تازا ترين
  • *نواب شاهه: صحافي عزيز ميمڻ جو قتل ڪيس ڪئميرامين اويس قريشي سوڌو 5 جوابدارن خلاف داخل*
  • *جيڪب آباد: مهڪ ڪماري جي ننڍي ۾ عمر ۾ شادي ڪرائڻ جو ڪيس داخل*
  • *قبضا مافيا کي ڪير ڪجهه نٿو چوي، پر عوامي مفادن لاءِ ڪم ڪندڙن خلاف ڪيس داخل ٿيندا آهن: سنڌ هاءِ ڪورٽ*
  • *پ پ اڳواڻ سردار چانڊيو ۽ برهان چانڊيو خلاف انڪوائري مڪمل: جوابدارن جي عبوري ضمانت ۾ واڌ*
  • رستم ڀرسان ڪارنهن تهمت هيٺ عورت قتل، لاش گم،2 گرفتار*ڳوٺ سردار خادم جتوئي ڀرسان 15 ڏينهن اڳ ڀاءُ پنهنجي ڀيڻ سبحان خاتون کي قتل ڪري لاش گم ڪري ڇڏيو*
  • ڪورونا وائرس:چين ۾فوتين جو انگ 2 هزار کان وڌي ويو*هن وقت تائين 2004 ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن، متاثرن جو انگ 74 هزار کان وڌيڪ آهي: چين*

ساڄي ڌر ۽ اسٽيبلشمينٽ پهريون ڀيرو آمهون سامهون!

ذاتي طور تي آئون حيران آهيان، مولانا فضل الرحمان جي سياست ڏاڍي منجهائيندڙ آهي. هڪ ته مولانا نهايت چالاڪيءَ سان پنهنجا سياسي پتا کيڏيا آهن، هن هميشه جمهوريت جو نعرو ته هنيو آهي پر سندس اسٽيبلشمينٽ سان به نهايت ويجها لاڳاپا رهيا آهن. مولانا وٽ سڀني کي گڏ کڻي هلڻ جو ڏانءُ آهي. بينظير صاحبه جي مخالفت ڪيائين پر هن سان سٺا تعلقات به هئس، محترمه جي معرفت هو ڪشمير ڪاميٽيءَ جو چيئرمين به رهيو ۽ مالي فائدا به ورتائين. نواز شريف جي به گُڊ بُڪس ۾ رهيو آهي ۽ هن جي دور ۾ به ڪشمير ڪاميٽي جو چيئرمين رهيو. جڏهن پ پ – ايم ڪيو ايم جي پاڻ ۾ رساڪشي هلندي هئي ته ان ۾ به زرداري صاحب ايم ڪيو ايم سان ڳالهائڻ لاءِ مولانا کي موڪليو هو. اسفنديار ولي ۽ محمود اچڪزئي ساڻس سياسي مخالفت رکڻ باوجود به هن سان گڏ بيٺل آهن. جيڪو انگريزي ۾ چوندا آهن ته Fit in all Situations سو مولانا به اهڙو ئي سياستدان رهيو آهي. لبرل ۽ ڊيموڪريٽس سان گڏ پنهنجي ساڄي ڌر جي به رهنمائي ڪئي اٿئين، اسٽيبلشمينٽ سان به سٺا لاڳاپا رهيا اٿس، هن جي والد جي جميعت علماءِ هند سان وابستگي سبب ڀارت ۾ به عزت آهي ته سعودي عرب ته هونئن ئي مولانا جو فنانسر رهيو آهي. سو ان سموري پس منظر هوندي، آئون سوچڻ تي مجبور آهيان ته پ پ ۽ ن ليگ جي به کيس فقط علامتي حمايت هوندي هن جيڪو جارحاڻو انداز اختيار ڪيو آهي، ماڻهو به پنهنجا آندا آهن، مٿان وري جنهن نموني سان هن جلسي ۾ تقرير ڪئي، ان مان ته لڳي ئي ڪونه پيو ته ڪو مولانا فضل الرحمان پيو ڳالهائي! ڇاڪاڻ ته هن جنهن طريقي سان اسٽيبلشمينٽ سان اوپن ڊائيلاگ ڪيو ۽ ان کي غيرجانبدار رهڻ جو چتاءُ ڏنو ۽ عمران خان کي فوري استعيفيٰ ڏيڻ جو الٽيميٽم ڏنو، اهو گهڻو ڪجهه ٻڌائي ٿو.
مونکي لڳي ٿو ته مولانا پنهنجا ٻيڙا ساڙي آيو آهي، ڇاڪاڻ ته مولانا کي ڪافي ڪجهه نظر اچي ٿو. هڪڙو اهو ته ايف اي ٽي ايف سميت جيڪي ٻيا ريگيوليٽري معاملا آهن ان سان جيڪا بنياد پرست ڌرين کي سعودي عرب سميت ٻين ملڪن مان فنڊنگ ٿيندي هئي، اها بند ٿيڻ شروع ٿي وئي آهي، ٻئي طرف اسٽيبلشمينٽ به ايف اي ٽي ايف ۽ آءِ ايم ايف جيڪري تمام گهڻي دٻاءُ ۾ آهي ۽ کيس ڊپ آهي ته خدانخواسته جيڪڏهن سرحد پار ڪو اهڙو اڻ وڻندڙ واقعو ٿي ويو ته پاڪستان مشڪل ۾ اچي ويندو، تنهنڪري اسٽيبلشمينٽ تمام گهڻو محتاط آهي، ان ڪري اها هنن سان عوامي توڙي خانگي سطح تي ويجهو نٿي اچي. ان ڪري مولانا جا جيڪي اسٽيبلشمينٽ سان پراڻا ناتا هئا، اهي هاڻ بي معنيٰ ٿيندا پيا وڃن. ان کان علاوه افغانستان جي صورتحال هاڻ تبديل ٿي وئي آهي، اتي آمريڪا پاڻ چاهي ٿو ته ڪا اهڙي قبوليت جوڳي حڪومت قائم ڪجي جنهن ۾ مقامي طالبان ۽ ٻيا ڌڙا شامل هجن، انهن ۾ به اسٽيبلشميٽ معرفت جيڪو هنن جو اثر هوندو هو، اهو هاڻ غير متعلق ٿي ويو آهي، هاڻ آمريڪا طالبان سڌيون ڳالهيون ٿا ڪن. سو هي سمورو منظرنامو به مولانا جي تازي آزادي مارچ جو پس منظر آهي ته هنن جي لاءِ سمورا رستا وڃن پيا بند ٿيندا، ٻيو عمران خان بذات خود هن وقت مذهبي ڪارڊ استعمال پيو ڪري، رياست مدينه کان ويندي توهم پرستي وغيره جون ڳالهيون ٿو ڪري، ته مولانا جي سموري راهي پوکي کي وڃي ٿو کاٽ لڳندو، سو اهي سڀئي فيڪٽرس آهن، جنهن ڪري مولانا لاءِ هي Do or die واري صورتحال آهي، تنهنڪري مولانا ايئن ڪونه ويندو. توهان ڏسو ته باوجود پ پ ۽ ن لگ پاران ان ڳالهه جي ته هو ڌرڻي ۾ نه ويهندا، هو به چوي ٿو ته ڀل نه ويهو رُڳو اخلاقي حمايت ڪريو. هاڻ جيڪا ايندڙ صورتحال ٿيندي ڏسان ٿو ته ڪڏهن ڪڏهن اڻ چاهيل نتيجا به نڪرندا آهن، مان سمجهان ٿو ته اها ڌر جيڪا سدائين اسٽيبلشمينٽ جي پاسي رهي آهي سا نه چاهيندي به سول – ملٽري رسا ڪشي ۾ هراول دستو ٿي بيهي رهي آهي، يعني مونکي اهو لکندي به عجيب لڳي ٿو ته مولانا فضل الرحمان جي پي ٽي آءِ جي مخالفت ۾ اصل محاذ آرائي اسٽيبلشمنيٽ سان آهي. اسٽيبلشمينٽ لاءِ به اهو هڪ نئون تجربو هوندو، هميشه پي اين اي جي تحريڪ هجي يا تحفظ پاڪستان يا متحده مجلس عمل جي حڪومت، تنهن ۾ اهي سهڪاري رهيا آهن پر هي پهريون دفعو آهي جو اسٽيبلشمينٽ کي مولانا ڳچيءَ ۾ پيو آهي ۽ اسٽيبلشمينٽ جي مجبوري اها آهي ته اها مولانا سان ڊيل ڪهڙي ۽ ڪيئن ڪري؟ ڇاڪاڻ ته عالمي دٻاءُ ايترو آهي جو مولانا سان اسٽيبلشمينٽ ڊيل ڪري ئي نٿي سگهي. تنهنڪري مجبورن اسٽيبلشمينٽ کي عمران خان سان گڏ بيهڻو پيو آهي ڇاڪاڻ ته عمران خان هڪ قسم جو مذهبي ماسڪ به چاڙهي بيٺو آهي، سڀ ڪم به ڪري پيو. مولانا لاءِ ته پنهنجي جيئاپي جي جنگ آهي ئي آهي ساڳئي نموني اسٽيبلشمينٽ لاءِ به نهايت ڏکيو مرحلو آهي ته کين معيشت به بچائڻي آهي، دنيا ۾ اهو تاثر به قائم رکڻو آهي ته بنياد پرست ۽ اولهه مخالف قوتن سان هنن جو ڪو تعلق ناهي سو ڏسجي ته مولانا جي ڌرڻي کي ڪيئن ٿو منهن ڏنو وڃي، طاقت جو استعمال ٿئي ٿو، ڪا رعايت ڏني وڃي ٿي، ڪا عدالتي ڪميشن ٺهي ٿي، ڪهڙا معاملا طئه ٿين ٿا، ڇاڪاڻ ته مولانا کي اها خبر آهي ته جيڪڏهن هتان هي هٿين خالي واپس ويو ته سندس سياست ختم ٿي ويندي، هن لاءِ وري ٻه ٽي لک ماڻهو آڻڻ، دٻاءُ پيدا ڪرڻ شايد ممڪن نه ٿئي. مونکي لڳي ٿو ته نواز شريف به شايد ڪجهه وقت لاءِ ٻاهر هليو وڃي ۽ جيڪو مولانا پريشر ڪُڪر ٺاهيو آهي، ان جو ڍڪ لهي ويو ته مولانا وٽ ڪجهه نه بچندو. زرداري صاحب جا ته اسٽيبلشمينٽ سان مان سمجهان ٿو تعلقات ٺيڪ آهن، ڇاڪاڻ ته مراد علي شاهه به گرفتار نه ٿيو، پ پ تي ڪو دٻاءُ به ڪونهي پر مولانا هنن جي ڳچيءَ ۾ آهي.
هاڻ مولانا لاءِ به مسئلو آهي، اسٽيبلشمينٽ جي لاءِ به پرابلم آهي. هاڻ ايندڙ ٻن ٽن ڏينهن ۾ خبر پوندي ته صورتحال ڪهڙي پاسي وڃي ٿي ته ڇا ٽڪراءُ ٿيندو، پر ٽڪراءُ ڪيئن ٿيندو، مولانا سان تمام گهڻا ماڻهو آهن، جيڪي مرڻ مارڻ لاءِ تيار آهن، هي عمران خان جي ممي ڊيڊي ڪارڪنن جهڙا ناهن، هي ته تيار ڪارڪن آهن، جن مان ڪن کي ته جهاد جو به تجربو هوندو، هنن کي خبر آهي ته هنن جو مستقبل خطري ۾ آهي، عالمي، علائقائي يا ملڪي سطح مان ڪٿان به هنن جي سياست کي آڪسيجن نٿي ملي، پر ان اڻ چاهيل ٽڪراءُ مان سول- ملٽري لاڳاپن جي نوعيت ايندڙ وقتن ۾ ظاهر ٿيندي ته ڇا اسٽيبلشمينٽ پوئتي هٽي ٿي، ڇاڪاڻ ته مولانا جيڪو هڪڙو قابل تحسين ڪم ڪيو آهي سو اهو ته هن دليري ڪئي آهي، هن کلي عام چئلينج ڏنو آهي، تنهن ۾ آءِ ايس پي آر جي ردعمل اپوزيشن ۽ اسٽيبلشمينٽ کي آمهون سامهون آڻي بيهاريو آهي. ان صورتحال جا نتيجا اڳتي هلي ڪهڙا نڪرن ٿا، ڀلي کڻي پ پ ۽ ن ليگ جو رويو نرم آهي پر مجموعي طور تي جيڪا اپوزيشن آهي اها ٽٽندي ڪونه ڇاڪاڻ ته پ پ، ن ليگ ڪڏهن به ان موقعي کي هٿان نه وڃائينديون، اهي حمايت ضرور ڪندا ايندا. سو هاڻ ڏسون ته حڪومت ڪهڙي طريقي سان منهن ڏئي ٿي، ڊيل ٿي ڪري يا ٽڪراءُ ڏي وڃي ٿي پر مونکي مولانا ڪنهن ڊيل تي راضي ٿيندي نظر نٿو اچي، هي پنهنجي سياست کي زنده رکڻ لاءِ ڪنهن به حد تائين وڃي سگهي ٿو، ڇو ته هن کي خبر آهي ته سندس مستقبل خطري ۾ آهي. جيستائين عمران خان جو تعلق آهي ته هن جي سياست هن وقت انتهائي قابل رحم آهي، هو ڄڻ ملڪي سياست مان غير متعلق ٿي ويو آهي، جيڪڏهن آهي ته اها اسٽيبلشمينٽ بمقابلا اپوزيشن آهي. باقي حڪومت وٽ ڪو اهڙو ڪارڊ ناهي، جنهن سان مولانا کي مڃائي سگهن، منهنجي دلچسپي ان ۾ آهي ته ڏسجي ته هي پهريون دفعو جيڪو سول- ملٽري ٽڪراءُ ساڄي ڌر جي قوتن مان پيدا ٿيو آهي، تاريخ ۾ ڪڏهن ايئن ناهي ٿيو، مولانا جنهن طريقي سان للڪاريو آهي، ساڄي ڌر جي هڪ انتهائي سگهاري قوت اسٽيبلشمينٽ سامهون بيٺي آهي، هميشه اسٽيبلشمينٽ هنن کي لبرل جمهوري ڌرين خلاف استعمال ڪندي رهي آهي پر هاڻ تاريخ جو ڦيٿو ڦريو آهي، ان مان نتيجو ڇا ٿو نڪري يا ته ان مان سول-ملٽري لاڳاپن ۾ بهتري پيدا ٿيندي يا اهو به خطرو پيدا ٿي سگهي ٿو ته وڌيڪ حالات خراب ٿين، ٽڪراءُ ٿئي، ٿي سگهي ٿو اسلام آباد ۾ ڪجهه وقت لاءِ ڪرفيو لڳي وڃي، ڪجهه به ٿي سگهي ٿو. سو ايندڙ ٻه ٽي ڏينهن نهايت اهم آهن. اهي ڏينهن ملڪ ۾ جمهوريت، سول-ملٽري لاڳاپن، لاءِ اهم آهن، ملڪ جو نظرياتي منظرنامو ڪهڙو رُخ اختيار ڪري ٿو، ڇاڪاڻ ته اهو به وڏو الميو ٿيندو جيڪڏهن ساڄي ڌر وارا ڪنهن حد تائين به اسٽيبلشمينٽ کي ڪمپرومائيز ڪرائڻ لاءِ ڪامياب ٿي وڃن ٿا، ان جو ڪريڊٽ مولانا کڻندو پوءِ ٿي سگهي ٿو ٻيا به کڻن جيڪي هينئر چپ ڪيون ويٺا آهن، سو هي نهايت دلچسپ وقت آهي.

Bookmark the permalink.

2 Responses to ساڄي ڌر ۽ اسٽيبلشمينٽ پهريون ڀيرو آمهون سامهون!

  1. Aijaz Ahmed says:

    saen jeko manzar namo awhan pesh kayo aa un aadhar ta sorathal jherry dday wendi nazar thi achy aen jy ean thio ta poe mamlo wadhek kharab thindo.

  2. Dilshad Bhutto says:

    اصل ۾ اسٽيبلشمينٽ جو اسٽيبلشمينٽ سان ٽڪراء آھي۔تنھنڪري ڪري ھاڻ ٻھارو گھمندو ۽ ان لاء مولانا جواز پيدا ڪري ڏنو آھي

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *