تازا ترين
  • *نيب هٿان گرفتار شهباز شريف لاهور جي احتساب عدالت آڏو پيش*ليگي اڳواڻ ۽ وڏي تعداد ۾ ڪارڪن به عدالت پهچي ويا، پارٽي قيادت جي حمايت ۾ مظاهرو*
  • شهباز شريف جي گرفتاري بعد مخالف ڌر سرگرم: پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جو اجلاس اڄ ٿيندو

سانوڻي جون تباهيون ۽ گجر نالي جي سياست

سڄي سنڌ سانوڻي جي وسڪاري هيٺ آهي ،سانوڻي جي مند جيڪا سدائين سکن جي سار کڻي ايندي آهي حڪومتي ۽ انتظامي نااهلي سبب سڄي سنڌ لاءِ سورن جو سامان بڻجي وئي آهي هر شهر ڪنهن درياءَ ۽ ڍنڍ جو ڏيک ڏئي رهيو آهي ٻن ڏينهن کان هلندڙ برسات ماڻهن کي گهرن ۾ محدود ڪري ڇڏيو آهي ،ڪيترن هنڌن تي ڪجهه جاني نقصان کان علاوه ڪيترو ئي مالي نقصان ٿيو آهي۽ حڪمران آهن جيڪي گجرنالي کان اڳتي نڪري سڄي سنڌ ڏانهن ڪو ڌيان ڏيڻ لاءِ تيار ئي ناهن. ڄڻ رڳو هڪڙي شهر ۾ ماڻهو ٿا رهن يا برساتن جو نقصان رڳو هڪ ئي شهر ۾ ٿيندو آهي ۽ ٻين شهرن سان اسانجي حڪمرانن جو ڪو واسطو ئي ناهي.
برساتن جي نقصانن کان رڳو گٽر نالا صاف ڪرائي بچي نه ٿو سگهجي ،بجلي جي فراهمي به برساتن ۾ وڏو مسئلو آهي ،ماڻهن کي پيئڻ جو صاف پاڻي ملڻ به اهم مسئلو آهي،سڀ کان اهم مسئلو ڏهاڙي تي ڪم ڪندڙ ماڻهن جي روزگار جي متاثر ٿيڻ جو آهي. اسان وٽ جيڪي ادارا جنهن ڪم لاءِ ٺهيل آهن اهي ادارا اهي ڪم ڇڏي ٻين ڪمن ۾ لڳي وڃن ٿا .گٽر نالا صاف ڪرائڻ ميونسپل ۽ مڪاني ادارن جو ڪم آهي پر نالي ۾ قومي ميڊيا جي دٻاءُ ۾ سڄي سنڌ حڪومت هڪڙي گجر نالي تي چڪر ڪاٽڻ ۾ پوري آهي ،هڪڙا وزير پريس ڪانفرنسون ڪري وڃن ٿا ته ٻيا وزير اتي دورو ڪرڻ پهچي ٿا وڃن،باقي ٻين شهرن ۾ ڪهڙي حالت آهي انهي جي خبر سنڌ حڪومت ته ڇا اتان جا ميونسپل ادارا به نه ٿا لهن. هن سانوڻي جي موسم ۾ شاخن کي اڪثر گهارا لڳڻ جون خبرون سامهون اينديون آهن ڇو ته سسٽم ۾ پاڻي موجود هجڻ ڪري برساتون پوڻ سان اهي شاخون يا واهه وڌيڪ بار برداشت نه ڪري سگهندا آهن ۽ جتان ڪٿان شاخن ۽ واهن کي گهارا لڳڻ جون خبرون اينديون آهن پر آبپاشي کاتو مجال آهي جو ننڊ مان جاڳي ،انهن گهارن سبب ڳوٺن جا ڳوٺ ٻڏي ويندا آهن فصل تباهه ٿي ويندا آهن پر انهي پاسي ڪنهن جو به ڌيان نه هوندو آهي. ڊزاسٽر ۾ ماڻهن جي سار لهڻ لاءِ ٺاهيل ادارا اين ڊي ايم اي ۽ پي ڊي ايم اي کي اهڙي وقت ۾ ماڻهن کي ريسڪيو ڪرڻ ۽ انهن جي سار لهڻ بدران نالن کي صاف ڪرڻ جي ڊيوٽي تي لڳايو ويو آهي،جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته رڳو صوبائي حڪومت جي فيصلا سازي يا ڪم ڪرڻ جي طريقي ۾ ئي کوٽون ناهن وفاقي حڪومت به ساڳي طرح ئي ڪم ڪري رهي آهي جو انهن جي به قومي ميڊيا جي دٻاءَ ۾ اچي رڳو هڪ ئي شهر تي نظر آهي باقي ٻيا شهر ٻڏن ،لڙهن،بک مرن، انهن کي بجلي نه ملي انهن کي پاڻي نه ملي انهن جا روزگار بند هجن انهن سان ڪنهن به حڪومت جو ڄڻ ڪو سروڪار ئي ناهي بس هڪڙي شهر جي سياست آهي جنهن تي ٻئي حڪومتون پنهنجون ڦڙتيون ڏيکاري رهيون آهن.
هن وقت ماڻهن جي سار لهڻ سڀ کان وڌيڪ ضروري آهي ڪڏهن ڪنهن حڪومت يا ڪنهن اداري اهو سوچيو آهي ته روز ڪمائيندڙ ماڻهو جڏهن ڏهاڙي کان موٽندو آهي ته ڪجهه ڪلو اٽو وٺي گهر موٽندو آهي تڏهن وڃي انهي جي گهر ۾ ماني پچندي آهي پر جڏهن ٻه ٻه ڏينهن برساتن کي گذري وڃن ته انهي جو روزگار نه ٿيندو آهي ۽ سندن ٻچا بک تي ويٺا هوندا آهن ، اين ڊي ايم اي ۽ پي ڊي ايم اي جهڙا ادارا ٺاهيا ئي انهي وقت لاءِ ويا هيا ته اهي انهن ماڻهن جي اهڙي ڏکئي وقت لاءِ سار لهندا، پر وفاقي حڪومت انهن کان پنهنجو ڪم وٺڻ بدران گٽر نالن جي صفائي تي لڳائي ڇڏيو آهي ۽ ماڻهو بک تي ويهڻ تي مجبور آهن ،هوڏانهن برساتن ۾ ڪي اليڪٽرڪ کان وٺي حيسڪو ۽ سيپڪو جي حالت اها آهي جو ڏينهن جا ڏينهن بجلي بند ڪري ٿا ڇڏين نه ٿو پاڻي نيڪال ٿي سگهي ۽ نه ئي ماڻهن کي پيئڻ جو پاڻي ٿو ملي سگهي.
اسان سمجهون ٿا ته وفاقي توڙي صوبائي ادارا جيڪي جنهن ڪم لاءِ ٺهيل آهن اهي پنهنجي پنهنجي حصي جو ڪم ڪن ته عوام هروڀرو جي پيدا ڪيل ڏکيائين کان بچي سگهي ٿو.سنڌ حڪومت به رڳو هڪ شهر جي پاڻ کي حڪومت نه سمجهي جيڪي به ننڍا وڏا شهر هن برسات ۾ متاثر ٿيا آهن انهن جي سار لهڻ گهرجي ڇو ته ڪنهن به شهر جو ڪوبه شهري متاثر ٿئي ٿو ته ان کي ريسڪيو ڪرڻ ۽ ان جي سار لهڻ حڪومت جي ئي ذميواري آهي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *