تازا ترين
  • *حڪومت مخالف تحريڪ ۾ استعيفائن جو آپشن آخري هوندو، گرفتاريون معنيٰ نٿيون رکن: يوسف رضا گيلاني*
  • *نيب هٿان گرفتار شهباز شريف لاهور جي احتساب عدالت آڏو پيش*ليگي اڳواڻ ۽ وڏي تعداد ۾ ڪارڪن به عدالت پهچي ويا، پارٽي قيادت جي حمايت ۾ مظاهرو*
  • شهباز شريف جي گرفتاري بعد مخالف ڌر سرگرم: پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جو اجلاس اڄ ٿيندو

سانوڻي جي رات ۽ جاڳي گذاريندڙ پورھيت

انھن راتين جو درد ته اھي ئي معصوم ٻارڙا ڄاڻن ٿا جن کي سڄي رات ڪچن گھرن جي ڇتين مان ٽمندڙ مينھن جا چوئاڪا ننڊ ڪرڻ ناھن ڏيندا، سانوڻ جي شاعراڻي مند ۾ جتي امير طبقي جا ماڻھو وسندڙ مينھن جي ڪڙڪيدار آواز مان پڪن گھرن جي بالڪونين ۾ بيھي لطف اندوز ٿيندا آھن اتي اھڙا پورھيت جن جي نصيب ۾ ڄمندي کان ئي ڪکن جون جھڳيون لکيل ھونديون آھن انھن پورھيتن جون پوڙھيون مائرون، ابھم ٻچڙا ۽ سندن جوان ونيون سانوڻ جي گھنگور گھٽائن ۽ ڪارين انڌيري راتين کي ڪنھن رومانوي احساس بدران ڪنھن خوفناڪ راڪاس جيان ياد ڪنديون آھن. اڃان ڄڻ ته ڪالھه جي ڳالھه آھي جو گذريل سانوڻ جي وسڪاري وقت سجاول جي حق آباد ڪالوني، وارڊ نمبر ھڪ جو ڪھرائي پاڙو، سول اسپتال وارو محلو، مصري شاھ پاڙو، وارڊ نمبر يارھن، بوائز ڪاليج جي پويان چوھاڻ محلو ۽ زرعي ترقياتي بينڪ جي پٺيان شيخ پاڙو، بوائز ھاءِ اسڪول روڊ، غوثيا مسجد محلو ۽ ٻيا ڪيترائي علائقا پاڻي جي تلاءُ جو ڏيک ڏئي رھيا ھئا. اھو پاڻي صرف برسات جو نه ھو پر برسات پوڻ سان ھتان جا جيڪي گٽر نالا پلٽي پيا ھئا انھن جي گندي ۽ بدبودار پاڻي گھٽيون، گھر ۽ روڊ رستا تلاءُ بنائي ڇڏيا ھئا، جتي ماڻھو گھرن کان نڪري بازارن مان سيڌو سامان وٺڻ لاءِ به گوڏي جيڏي گندي پاڻي مان جھاڳي گذريا پئي. مونکي اڄ به ياد آھي ته گذريل سال جي برساتن دوران يارھين نمبر وارڊ جي ھڪ پورھيت روئڻھارڪو ٿي ٻڌايو ھو ته گھرن اندر گوڏي جيڏو پاڻي بيھجي ويو آھي، اسان ٻچن سميت کٽن تي چڙھي ويٺا آھيون ۽ ڪچن ڪکاون گھرن ۾ اھڙي ڪا سڪل جاءِ ناھري جتي چلھه ٻاري ماني پچائي سگھجي، پاڻي جي پائيپ لائينن کي گٽرن جي گندي پاڻي ٻوڙي ڇڏيو آھي، پيئڻ لاءِ پاڻي به شھر جي مسجدن مان بالٽين ۾ ڀري کڻي وڃون ٿا ۽ گھرن اندر بدبودار پاڻي ۾ ويھي ٻارڙا بيمار ٿي پيا آھن،
بيمارن کي اسپتال کڻي وڃڻ لاءِ به ڪلھن تي چاڙھي گندي پاڻي کي جھاڳي پوءِ وڃون ٿا. اھا صورتحال صرف گذريل سال جي ناھي پر سجاول شھر جي ھيٺانھين وارن پاڙن ۾ ھر سال سانوڻ جي مند ۾ اھڙو ئي حشر ٿيندو آھي، پاڙن جا پاڙا ٻڏي ويندا آھن ۽ پوءِ متاثر ٿيل بي پھچ ماڻھو ڪڏھن ڊي سي جي آفيس اڳيان پھچي احتجاج ڪندا آھن ته سندن پاڙن ۽ گھرن مان گندو پاڻي نيڪال ڪرائي ڏنو وڃي ته ڪڏھن مختيارڪار آڏو ھٿ ٻڌي ٻاڏائيندا آھن ته سندن گھر ٻڏل آھن کين گندو پاڻي نيڪال ڪرائي ڏيو ۽ ڪڏھن ٽائون چيئرمين جي اڳيان فرياد ڪندا آھن ته قبلا بدبودار پاڻي ۾ ڪيئن رھون ڪجھه رحم ڪريو؟ اسان جا ڪچا باٿ روم ٻڏل آھن،
ضروري حاجت لاءِ ڪيڏانھن وڃون، ڪٿي چلھه ٻاري ماني ڳڀو پچايون؟ اھڙين منٿن، ايلازن ۽ ٻاڪارن باوجود به سجاول جي ٻڏل پاڙن مان برساتي پاڻي نيڪال ڪرڻ ۾ سرڪار کي مھينا لڳي ويندا آھن. مونکي ياد آھي ته گذريل سال جي برساتن بعد غوثيا مسجد محلي جي رھواسين جا گھر ٻڏي ويا ھئا، انتظاميا کي ايلاز ۽ منٿون ڪرڻ باوجود ڪجھه نه ٿيو نيٺ متاثر شھرين وڃي سول ڪورٽ سجاول ۾ درخواست داخل ڪرائي، ان درخواست تي ٻڌڻيون مھينن تائين ھلنديون رھيون پر برساتي گندو پاڻي نيڪال نه ٿيو سو نه ٿيو، سوچڻ جي ڳالھه اھا آھي ته جڏھن ھن شھر سان ھر سال برساتن جي مند ۾ اھڙي ويڌن ٿئي ٿي ته ڇا انتظاميا اھو ناھي سوچيندي ته ايندڙ سال جي برسات کان اڳ اھڙي پلاننگ ڪري وٺجي جو وري ھزارين شھري عذاب کان بچي پون؟ ٽائون ڪاميٽي، پبلڪ ھيلٿ کاتي ۽ ڊرينيج کاتي جي روايتي بجيٽ کان علاوه ھر سال برساتي ايمرجنسي کي منھن ڏيڻ لاءِ سرڪار پاران لکين روپيا خصوصي بجيٽ ڏني ويندي آھي، ضلعي جي انتظامي عملدارن کي الڳ ڪروڙين روپيا جاري ڪيا ويندا آھن پر اڄ تائين ڪو به شھري اھو سمجھي ناھي سگھيو ته اھا ڪروڙين روپيا برساتي ايمرجنسي جي بجيٽ آخر ڪيڏانھن گم ٿي وڃي ٿي؟ ڇا ان بجيٽ سان ھتان جي گٽر نالن جي نظام کي بھتر نٿو بنائي سگھجي؟
جو وري ڪنھن مسڪين جو معصوم ٻچڙو سڄي رات برسات جي ٽمندڙ چوئاڪن سبب سردي ۾ وٺڄي بيمار نه ٿئي، ڪو بخار ۾ ورتل ٻارڙو سڄي رات ڪنجھي ڪرڪي امان امان ڪري نه ٻاڪاري، ۽ سندس جيجل پنھنجي جگر جي ٽڪري کي بخار ۾ پڄرندو ڏسي رئي جي پلاند سان لڙڪ اگھي رات نه گذاري؟
ھن سال به برسات جي مند اچي وئي آھي پر ان کي منھن ڏيڻ لاءِ ڇا ڪيو ويو آھي؟ ٽائون ڪاميٽي سجاول کي ھر مھيني ھڪ ڪروڙ چار لک روپيا بجيٽ ملي ٿي، اھڙي ريت گذريل چار سالن جي دوران 49 ڪروڙ روپين کان وڌيڪ بجيٽ ملي چڪي آھي پر ان رقم مان شھر جي ڀلائي، گٽر نالن جي صفائي ۽ نئين سر جوڙ جڪ نه ٿي سگھي آھي ۽ صورتحال ڪھڙي آھي، اھو ڏسڻ لاء باقي چند ڏينھن آھن، ان بعد اخبارن ۾ ڇپجندڙ تصويرون پاڻ ڳالھائينديون ته سجاول جي گھٽين، پاڙن ۽ محلن جي حالت ڇا آھي؟ بس حيرت جي ڳالھه اھا آھي جو جڏھن کان موبائيل فون ۾ ھڪ ڪمال جي ايپليڪيشن آئي آھي جنھن کي واٽس ايپ چون ٿا،
اھا ايپ اچڻ کان پوءِ انيڪ واٽس ايپ گروپ جڙي ويا آھن ۽ اھي گروپ جڙڻ کانپوءِ ٽائون چيئرمينن، مختيارڪارن ۽ ٻين عملدارن پاران پگھاردار ملازم رکيا ويا آھن جيڪي برسات جي وقت انھن عملدارن سان گڏ موبائيل فونون کڻي گھمندا آھن ۽ ھر ھنڌ صاحبن جون تصويرون ڪڍي گروپن ۾ رکي لکندا آھن ته سائين ڪمال ڪري ڇڏيو، ڏسو ھو اڄ سوٽ بوٽ پايو پلٽيل گٽر جي ڀرسان بيٺو آھي ۽ مسڪينن جي مدد ڪرڻ لاءِ ڏينھن رات فوٽو ڪڍرائي فيس بوڪ ۽ واٽس ايپ گروپن ۾ رکرائي رھيو آھي، ڇا ان کان وڌيڪ ٻي ڪا خلق جي خدمت ٿي سگھندي؟ ڪڏھن ڪڏھن ته ان کان به وڌيڪ ڪمال ٿي ويندو آھي جو ڪو چيئرمين ڪٿي برساتي پاڻي ۾ سلوار جا پانچا پسائي وٺندو آھي ته سوشل ميڊيا تي واھ واھ ٿي ويندي آھي ۽ سندن پگھاردار سندس واکاڻ ۾ ڏينھن رات ھڪ ڪري ڇڏيندا آھن ته ڪمال ٿي ويو، چيئرمين برسات جي پاڻي ۾ پانچا پسائي ڇڏيا….! عين ان وقت ڪو اھڙو مسڪين جنھن جي گھر ۾ گوڏي جيڏو پاڻي بيٺل ھوندو آھي، چلھه نه ٻري سگھندي آھي ۽ سندس ٻچڙو بخار ۾ پڄري رھيو ھوندو آھي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *