تازا ترين
  • سنڌ ۾ ماڪڙ جي تباهي نه روڪڻ خلاف عدالت ۾ وڃڻ جو فيصلو*ايوانِ زراعت سنڌ طرفان وفاق ۽ سنڌ سرڪار خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو*
  • *گهوٽڪي ۾ رولو ڪُتن نينگر ۽ نوجوان کي ڏاڙهي وڌو: اسپتال ۾ وئڪسين نه ملي*
  • *ٿر ۾ بُک ۽ بيمارين وڌيڪ وڌيڪ 4 ٻارڙا فوت: هلندڙ سال 789انگ ٿي ويو*
  • *مٺي ۾ پورهيت جي گهر کي باهه:الهه تلهه سڙي رک*
  • *حڪومت آرمي چيف جي مدي بابت قائل ڪري، استعيفائون ڏئي سگهون ٿا: اختر مينگل*

سبيل چپن جي ٽاڪن کي کولڻ جي شروعات!

گهڻو وقت اڳ اهو طئه ڪيو هئم ته جڏهن به لکندس ته حالات حاضره تي نه لکندس پر معاشري جي اصلاح، نئين نسل جي تربيت ۽ قومي مفادن سان لاڳاپيل موضوعن تي لکندس پر شايد اندر ۾ هڪ نقاد ۽ معاشري تي نظر رکندڙ انسان گهلي وري به حالات حاضره ڏانهن متوجهه ڪرائي ٿو. اڄ ڪلهه سوشل ميڊيا جو دور هئڻ ڪري روزانو هزارن جي تعداد ۾ ماڻهو پنهنجا ويچار فيس بڪ ۽ ٽوئٽر تي ونڊين ٿا. ڪجهه انهن منجهان قابل غور نٿا هجن جڏهن ته ڪجهه تعداد اهڙو به آهي جيڪي صاحب راءِ هجن ٿا ۽ انهن جي ويچارن کي پڙهندڙ مان ۽ مڃتا به ڏين ٿا. اڳي حالات حاضره جي لاءِ اخبارن ۽ ٽي وي چينلز تان باخبر ٿي ڪا راءِ ۽ تجزيو پيش ڪيو ويندو هو، پر هينئر اتان کان گهڻي معلومات سوشل ميڊيا تان مليو وڃي. ڦهلايل افواهن ۽ اڻپورين اڻ تصديق ٿيل خبرن جا انبار به هجن ٿا، پر جيڪي رايا ۽ مختصر خيال پيش ڪيا وڃن ٿا، اهي اهميت رکن ٿا.
آئون ڪنهن به شخص جي نالي سان منسوب ڪرڻ بجاءِ ايئن چوندس ته منهنجو اڄ جو ڪالم هڪ سوچ جي نتيجي ۾ جنم وٺي رهيو آهي. آئون پنهنجي خيالن کي ۽ سوچ کي پڙهندڙن جي اڪثريت آڏو پيش ڪريان ٿو هر ڪنهن کي انهيءَ سان اختلاف رکڻ جو پورو پورو حق آهي. 29 تاريخ تي ملڪ جي لڳ ڀڳ سڀني وڏن شهرن ۾ شاگرد اتحاد طرفان مظاهرا ڪيا ويا، جن ۾ کاٻي ڌر جي جماعتن جو اثر وڌيڪ نظر آيو. شايد اهو انهيءَ ڪري به ته اهتمام ئي کاٻي ڌر جي جماعتن جو هو سو لازمي آهي ته ڳاڙهي رنگ جو انهيءَ تي حاوي هجڻ فطري عمل هو. نعرن جو جهنڊن جو ۽ تقريرن جو رنگ لال لال ئي هو ۽ ان ئي ماضي واري کاٻي ڌر جي سوچ کي سڀني تضادن مٿان وزندار ڪري پيش ڪيو ويو ته هتي صرف قومون ئي ٻه آهن؛ هڪ مظلوم ٻيو ظالم، هڪ حاڪم ٻيو محڪوم، هڪ جو تعداد چند سئو آهي جڏهن ته باقي اسان ڪروڙن جي تعداد ۾ آهيون. بلڪل به اها ڳالهه درست آهي پر هن ملڪ جو ماضي کان وٺي هڪ اهم سوال اهو رهيو آهي ته پاڪستان گهڻ قومي وفاق آهي ۽ انهيءَ ۾ شامل وحدتن جي پنهنجي جاگرافي، ثقافت، ٻولي ۽ سياسي اقتصادي مفاد آهن، تنهن ڪري هتي واضح تضاد قومي نوعيت جا به آهن جن کي نه ڪوئي رد ڪري سگهي ٿو ۽ نه ئي ڪو انهيءَ کان انڪار ڪري گڏيل سياست ڪري سگهي ٿو.
ماضي جي سياسي عروج واري دور ۾ کاٻي ڌر جي دوستن سان اهو ئي بحث هميشه رهيو ته هن ملڪ ۾ قومي تضاد پهرين حل ٿيڻ گهرجي بعد ۾ طبقاتي پر کاٻي ڌر جا دوست اهو قبول ڪرڻ لاءِ ئي تيار ڪونه هوندا هئا ته ڪو قومي تضاد به ٿيندو آهي. دنيا سموري جو مسئلو طبقاتي آهي، دنيا سموري جا مزدور هڪ قوم آهن. بلڪل ايئن جيئن هن ملڪ اندر مذهبي جماعتن ۽ رياست جو خيال آهي ته دنيا جا سڀ مسلمان هڪ قوم آهن.
آئون سمجهان ٿو ته اڄ جي کاٻي ڌر جي قيادت ماضي جي انهيءَ سوچ جي نتيجي مان ڪجهه پرايو هوندو. ڇاڪاڻ ته قومي سوال کي پٺتي رکي رڳو طبقاتي تضاد کي اهميت ڏيڻ سبب هتي جي قومپرست سوچ سان اهي سلهاڙجي نه سگهيا ۽ نتيجي ۾ مستقل مفاد رکندڙ ٽولو سڀني مٿان حاوي ٿي ويو. سياست کي علم ۽ شعور کان وانجهو ڪري اقتدار جي بک ۾ ڊوڙندڙ بگهڙ بڻايو ويو ۽ هر اقتدار ۾ ايندڙ ڌر کي اهڙو ته رياستي ڪاروهنوار جي ڌنڌ ۾ ڦاسايو ويو جو ڪنهن کي به اهو ياد نه رهيو ته اقتدار عوام جي ووٽ وسيلي حاصل ڪري عوام جي فلاح ۽ بهتري لاءِ ڪو ڪم يا رٿا جوڙڻي آهي يا ڏنڊي جي ماتحت پنهنجي ڪرسي پڪڙي ڪرپشن ڪرڻي آهي، چند نوڪريون ورهاڻيون آهن ۽ ڪجهه عدد مٽن مائٽن دوستن يارن کي ڏئي خوش ٿيڻو آهي ته اسين حڪمران آهيون.
ساڳئي وقت جيڪي دوست انهيءَ شاگرد اتحاد جي جدوجهد کي شڪ جي نگاهه سان ڏسي مڪمل طور رد ڪري رهيا آهن اهي به درست ڪونهن. اهڙي ماحول ۾ جڏهن سماج کي مڪمل غير سياسي بڻائي ڪرپشن جي ڌٻڻ ۾ ڦاسائي ماڻهن کي مفلسي ۾ ڌڪي هر قسم جي آواز کي دٻايو ويندو هجي انهيءَ حالت ۾ هزارن جي تعداد ۾ شاگردن کي رستن تي آڻي پنهنجي بنيادي حقن جي گهر ڪرڻ ڪنهن به ڪرشمي کان گهٽ ڪونهي. اهو سماج جنهن ۾ شعور جي ابتدائي ڏاڪي تي پهتل نوجوان نسل کي تعليمي ادارن ۾ دستاويز تي والدين جي ضمانت تي اهو لکرائي ورتو ويندو هجي ته هو سياست نه ڪندو، انهن حالتن ۾ اهو شاگرد جڏهن سياست جي لاءِ رستا کولي رهيو آهي ته انهن سڀني شعور رکندڙ فردن توڙي ڌرين کي انهيءَ جي حمايت ڪرڻ گهرجي ۽ انهيءَ سان گڏ بيهڻ گهرجي.
اها چڻنگ جيڪا اڄ دکندي نظر اچي رهي آهي انهيءَ منجهان هر ڪو پنهنجي باهه جي ڀنڀٽ کي ڀڙڪائي سگهي ٿو. شاگرد يونين جي بحاليءَ وارو سوال رڳو ڪونهي پر هي ته ابتدا آهي انهيءَ سبيل چپن جي ٽاڪن کي کولڻ جي جيڪي رياست بنا تفريق جي هر هڪ صاحبِ عقل ۽ اهلِ دانش جي وات بند رکڻ لاءِ ٽوپيا هئا! جيڪي دوست اهو سمجهن ٿا ته لاهور ڪڏهن به مظلوم جي آواز جي اڳواڻي نه ٿو ڪري سگهي ته پوءِ انهن کان رڳو ايترو سوال آهي ته ڀلا پاڻ اڳيان اچو جي انهن تي اعتبار ڪونهي!؟ ڳالهه اعتبار ۽ سچائي يا ڪوڙ جي به ڪونهي، ڳالهه اها آهي ته اڄ جنهن جمود کي ٽوڙڻ لاءِ سرخن جي سوچ روڊن تي نڪتي آهي ان سان سياست جي اهميت اجاڳر ٿيندي ۽ شعور جي سوچ جي اظهار جي آزادي جي راهه ۾ ٻڌل بند ٽٽي پوندو. هڪ دفعو اهو بند جي ٽُٽو ته پوءِ جبلن کان لهندڙ درياهه جي پاڻي کي ڪير روڪي ڪونه سگهندو.
ڪن اهو به اظهار ڪيو ته ملن کان پوءِ وري سرخن کي روڊن تي آڻي ڪهڙو پيغام ڏنو پيو وڃي، انهن کي ادائگي ڊالرن ۾ ٿيندي يا روبل ۾؟! خبر نه آهي پر هاڻي اسان جو ايمان وڃي اهو بچيو آهي ته جيڪا به جدوجهد ٿئي، جيڪو به ڪو آواز اٿاري ته اهو ضرور چيو ويندو ته الائي ڪنهن جي اشاري تي آهن؟! مونکي لڳي ٿو ته اهڙي سوچ رکندڙ ماڻهن اهو يقين ڪري ورتو آهي ته هن ملڪ ۾ هر عمل اسٽيبلشمينٽ جي مرضيءَ کان سواءِ ڪونه ٿيندو آهي. تنهنڪري جو ڪجهه به ٿئي ٿو اهو انهن جي صلاح ۽ منشا مطابق ٿئي ٿو يا انهن جي انهيءَ سوچ پٺيان اهو به يقينن هوندو ته هتي انهن سان ڳٺ جوڙ ڪري ڪجهه حاصل ڪجي، ڪابه جدوجهد ڪرڻ يا سياست ڪرڻ فضول آهي.
بلڪل ايئن کڻي هجي به، ڪجهه گهڙين لاءِ اهو مڃي ٿا وٺون ته سڀ ڪجهه انهن جي مرضي سان ٿي رهيو آهي، هنن سرخن کي به اڄ ڪنهن مقصد خاطر روڊن تي آندو آهي ته ڇا انهيءَ مان اهلِ علم، دانش ۽ عقل ۽ فهم رکندڙ پنهنجي مقصد جي حاصلات لاءِ ڪو دڳ ڪونه ٿا ڪڍي سگهن؟! سياست جي علم ۾ اهو ئي فن اهم آهي ته مخالف جي چال کي پنهنجي چال سان پنهنجي حق ۾ تبديل ڪري کيس شهه ڏجي. جيڪڏهن ڪو اڄ جي حالتن ۾ رڳو انهيءَ شڪ جي بنياد تي رد ڪري گهر ويهي رهي ته اها اسٽيبلشمينٽ جي چال آهي ته منهنجي نظر ۾ انهيءَ جهڙو غير سياسي يا سياسي طور مسڪين ڪو ٿي ڪونه ٿو سگهي.
اڄ جي حالتن ۾ سياست ڪندڙ ڌرين توڙي سياسي سوچ ۽ سمجهه رکندڙ فردن کي پنهنجو به نئين سر جائزو وٺڻو پوندو ۽ سائنسي بنيادن سان ڪن تبديل ٿيندڙ حالتن کي قبول ڪري انهيءَ سان اڳتي وڌڻو پوندو، جي ايئن نه ٿيو ته پوءِ دائمي غلامي سندن مقدر بڻيل هوندي، ڪير به انهيءَ مان پراڻي سوچ ۽ تنگ نظري واري نظرئي سان نڪري ڪونه سگهندو.

Bookmark the permalink.

2 Responses to سبيل چپن جي ٽاڪن کي کولڻ جي شروعات!

  1. Mohammed tarik says:

    What ever be , the thing is that they ignited the souls of oppressed sections.

  2. MansOOr says:

    Got a good article to read after A lot of time

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *