تازا ترين
  • پ پ تاريخي اي پي سي ڪوٺرائي، نواز شريف واضع۽ تفصيلي تقرير ڪئي: پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري*گلگت بلتستان معاملي تي ڳالهائڻ لاءِ رابطو ڪيو ويو، ملڪ ۾ جمهوري آزادي چاهيون ٿا:بلاول *
  • *اسلام آباد: جعلي بئنڪ اڪائونٽس اسڪينڊل ۾ سنڌ روشن پروگرام ڪيس جي جاچ وارو معاملو *نيب راولپنڊي فرنٽ مين اياز صديقي کي ڪراچي مان گرفتار ڪري ورتو: ذريعا *اياز صديقي جعلي اڪائونٽ ۾ ڪروڙين رپيا جمع ڪرايا: نيب ذريعا*
  • *ڄام نواز علي: ڇتو ڪتو مارڻ جي ڪوشش دوران نوجوان مارجي ويو *ڳوٺ ديوان گلاب راءِ ۾ ڳوٺاڻي ڇتي ڪتي کي مارڻ لاءِ فائر ڪيو ته گولي نوجوان مادو ڪولهي کي لڳي: پوليس *پوليس واقعي واري هنڌ پهچي نوجوان جو لاش تحويل ۾ وٺي جاچ شروع ڪري ڇڏي*
  • *گهارو شهر ۾ واپاريءَ کان ڦر ڪندڙ جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف شٽربند هڙتال *2ڏينھن اڳ واپاري گڊو کان 9لک رپيا ڦر ڪرڻ بعد جوابدارن گوليون هڻي زخمي ڪيو هو *واقعي کي 48 ڪلاڪ گذرڻ باوجود پوليس جوابدار گرفتار نه ڪري سگهي آهي: احتجاج ڪندڙ واپاري*
  • *اسلام آباد: العزيزيه ۽ ايون فيلڊ ريفرنسز ۾ سزا خلاف نواز شريف جي اپيل تي ٻڌڻي *مريم نواز ۽ ڪيپٽن (ر) صفدر احتساب عدالت ۾ پهچي ويا *عدالت نواز شريف کي بري ڪرڻ واري فيصلي خلاف نيب جي اپيل تي به ٻڌڻي ڪندي *ن ليگ جي نائب صدر مريم نواز جي پيشيءَ جي موقعي تي عدالت ٻاهران سڪيورٽي جا سخت انتظام *
  • *ڀان سيدآباد: قومپرست اڳواڻ مولا بخش لغاري بيماري وگهي لاڏاڻو ڪري ويو *مولابخش لغاري جي جنازي نماز اڄ سخي سيد سليمان شاهه عيدگاهه تي ادا ڪئي ويندي*
  • *پنوعاقل پوليس جي نجي ٽارچر سيل ۾ مبينا طور تي فيصل آباد واسي وڪيل ميان اعجاز آرائين جي قتل وارو معاملو *ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو عرفان بلوچ پوليس اهلڪارن ۽ ڪجهه خانگي ماڻھن کي وڪيل جي قتل ۾ ملوث قرار ڏئي ڇڏيو *ڊي آءِ جي لاڙڪاڻي پاران ايڊيشنل آءِ جي سکر ڏانھن انڪوائري رپورٽ موڪلي ڇڏي *وڪيل ميان اعجاز آرائين کي ڊي ايس پي مسعود مهر جي حڪم تي گرفتار ڪيو ويو: انڪوائري رپورٽ *وڪيل پوليس جي غيرقانوني حراست ۾ فوت ٿيو ۽ لاش پنجاب ۾اڇلايو ويو : انڪوائري رپورٽ *انڪوائري رپورٽ ۾ اي ايس آءِ غلام مصطفيٰ ميراڻي، ڪانسٽيبلز درگاهه ڏنو، نصير ۽ سرمد يعقوب بيگناھه قرار*
  • *سنجهورو ۾ شهرين پاران بجلي جو سڙيل ٽرانسفارمر تبديل نه ٿيڻ خلاف ڌرڻو، ٽريفڪ معطل *ڌرڻي سبب ڪيترن ئي ڪلاڪن کان شهدادپور، سانگهڙ ۽ سنجهورو روڊ تي ٽريفڪ معطل، مسافر پريشان *4مهينن کان بجلي جو ٽرانسفارمر خراب آھي، ڪيترائي ڀيرا دانهڻ باوجود تدارڪ نه ٿيو: مظاهرين*
  • *ڪراچي: سنڌ سرڪار جي 6کاتن ۾ 3 سيڪريٽريز مقرر ٿيل *اهم کاتا من پسند سيڪريٽرين کي اضافي چارج طور حوالي ڪيا ويا *تعليم، لائيو اسٽاڪ ۽ فاريسٽ کاتو مستقل سيڪريٽري کان محروم *زراعت جي سيڪريٽري رحيم سومروکي فاريسٽ جي سيڪريٽري جي اضافي چارج مليل *ثقافت کاتي سيڪريٽري اڪبر لغاري وٽ لائيو اسٽاڪ کاتي جي سيڪريٽري جي اضافي ذميواري *سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ جي چيئرمين احمد بخش ناريجو کي سيڪريٽري تعليم جي اضافي چارج مليل *20هين گريڊ جا ڪامورا بحران باوجود سائيڊ پوسٽن تي ويهاريل*

سامري جادوگر ۽ سندن پٽ جمبورا

برابر هي ملڪ سامري جادوگرن جو ملڪ آهي. هڪ نه ٻئي ڏينهن ملڪ ۾ ڪو نه ڪو تماشو جنم وٺي ٿو. ڪڏهن ڪڏهن ته جادوگرن جو اهو کيڏ ورهين جا ورهيه هلندو رهي ٿو ۽ ملڪ جون پاڙون ڪمزور ڪندو رهي ٿو پر سامري جادوگرن جي جادوگري جو سلسلو کٽڻ جو نالو ئي نه ٿو وٺي. اڄ ڪلهه مارڪيٽ ۾ سنٿيا رچي ۽ عذير بلوچ جي آءِ ٽي رپورٽ جو ڊرامو هلندڙ آهي.
18هين جولاءِ جي روزاني ڊان اخبار رپورٽ ڪيو ته گهرو وزارت اسلام آباد هاءِ ڪورٽ کي هڪ ٻڌڻيءَ دوران سڌ ڏني ته آمريڪي بلاگر سنٿيا رچي پاڪستان ۾ خيبرپختونخوا حڪومت ۽ آءِ ايس پي آر جي فلمون ٺاهڻ واري پراجيڪٽ تي ڪم ڪري رهي آهي، رڳو ڪجهه هفتا اڳ جي ڳالهه آهي ته هن خاتون بينظير ڀٽو بابت زهريلا جملا چيا ۽ پوءِ پيپلز پارٽيءَ جي مختلف اڳواڻن تي ڏهه سال اڳ ساڻس جنسي اڳرائي ڪرڻ جا الزام هنيا. انهن انڪشافن کي ڪجهه پالتو ميڊيا حلقن پاران ايئن آسمان تي پهچايو ويو ڄڻ اهي انهن واقعن جا اکين ڏٺا گواهه هجن. هونئن ته سنٿيا جي ٻوليءَ مان ئي لڳي رهيو هو ته سندس انڪشاف ڪنهن فلمي اسڪرپٽ جا ئي ڊائلاگ آهن پر ان وقت تائين سندس شخصيت جي اصليت سامهون نه آئي هئي. عدالت ۾ بيان ڪيل ان سچائيءَ کان پوءِ ڳالهه صفا کلي پڌري ٿي پئي آهي ته اها مائي ملڪ ۾ فلمون ٺاهڻ واري ڪم تي ئي لڳايل آهي. ان تماشي جو به انجام چٽو نظر اچي رهيو آهي.
ساڳي ئي جادوگريءَ جي هڪ ٻي ڪڙي ڪجهه ڏينهن اڳ عذير بلوچ واري جي آءِ ٽي رپورٽ جي شڪل ۾ سامهون آئي. عذير بلوچ جي جاچ رپورٽ سنڌ حڪومت پاڻ پڌري ڪئي ۽ ساڳي ڏينهن نثار مورائي ۽ بلديا فيڪٽريءَ جي باهه واريون رپورٽون پڻ سامهون آنديون ويون. عذير بلوچ هڪ ڊگهي عرصي کان وڏي سرڪار جو مهمان هو ۽ اتان ئي سندس جي آءِ ٽي بابت ڳالهيون ميڊيا کي ملنديون رهنديون هيون. جڏهن سندس رپورٽ سامهون آئي ته ان ۾ اڳي ميڊيا وٽان انڪشافن جي شڪل ۾ سامهون آيل ڳالهيون ان ۾ ڪٿي به نه هيون. پوءِ سامري جادوگرن پنهنجو ڪرتب ڏيکاريو ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻ علي زيدي جي گهر تي هڪ اڻ ڄاتل ماڻهو لفافي ۾ ان رپورٽ جي هڪ ٻي ڪاپي ڇڏي ويو ۽ علي زيدي پنهنجي مقرر ڪيل ڪردار موجب اها رپورٽ کڻي پريس ڪانفرنس ڪئي ته اصل رپورٽ ته وٽس آهي، جنهن ۾ ٻيا انڪشاف به موجود آهن. مزي جي ڳالهه ته ان رپورٽ تي ڪنهن جون به صحيحون ٿيل نه هيون، تنهن ڪري علي زيديءَ جا حوال وائکا ٿي پيا. سامرين جو هيءَ جمبورو گهمندو رهي ٿو پر ڪو کڙتيل نه ڪڍي سگهيو. مزي جي ڳالهه ته ٽي سئو ماڻهن کي جيئرو ساڙڻ واري بلديا فيڪٽري جي رپورٽ تي پالتو ميڊيا ۽ پي ٽي آءِ قيادت اک به نه ٿي ڪڇي ڇو ته ان ۾ سامرين جا جمبورا پڻ ملوث قرار ڏنل آهن، جيڪي هاڻي عمراني سرڪار جو حصو آهن.
اهڙا ڪيئي تماشا ماضيءَ ۾ به ٿيندا رهيا آهن، ويٺي ويٺي ڪٿان اوچتو ميمو گيٽ ته ڪڏهن پاناما اسڪينڊل برآمد ٿيندا آهن. اهي اسڪينڊل خاص ليبارٽرين ۾ ايجاد ٿيندا آهن ۽ انهن کي ميڊيا وسيلي گوئبلزن جو هڪ ٽولو پکيڙيندو آهي. ڪجهه وقت لاءِ اهي سمورا افسانوي ڪردار ۽ ڪهاڻيون اهڙا حقيقي ٿي پوندا آهن جو لڳندو آهي ته ان کان وڌيڪ سچ ٻيو ڪو ٿي ئي نه ٿو سگهي، سامرين جا پٽ جمبورا انهن افسانن کي ميڊيا وسيلي ايتري مهارت سان عام ڪندا آهن جو اهي جيئڻ مرڻ جو مسئلو بڻجي پوندا آهن ۽ عوام کان اٽي، کنڊ ۽ پيٽرول جو اگهه به وسري ويندو آهي.
سينيٽر شيرين رحمان ڪجهه ڏينهن اڳ سامرين جي هڪ خاص خدمتگار احسان الله احسان پاران بلاول ڀٽي کي ڏنل ڌمڪيون بابت پڻ ڪجهه ڏکيا سوال اٿاريا آهن، ياد رهي ته احسان الله احسان پشاور جي آرمي پبلڪ اسڪول ۾ معصوم ٻارڙن جي وحشياڻي قتل ۾ طالبان جي ترجمان طور ذميواري قبول ڪئي هئي. پوءِ هڪ ڏينهن عوام کي ٻڌايو ويو ته کيس پڪڙيو ويو آهي. اوچتو ئي اوچتو هي همراهه ٽي وي تي انٽرويو ڏيندي ڏٺو ويو، ڪجهه عرصي کان پوءِ انڪشاف ٿيو ته همراهه تحويل مان فرار ٿي ويو آهي. ڪنهن کي پتو نه پيو ته هو ڪنهن جي تحويل ۾ هئو. ڪٿي هئو، ڪيئن ڀڄي ويو، هن جي ڀڄڻ جا ذميوار ڪير هئا ۽ مٿن ڪهڙو قدم کنيو ويو. جڏهن ته قوم جي درد ۾ ڏينهن رات تڙپندڙ ميڊيا ۾ ان معاملي تي گهڻي ڳالهه ٻولهه ڪرڻ جي ضرورت محسوس نه ڪئي وئي. ان همراهه ٽوئيٽر وسيلي ملڪ جي هڪ وڏي سياسي پارٽيءَ جي اڳواڻ کي قتل جي ڌمڪي ڏني پر ملڪ جي سمورن مسئلن جا حل کيسي ۾ کڻي هلندڙن مان ڪنهن به ان جي جاچ ڪرڻ جي ضرورت محسوس نه ڪئي. جيئن ته احسان الله تحويل ۾ ناهي ۽ سندس ڪو ڏس پتو به ناهي، تنهن ڪري سندس ڌمڪيءَ جي جاچ ڪرڻ جي به ڪا خاص ضرورت محسوس نه ڪئي وئي. ان ڌمڪيءَ کي ملڪ جي واڳ ڌڻين ايئن نظرانداز ڪيو ڄڻ ڪنهن عام واٽهڙوءَ لاڦ ڪئي هجي. هي همراهه درجنين معصوم ٻارن جي قاتلن جي ٽولي جو ترجمان هو ۽ ملڪي محافظن جي تحويل مان ڀڄي نڪتو هو ۽ هاڻي ملڪ جي سياسي اڳواڻن کي مارڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي.
پيپلز پارٽي اڳواڻ بلاول ڀٽي کي اها ڌمڪي ان ڪري ڏني وئي جو ڪجهه ڏهاڙا اڳ هن وزيراعظم پاران عالمي دهشتگرد قرار ڏنل اساما بن لادن کي اسيمبليءَ جي فلور تي شهيد قرار ڏيڻ تي تنقيد ڪئي هئي، مزي جي ڳالهه ته پاڪستان جي سياسي توڙي عسڪري قيادت ان واقعي کي ملڪي انٽيليجنس جي ڪاميابي قرار ڏيندي آمريڪي سي آءِ اي سان سهڪار وسيلي کيس مارڻ جو ڪريڊٽ به کڻندي رهي آهي. ڪيترن ئي موقعن تي پاڪستان جي عسڪري قيادت ان کي پاڪستان جي دهشتگردي خلاف جنگ ۾ وڏي سوڀ به قرار ڏيندي رهي آهي. جڏهن عمران خان بن لادن کي شهيد قرار ڏنو ته ان تي سوال اٿارڻ ته جائز ڳالهه آهي. ان بيان سان ته عمران خان ملڪ جي قبائلي علائقن ۾ دهشتگردي خلاف فوج جي آپريشن ۽ قربانين کي به رد ڪري ڇڏيو. هن وزيراعظم طور رياست جي ان بيان کي به رد ڪيو جيڪو اقوام متحده کان وٺي هر بين الاقوامي فورم تي ملڪي قيادت پيش ڪندي رهي آهي. اهڙو بيان ڪو مخالف ڌر جو اڳواڻ ڏئي ها ته هينئر تائين سامرين جي گودڙيءَ مان غداريءَ جو لقب برآمد ٿي چڪو هجي ها ۽ خود پي ٽي آءِ جا اڳواڻ ۽ حامي ڌرتي ٽامو ڪري ڇڏين ها. پر ان معاملي تي خود رياستي بيانيي کي هٿي ڏيندڙ بلاول ڀٽي جي بيان تي کيس موت جون ڌمڪيون ڏنيون ويون.
عذير بلوچ واري جي آءِ ٽي تي بلاول ڀٽي پاران اٿاريل سوال به سامرين کان سولا هضم نه ٿيندا، هن ان رپورٽ پٺيان اصل هٿن کي وائکو ڪرڻ لاءِ ايبٽ آباد ۾ بن لادن واري واقعي جي ڪميشن واري رپورٽ پڌري نه ڪرڻ تي سوال اٿاريا آهن. پاڪستان ۾ وڏن واقعن تي جاچ ڪميٽيون ۽ جاچ ڪميشنون قائم ڪرڻ جي روايت پراڻي آهي. انهن رپورٽن کي پڌرو نه ڪرڻ جي روايت به پراڻي آهي. جڏهن ڪنهن جي ڳچيءُ ۾ ڦاهو فٽ ڪرڻو هوندو آهي ته وقت سر ڪم ايندڙ ڪا رپورٽ جاري ٿي ويندي آهي، نه ته اهي رپورٽون سرد خانن ۾ پيون هونديون آهن. مثال طور ڪراچيءَ ۾ 12هين مئي واري عام ڪوس بابت اڃان تائين عوام تائين سرڪاري رپورٽ سامهون نه آئي آهي. سامرين جي گودڙي مان اهي رپورٽون تڏهن نڪرنديون جڏهن ضرورت پيش ايندي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *