۾ ڪارين جا ڪوٽ ٺهيل آهن ڪاريون ٿيل عورتون هنن جي درن جون ٻانھيون آهن، جن جي جسمن ۽ ساهن تي هن جو ئي قبضو آهي، هي راڄن جي فيصلن ۾ رڳو سرداري ڏنڊ نٿا وٺن پر عام ماڻھو جي قتل جي قيمت ڏهه لک رپيا ۽ سردار جي قتل جو قصاص سڱ چٽين سان گڏ ڪروڙ روپين کان مٿي مقرر خدا جي خلق کي نياپو ڏين ٿا ته هي اتم ۽ اعليٰ نسل جا ماڻهو آهن جن جي قيمت ڪروڙن ۾ آهي.
سنڌ ۾ سرداري نظام اڄ به اسان جي توقع کان وڌيڪ طاقتور آهي. شهيد بي نظير ڀٽو جي جمهوري، سيڪيولر ۽ لبرل سياست جي وراثت جو وارث آصف علي زرداري به ملڪ جو صدر هوندي زرداري قبيلي جي پڳ ٻڌڻ لاءِ ننهن چوٽيءَ جا زور هڻي ٿو.
سرداريءَ جي سياسي پڳ جيڪا رابرٽ سنڊيمن بلوچستان جي قومي وحدت کي ورهائڻ لاءِ 1876ع ۾ بلوچن جي مختلف قبيلن جي سردارن کي ٻڌائي هئي سا پڳ صدي کان مٿي سفر ڪري هاڻي سنڌي قوم کي ذاتين قبيلن ۽ نسلن ۾ ورهائڻ جي لاءِ مٽياري جي ميمڻن، سکر جي ميراڻين، بدين جي ملاحن ، نوشهرو جي ماڇين (سولنگين ) ۽ هالا جي مڱڻهارن تائين اچي پهتي آهي هر شاطر، ظالم، موقعي پرست، وطن، عوام ۽ قوم دشمن جي ڪوشش آهي ته هو ڪنهن به قبيلي جو سردار ٿي رياستي ادارن جي آشيرواد سان عام ماڻهو جي نڙي تي ننهن ڏيئي ويهي نسلن تائين سياسي چٻڙاٽو ڪري.
مهذب دنيا هاڻي قبيلن، نسلن جي اتم ۽ نيچ پڻي مان نڪري صلاحيتن، ڪردار ۽ ڪم جي نتيجن جي آڌار تي ماڻهن جو قدر ڪرڻ شروع ڪيو آهي. هتي هي اڃان اسان کي واپس رابرٽ سنڊيمن جي دور ۾ وٺي وڃڻ جي ڪوشش ۾ آهن. جيئن اسان جا نسل اطاعت سان ئي زندگي گذارڻ جا گر سکي سگهن.
سرداري نظام دراصل انسان جي سوچ، صلاحيت، هنر، ڪم ۽ ڪردار جو دشمن نظام آهي.هن نظام ۾ فقط ماڻهپي جو قتل نٿو ٿئي پر سردار جي پڳ جي هر ور ۾ عام ماڻھوءَ جو ساھه نپوڙ جي ٿو.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *