تازا ترين
  • پ پ تاريخي اي پي سي ڪوٺرائي، نواز شريف واضع۽ تفصيلي تقرير ڪئي: پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري*گلگت بلتستان معاملي تي ڳالهائڻ لاءِ رابطو ڪيو ويو، ملڪ ۾ جمهوري آزادي چاهيون ٿا:بلاول *
  • *اسلام آباد: جعلي بئنڪ اڪائونٽس اسڪينڊل ۾ سنڌ روشن پروگرام ڪيس جي جاچ وارو معاملو *نيب راولپنڊي فرنٽ مين اياز صديقي کي ڪراچي مان گرفتار ڪري ورتو: ذريعا *اياز صديقي جعلي اڪائونٽ ۾ ڪروڙين رپيا جمع ڪرايا: نيب ذريعا*
  • *ڄام نواز علي: ڇتو ڪتو مارڻ جي ڪوشش دوران نوجوان مارجي ويو *ڳوٺ ديوان گلاب راءِ ۾ ڳوٺاڻي ڇتي ڪتي کي مارڻ لاءِ فائر ڪيو ته گولي نوجوان مادو ڪولهي کي لڳي: پوليس *پوليس واقعي واري هنڌ پهچي نوجوان جو لاش تحويل ۾ وٺي جاچ شروع ڪري ڇڏي*
  • *گهارو شهر ۾ واپاريءَ کان ڦر ڪندڙ جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف شٽربند هڙتال *2ڏينھن اڳ واپاري گڊو کان 9لک رپيا ڦر ڪرڻ بعد جوابدارن گوليون هڻي زخمي ڪيو هو *واقعي کي 48 ڪلاڪ گذرڻ باوجود پوليس جوابدار گرفتار نه ڪري سگهي آهي: احتجاج ڪندڙ واپاري*
  • *اسلام آباد: العزيزيه ۽ ايون فيلڊ ريفرنسز ۾ سزا خلاف نواز شريف جي اپيل تي ٻڌڻي *مريم نواز ۽ ڪيپٽن (ر) صفدر احتساب عدالت ۾ پهچي ويا *عدالت نواز شريف کي بري ڪرڻ واري فيصلي خلاف نيب جي اپيل تي به ٻڌڻي ڪندي *ن ليگ جي نائب صدر مريم نواز جي پيشيءَ جي موقعي تي عدالت ٻاهران سڪيورٽي جا سخت انتظام *
  • *ڀان سيدآباد: قومپرست اڳواڻ مولا بخش لغاري بيماري وگهي لاڏاڻو ڪري ويو *مولابخش لغاري جي جنازي نماز اڄ سخي سيد سليمان شاهه عيدگاهه تي ادا ڪئي ويندي*
  • *پنوعاقل پوليس جي نجي ٽارچر سيل ۾ مبينا طور تي فيصل آباد واسي وڪيل ميان اعجاز آرائين جي قتل وارو معاملو *ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو عرفان بلوچ پوليس اهلڪارن ۽ ڪجهه خانگي ماڻھن کي وڪيل جي قتل ۾ ملوث قرار ڏئي ڇڏيو *ڊي آءِ جي لاڙڪاڻي پاران ايڊيشنل آءِ جي سکر ڏانھن انڪوائري رپورٽ موڪلي ڇڏي *وڪيل ميان اعجاز آرائين کي ڊي ايس پي مسعود مهر جي حڪم تي گرفتار ڪيو ويو: انڪوائري رپورٽ *وڪيل پوليس جي غيرقانوني حراست ۾ فوت ٿيو ۽ لاش پنجاب ۾اڇلايو ويو : انڪوائري رپورٽ *انڪوائري رپورٽ ۾ اي ايس آءِ غلام مصطفيٰ ميراڻي، ڪانسٽيبلز درگاهه ڏنو، نصير ۽ سرمد يعقوب بيگناھه قرار*
  • *سنجهورو ۾ شهرين پاران بجلي جو سڙيل ٽرانسفارمر تبديل نه ٿيڻ خلاف ڌرڻو، ٽريفڪ معطل *ڌرڻي سبب ڪيترن ئي ڪلاڪن کان شهدادپور، سانگهڙ ۽ سنجهورو روڊ تي ٽريفڪ معطل، مسافر پريشان *4مهينن کان بجلي جو ٽرانسفارمر خراب آھي، ڪيترائي ڀيرا دانهڻ باوجود تدارڪ نه ٿيو: مظاهرين*
  • *ڪراچي: سنڌ سرڪار جي 6کاتن ۾ 3 سيڪريٽريز مقرر ٿيل *اهم کاتا من پسند سيڪريٽرين کي اضافي چارج طور حوالي ڪيا ويا *تعليم، لائيو اسٽاڪ ۽ فاريسٽ کاتو مستقل سيڪريٽري کان محروم *زراعت جي سيڪريٽري رحيم سومروکي فاريسٽ جي سيڪريٽري جي اضافي چارج مليل *ثقافت کاتي سيڪريٽري اڪبر لغاري وٽ لائيو اسٽاڪ کاتي جي سيڪريٽري جي اضافي ذميواري *سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ جي چيئرمين احمد بخش ناريجو کي سيڪريٽري تعليم جي اضافي چارج مليل *20هين گريڊ جا ڪامورا بحران باوجود سائيڊ پوسٽن تي ويهاريل*

سالا ايڪ گجر نالا… جمهوريت ڪو خطري ۾ ڊال ديتا هي!!!

سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي جي سياست ۾ گجر نالي جو نالو ٻڌي ۽ ان حوالي سان آيل نتيجن کان پوءِ, لڳ ڀڳ چوويهه سال اڳ 1996ع ۾ آيل هڪ فلم “يشونت” جو هڪ ڊائلاگ هر هر ذهن تي هري آيو، جيڪو فلم ۾ نانا پاٽيڪر جيل ۾ پوڻ بعد ميوزيڪل انداز ۾ چئي ٿو: “سالا ايڪ مڇر آدمي ڪو هيجڙا بنا ديتا هي…!”رڳو ڪراچي شهر ڇا سڄي سنڌ ۾ برساتون ڇا پيون بلدياتي ادارن ۽ ضلعي انتظامي آفيسن جا اڳ جيان پول پڌرا ٿي ويا. هونئن اها سنڌ لاءِ ڪا نئين ڳالهه نه هئي ڏهاڪن کان سنڌ انهن برساتي توڙي دريائي ٻوڏن ۾ ٻڏندي ۽ ترندي رهي آهي. ڪراچي جيئن ته ملڪ جو وڏي ۾ وڏو شهر آهي جنهن جو ٽيڪس ايترو آهي جو ملڪ هلي ٿو. اهو ٽيڪس رڳو ڪراچي شهر جو نه پر سڄي سنڌ جو هوندو آهي جو سنڌ جي ٻين حصن ۾ لڳل فيڪٽرين جون هيڊ آفيسون ڪراچي ۾ آهن ۽ ڪيترن ئي ادارن جو ٽيڪس ڪراچي ۾ گڏ ٿيندو آهي جنهن کي ڀائي لوگ ايئن جتائيندا آهن ڄڻ رڳو اهو ستر سيڪڙو ٽيڪس اهي ئي ڏين ٿا، خير اهو موضوع الڳ آهي پر ذڪر ان ڪري نڪتو جو هاڻوڪي سياسي پوائنٽ اسڪورنگ ۾ اهو به ذڪر ٿيندو رهيو آهي. برساتن جي ڪري ڪراچي فوڪس ۾ اچي ويو جو سنڌ جي اقتداري پارٽي پ پ پ تيرنهن سالن کان سنڌ جي حڪمران آهي ۽ وفاق جون حڪمران اتحادي پارٽيون متحده قومي موومنيٽ پاڪستان ۽ پي ٽي آءِ اهو اشو کنيو. ڳالهه هاءِ لائيٽ ڪهڙي ٿي ته شهر جا نالا صاف نه ٿيڻ سبب شهر ۾ تلاءُ ٺهي ويا ۽ هونئن اها ڪهاڻي ڏهاڪن کان هر حڪومتي دور ۾ ٻڌجي پئي. ان حوالي سان هن ڀيري ڪجهه سوايو اشو ٺهي ويو ۽ اهو آواز به اڀريو ته “جمهوريت خطري ۾ آهي.” ۽ اها ڳالهه به پهريون ڀيرو صوبائي حڪومتي حلقن پاران پريس ڪانفرنسن ۾ سامهون آئي ته شهر جو اڪثريتي حصو ته ملڪ جي “وڏن واڳ ڌڻين” جي ڪنٽرول وارن ادارن، ريلوي، واپڊا جو آهي، صوبائي ۽ بلدياتي حڪومتن وٽ ته ٽيهه کان چاليهه سيڪڙو مس آهي. انهن نالن ۾ سڀ کان گهڻو ذڪر گجر نالي جو گونجڻ لڳو ۽ ان جي نالي سان ٿرٿلو ٿي وڃي ٿو. هونئن ته پاڪستاني فلم “گجر سنگهه” هجي يا عامر خان جي فلم ميلا وارو “گجر” ولين هجي ٻئي ڏسندڙ جو هانءُ ته ڏاريندڙ آهن پر هي پهريون ڀيرو آهي جو گجر نالي جو نانءُ ٻڌڻ سان هيانءُ ڏرندي ڏٺا پيا وڃن ۽ جمهوريت ان ۾ لڙهڻ جي خطري جي ڳالهه به پئي ٿئي.
ڀلا اهو گجر نالو آهي ڇا؟ مون ڪجهه ڪراچي جي دوستن کان پڇيو پر ڪنهن خاص جواب نه ڏنو ته سوشل ميڊيا تي رکيم ته ڪهاڻيڪار دوست رزاق سهتي جو اظهار سامهون آيو ته: “تاج بلوچ (سنڌي ٻولي جو ناميارو شاعر ۽ نقاد) زباني ٻڌايو هئو ته اها ڳجھڙ نئين هئي جا جبلن تان هيٺ لهندي هئي.. مٺو.. صاف پاڻي هوندو هئو… بلڪل واهي پانڌي واري تاريخي نئين جيان.. ڄاڻ جا ذريعا گهٽ هئا. خبرنه هوندي هئي ته اهو پاڻي اچي ڪٿان ٿو. جنهن ڪري ان کي ڳجھڙنئين چوندا هئا.. لالو جا کيت به ان پاڻي تي آباد ٿيندا هئا. صاف، مٺو پاڻي ايندو هئو. ورهاڱي کانپوءِ ان مٺي نئين کي گندي نالي ۾ بدلايو ويو. نالو پئجي ويو گجرنالو. توهان کي ياد هوندو ڏهاڪوسال اڳ ڪراچي ۾ جبلن تان پاڻي لهي آيو هئو. جو سعدي ٽائون کان ويندي صفوران تائين پاڻي اچي ويو هئو. اهو سڀ ڳجهڙ نئين کي بند ڪري نالوڪرڻ جونتيجوهئو.“ڳڄهڙ اصل ۾ ڳجهه مان نڪتل آهي سو اهو بگڙي گجر بڻجي ويو پر ان جي ڳجهه واري اها صورتحال ساڳي رهي آهي ۽ ڳجهن لفظن ۾ ته ڪجهه ڏينهن اڳ اطلاعات جي صوبائي وزير ناصر حسين شاهه ٻڌائي ڇڏيو ته ڪراچي جا اهي اڪثريتي نالا ڪنهن جي ڪنٽرول مان ٿيندا اڳتي وڌن ٿا. چوڻ وارا چون ٿا ته جڏهن اها ڳالهه سامهون آئي ته پوءِ ڪراچي بابت ڪاميٽي واري ڳالهه سامهون آئي ۽ ان کان اڳ اين ڊي ايم اي پهچي وئي. اهو ڳجهڙ نالو اصل ۾ اهي سڀ علائقا لتاڙي لياري تائين اچي ٿو جن بابت صوبائي حڪومت جو چوڻ آهي ته اهي رڳو سندن اختيار جي دائري ۾ ناهن. هونئن ته سڄي سنڌ گجر نالو لڳي پئي آهي پر ڪراچي واري گجر نالي پنهنجو ڪم ڏيکاري ڇڏيو آهي. پر ايئن ڇو ٿئي ٿو، تڏهن منهنجي سامهون 18.8.2018 تي سوشل ميڊيا ۾ ڪٿي لکيل منهنجو بلاگ سامهون اچي ويو، جيڪو چونڊن کان ترت پوءِ لکيو هوم: .“هيل تائين پاڪستان جي چونڊيل، غير چونڊيل حڪمرانن ۽ مخالفن کان سدائين مون جيڪي تقريرون ٻڌيون آھن، جن ۾ اهي گڏجي هلڻ جون هام هڻندا آھن، ملڪ سنوارڻ جون ڳالهيون ڪندا آھن، ڪرپشن جي خاتمي جا واعدا ڪندا آھن، پارليامنٽ ۽ جمهوريت جي لاءِ گڏجي هلڻ جون ڳالهيون ڪندا آھن، ملڪ جي عظيم تر مفاد جو پٽڪو پٽيندا آھن، ماڻهن کي لفظن جا آفيم کارائي قربانين جا ڀاشڻ ڏيندا آھن، سڀ ڪوڙ هوندو آھي. اقتدار هر ڪنهن جي منزل هوندي آھي ۽ لتاڙ خلق جي ٿيندي آھي. هر دور ۾ ملڪ نازڪ دور مان گذرندي نظر ايندو آھي ۽ پي ٽي وي جي خبر نامي ۾ روز مالاڪنڊ ۽ هزاره ڊويزنن ۾ برسات جا امڪان ٻڌڻ لاءِ ملندا آھن، هر نئون حڪمران پاڻ کان اڳ آيلن کي ڊاڪو ۽ چور چوندو رهندو آھي، سائيڪل ٿيوري اسان جي ملڪ جي اقتداري سياست تي پوري ريت اپلاءِ ٿيندي آھي، جيڪي حڪومت ۾ ايندا آھن اهي پاڻ کي سڀ ساڌ سڏيندا آھن، جڏھن اهي ٻاهر هوندا آھن ٻين لاءِ چور ۽ ڊاڪو ٿي ويندا آھن. اسان جي ملڪ جي سياسي فيڪٽريون ساڌ چور ۽ چور ساڌ ٺاهڻ ۾ مهارت رکن ٿيون جيئن سيالڪوٽ جا ڪاريگر فوٽ بال ٺاهي ڄاڻن. سياست جي ان اقتداري مينابازار ۾ اسان ماڻھن جي اهنجن جو سودو ٿيندو آھي، اسين پرمٿڙيا بڻجي پنهنجي روحن تي ايندڙ رهنڊن تي تاڙيون وڄائيندا آھيون جو اسان کي واهه واهه ڪرڻ جو ڪاروبار سيکاريو ويو آھي. اسان کي هڪ ٻئي سان نفرت ڪرڻ جو فصل پوکڻ سيکاريو ويو آھي جيئن اسين ورهايل رهون، ماربا رهون. هي تنهنجو ليڊر هي منهنجو ليڊر جي تماشي تي وڙھندا رهون ۽ انهن جو واري واري سان راڄ ايندو رهي “.
سو هاڻي ڳجهڙ ڦري گجر ٿيل نالو اقتداري راند جو ڌپ ڪيل استعارو بڻجي پيو جنهن ۾ جمهوريت به ڳوهڻ جي ڪوشس ٿئي ٿي ته اقتدار کي بدبوءَ ڀريو به ڪيو ٿو وڃي. ڪاميٽين کان پوءِ اها راند وري ٻئي نموني به سامهون ايندي جنهن ۾ جذباتي انداز به اختيار ٿيندا. ڪاميٽيون وري ڊهنديون. وري گورنر راڄ يا حڪومت ڊاهڻ جون ڳالهيون ٿينديون رهنديون، پر ان دوران عوام کي اهو گجر نالو ئي پلئه پوندو جيڪو جمهوريت کي خطري ۾ وجهڻ جهڙي ڳالهين سان به گونجندو رهندو ته ڪي ٻيون گونجارون به هونديون پر عوام جيڪو اصل جمهوريت جو روح آهي اهو پيو رڙهبو. ان ڪري گجر به نانا پاٽيڪر جي ادا ڪيل ڊائلاگ جيان ڦري هن طرح گونجڻ لڳو آهي: سالا ايڪ گجر نالا… جمهوريت ڪو خطري ۾ ڊال ديتا هي!!!

Bookmark the permalink.

One Response to سالا ايڪ گجر نالا… جمهوريت ڪو خطري ۾ ڊال ديتا هي!!!

  1. رزاق سهتو says:

    بهترين لکيو اٿو پيارا…

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *