تازا ترين
  • *وزير اعظم جي درخواست تي وفاق جي نمائندگي جو فيصلو ڪيو: فروغ نسيم *جسٽس فائز عيسيٰ ريفرنس ڪيس ۾ وفاق جي نمائندگي ڪندس: فروغ نسيم *بطور وزير قانون مون عهدي تان استعيفيٰ ڏني آهي: فروغ نسيم *منهنجي دل ۾ عدليا جي لاءِ عزت ۽ قانون جي پاسداري آهي: فروغ نسيم*
  • *ڀرياسٽي ۽ ڀرپاسي ۾ رولو ڪتن 8 ڄڻن کي ڏاڙهي وڌو *ٽن عورتن سميت 8 زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو*
  • *دادو ۾ نوجوان ناري جي ڪورونا ٽيسٽ رپورٽ پازيٽو اچي وئي *ڊاڪٽر رشيد قريشي جي پنجن گهرڀاتين سميت 16 ڄڻن جي رپورٽ نيگيٽو اچي وئي *
  • * وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن جي ڪنٽري ڊائريڪٽر جي ملاقات *ملاقات دوران صحت واري وزير عذرا پيچوهو، پرنسپال سيڪريٽري ۽ ٻيا به شريڪ *اسان وٽ ڪورونا جي حوالي سان روزانو 6600 ٽيسٽ ڪرڻ جي گنجائش آهي: وڏو وزير *شهري ٽيسٽ ڪرائڻ ۾ ايترو سهڪار نه ڪري رهيا آهن، جيترو ڪرڻ گهرجي: مراد علي شاهه *
  • ڪوٽڙي ۾ وڌيڪ هڪ ڄڻي کي ڪورونا جي تصديق، متاثرن جو انگ 24 ٿي ويو *22مان هڪ ڄڻي جي ڪورونا ٽيسٽ رپورٽ پازيٽو اچي وئي * ڪورونا متاثر کي گهر ۾ ئي آئيسولٽ ڪيو ويندو: ڊي ايڇ او *
  • *قاضي احمد ۾ ڌارين کي جعلي ڊوميسائيل جاري ڪرڻ خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي وئي *مختلف سياسي سماجي قومپرست تنظيمن جي اڳواڻن ۽ شهرين پاران ريلي ڪڍي وئي *
  • *سنجهورو: ڪشمير بارڊر تي دل جي دوري سبب فوت ٿيل فوجي جوان جو مڙهه ڳوٺ پهچايو ويو *فوجي جوان ڪاشف جٽ جو مڙھ مظفر آباد کان سندس اباڻي ڳوٺ 23 چڪ پهچايو ويو *
  • *سانگهڙ ۾ ڪورونا متاثر فوڪل پرسن جي ٻيهر ٽيسٽ رپورٽ پازيٽو اچي وئي *ڪورونا متاثر ڊاڪٽر شبير چنا جي ٻيهر ٽيسٽ رپورٽ پازيٽو اچي وئي *
  • *ڪنڊيارو شهر جي محبت ديرو ناڪي وٽ پئٽرول ڀرائڻ دوران چنگچي کي باهه لڳي وئي *مالڪ ٽپو ڏئي پاڻ کي بچايو، شهرين پهچي باهه وسائي ورتي، چنگچي سڙي وئي*
  • *ڊکڻ ويجهو پوليس جي ٽن مقتولن جا جوابدار گرفتار ڪرڻ لاءِ ڳوٺن تي چڙهائي، 2 گهر ۽ اوطاق ڊاهي پٽ*
  • *عمرڪوٽ: مسمات بشرا خاصخيلي کي تذليل ۽ تشدد جو نشانو بڻائڻ وارو معاملو *عمرڪوٽ: پوليس گذريل ڏينهن 3 جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ کانپوءِ اڄ ميڊيڪل لاءِ اسپتال آندو *جوابدارن عرس کاڙت، قيوم کاڙت ۽ ربنواز کوسي جو ڊي اين اي ڪرايو ويو: پوليس *عورت ٿاڻي تي پهچي جوابدارن تي تشدد ۽ زيادتي ڪرڻ جو الزام هنيو هو: پوليس *
  • * اسلام آباد: احتساب عدالت ۾ راجا پرويز اشرف جي نيب ريفرنس ۾ بريت واري درخواست *رينٽل پاور ڪرپشن ڪيس جي فيصلي جي لاءِ 25 جون جي تاريخ مقرر *
  • *لاڙڪاڻي جي چانڊڪا اسپتال جي آءِ سي يو وارڊ ۾ داخل 70 ورهين جو مريض فوت *لاڙڪاڻو : گذريل ٽن ڏينهن کان سيد گلزار شاھ آءِ سي يو وارڊ ۾ وينٽيليٽر تي هو*
  • *سکر: سنڌ بار ڪائونسل جي سڏ تي هاءِ ڪورٽ، سيشن ڪورٽ ۽ ماتحت عدالتن ۾ عدالتي ڪارروائين جو بائيڪاٽ *ميرپور ماٿيلو ۾ وڪيل گل فيروز ڪلوڙ کي گرفتار ڪرڻ خلاف وڪيل برادري طرفان مظاهرا *
  • *ڪراچي جهاز سانحو: سڙي زخمي ٿيل نينگري سول اسپتال ۾ زخمن جا تاب نه سهندي فوت، 84 لاش سڃاڻپ بعد وارثن حوالي*

سازشي ٿيوريز جو زور، آخر ٿيندو ڇا؟

شهر اقتدار ۾ آزادي مارچ جا ماڻهو هر هنڌ جٿن جي شڪل ۾ نظر اچي رهيا آهن. پشاور موڙ جي آچر بازار جي ڀرسان آزادي مارچ جي ماڻهن پنهنجي دنيا آباد ڪري ڇڏي آهي جتي هو عمراني حڪومت کي للڪاريندي نظر اچي رهيا آهن. مولانا فضل الرحمان جي آزادي مارچ ۾ جميعت علماءِ اسلام (ف) جي مذهبي ماڻهن سان گڏ، محمود خان اچڪزئي جي پختون خواهه ملي عوامي پارٽي ۽ اسفند يار ولي جي عوامي نيشنل پارٽيءَ جا قوم پرست به وڏي تعداد ۾ نظر اچن ٿا. ملڪي تاريخ ۾ ذوالفقار علي ڀٽو جي حڪومت خلاف (پي اين اي) ۾ شامل (نَوَن) ساڄي ڌر جي جماعتن جو اتحاد به ڏٺو ويو پر ان کان پوءِ ملڪي تاريخ ۾ پهريون دفعو ساڄي ۽ کاٻي ڌر جي (نَوَن) جماعتن جو اتحاد، پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت جي خلاف آزادي مارچ جي صورت ۾‌ نظر اچي رهيو آهي.
اسلام آباد ۾ مينهن وسڻ کانپوءِ ٿڌ ۽ آزادي مارچ جي ماڻهن جي تڪليفن ۾ اضافو ڏسي سگهجي ٿو، رات جي وقت مينهن وسڻ‌ جي وقت آزادي مارچ جا ماڻهو ميٽرو بس اسٽيشن، پنهنجين گاڏين، ڪنٽينرن ۽ ڪيترا وري پنهنجي مٿان پلاسٽڪ وجهي سمهي پون ٿا. موسم جي تبديلي ۽ تڪليفن جي باوجود به آزادي مارچ جا ماڻهو پنهنجي دنيا ۾ خوش ۽ پرجوش نظر اچي رهيا آهن. ڏينهن هجي يا رات آزادي مارچ ۾ گهڻو ڪجهه نظر اچي ٿو، ڪجهه ماڻهو باهه ٻاري ڪچهريون ڪندي نظر اچن ٿا ته ڪي وري راند روند ۾ مشغول آهن ته ڪجهه آزادي مارچ جي ترانن تي جهومندي نظر ايندا آهن. آزادي مارچ جي ماڻهن ۾ گهڻيون ئي ڪهاڻيون لڪيل آهن، جن کي ڏسڻ ۽ سمجهڻ‌ جي ضرورت آهي. جميعت علماءِ اسلام (ف) جي ساڄي ڌر جي مذهبي جماعت سان گڏ کاٻي ڌر جون جماعتون، نظرياتي اختلافن باوجود ڪيئن ان آزادي مارچ ۾ شامل ٿيون آهن واري ڳالهه تي تبصرا، تجزيا ۽ سازشي ٿيوريز جاري آهن. هڪ ٿيوري اها آهي ته مولانا صاحب کي به طاقتور ماڻهن جي ڪنهن هڪ ڌر جو آشيرواد حاصل آهي ته توهان رڳو اسلام آباد اچو باقي ڏٺو ويندو. ٻي اها ٿيوري آهي ته مولانا صاحب سياست کان ٻاهر آهي ان ڪري پاڻ‌ کي سياسي ميدان ۾ ‌آڻڻ ۽ حڪومت جو حصو وٺڻ جي لاءِ جتن ڪري رهيو آهي. ٽيون نظريو اهو آهي ته مولانا صاحب کي پاڪستان پيپلز پارٽي جو شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري ۽ پاڪستان مسلم ليگ (ن) جو تاحيات صدر ميان نواز شريف پنهنجي بچاءَ لاءِ استعمال ڪري رهيا آهن. ياد رهي ته ملڪ ۾ اها به سازشي ٿيوري جنم وٺي چڪي آهي ته ميان نواز شريف ۽ مريم نواز جي ضمانت ۽ آصف علي زرداريءَ جو اسپتال داخل ٿيڻ به هڪ ڊيل يا ڍيل وارو عمل آهي. هڪ طرف ان سازشي ٿيوري کي جنم ڏيڻ واري به پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت آهي ته ٻئي طرف وزير اعظم عمران خان اهڙي قسم جي ڊيل يا ڍيل جو انڪاري نظر اچي ٿو ته ڇا به ٿي وڃي هو ڪنهن کي به اين آر او نه ڏيندو ۽ ان جي جواب ۾‌ مخالف ڌر اهو چوندي رهي آهي ته اين آر او ڏيڻ‌ جي حڪومت جي حيثيت ئي نه آهي.
پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت هڪ طرف سازشي نظرين کي جنم ڏيندي رهي آهي ته ٻئي طرف ان جو ڀرپور ڪريڊٽ به کڻندي رهي آهي. ياد رهي ته وزير اعظم عمران خان پنهنجي اليڪشن مهم ۾‌ احتساب ۽ انصاف جا نعرو هڻندي هڻندي اقتدار تائين‌ پهتو آهي پر انصاف ۽ احتساب جا جيڪي خواب عوام کي ڏيکاريا ويا، اهي سڀ ساهيوال سانحي سميت گهڻن ئي معاملن ۾ ‌لڙهندي نظر آيا. هڪ طرف پاڪستان تحريڪ انصاف ادارن کي آزاد ۽ خودمختيار ٻڌائيندي رهي ٿي ٻئي طرف احتساب ۽ گرفتاري جو بيان جاري ڪندي سازشي ٿيوريز کي جنم ڏئي ڪريڊٽ به حاصل ڪندي رهي آهي. جيڪڏهن آزادي مارچ جي وجود کي ڏٺو وڃي ته مهانگائي جي طوفان، بيروزگاريءَ، غربت ۾ اضافي، معاشي ڏيوالي، سياسي بحران، هڪ طرفي احتساب سميت ڪيترائي اهڙا سبب آهن جن کاٻي ۽ ساڄي ڌر جي جماعتن کي معاشي ۽ سياسي ايجنڊا تي گڏ ڪيو آهي ته وزير اعظم عمران خان کان استعيفيٰ وٺي حڪومت گهر موڪلي، نئين اليڪشن اسٽيبلشمينٽ جي ڪردار کان بغير ڪرائي وڃي. بظاهر اهو مطالبو ايترو آسان نه آهي پر ناممڪن به ناهي. هن وقت ملڪ سميت اسلام آباد ۾ هڪ ‌اها به ٿيوري گردش ڪري رهي آهي ته مولانا صاحب وڏو پريشان آهي ڇو جو پاڪستان مسلم ليگ (ن) ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي مولانا سان بي وفائي ڪري رهيون آهن. ياد رهي ته اها ٿيوري آزادي مارچ جي شروع ٿيڻ‌ سان ئي ميڊيا جي ڪجهه اينڪر پرسنز جي طرفان منظرنامي تي آئي ۽ عوام تائين پهتي. اپوزيشن جي رهبر ڪاميٽيءَ پنهنجي اجلاسن ۽ ميڊيا بريفنگ ۾ اهو واضح ڪيو آهي ته حڪومت کي هٽائڻ جي مختلف طريقن تي غور ٿي رهيو آهي جنهن ۾ ملڪ گير هڙتال، لاڪ ڊائون ۽ پارليامينٽ مان استعيفائون شامل آهن. حڪومتي ڪاميٽي ۽ رهبر ڪاميٽي جون بغير نتيجي جي ڳالهيون جاري آهن. حڪومتي ترجمان، وزير ۽ مشير ان نئين سازشي ٿيوري کي جنم ڏيڻ جي ڪوشش ۾ آهن ته مولانا واپس هليو ويندو پر هن کي عوام کي ڏيکارڻ‌ جي لاءِ واپسيءَ جو رستو کپي ۽ گڏوگڏ پاڪستان تحريڪ انصاف جي ميڊيا مينيجمينٽ عوام ۾ اهو به تاثر عام ڪرڻ جي ڪوشش ۾ مصروف آهي ته آزادي مارچ ناڪام آهي، مولانا سان ته ڪجهه هزار ماڻهو آهن اهي به مدرسي جا ٻار آهن، آزادي مارچ وارا ماڻهو گهر وڃڻ جي لاءِ پريشان آهن انهن کي زوري روڪيو ويو آهي. انهن سازشي نظرين مان حڪومتي سنجيدگي صاف ظاهر آهي.
ملڪي تاريخ ۾ گهڻيون ئي ٿيوريز آيون ويون ڪي اڃان تائين جاري آهن جيئن چوڌري ڀائرن لاءِ اهو مشهور آهي ته اهي جنهن سان ڳالهيون ڪندا آهن اهو ڪم خراب ٿي ويندو آهي جنهن جا مثال لال مسجد ۽ نواب اڪبر بگٽي واريون ڳالهيون آهن جنهن ۾ چوڌري ڀائر پيش پيش هيا. حڪومت ڪوشش ڪري رهي آهي ته آزادي مارچ کي پارليامينٽ ۾ مشغول ڪيو وڃي پر ڪوٺايل سينيٽ اجلاس ۾ اپوزيشن جو حڪومتي آرڊيننسز خلاف احتجاج مان اهو واضح ٿي ويو آهي ته حڪومت اپوزيشن کان بغير ڪنهن ڊيل يا ڍيل وٺڻ بنا پارليامينٽ ذريعي آزادي مارچ کي ختم ڪرائڻ ۾ ناڪام ويندي. اسٽيبلشمينٽ جي واضح بيانن، بيڪ ڊور ڊپلوميسي ۽ پاڪستان مسلم ليگ (ن) ۽ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي وچ ٿري پاليسي سبب حڪومت کي پڪ آهي ته سواءِ قدرتي آفت جي حڪومت گهر ڪونه ويندي. ان ڪري حڪومت ڪرتارپور رهداري جي جشن ۾‌ مصروف آهي ۽ اپوزيشن حڪومت کي هٽائڻ جي لاءِ وڌيڪ دٻاءُ وجهڻ جي فارمولي تي سوچي رهي آهي. پر سوال اهو آهي ته آخر ٿيندو ڇا؟ مولانا گهر ويندو يا حڪومت گهر ويندي؟ بظاهر اسٽيبلشمينٽ جي ساٿ ڪري حڪومت بي پرواهه لڳي پئي آهي، آزادي مارچ هوندي به تيل ۽ بجليءَ اگهه وڌائي عوام کي مهانگائي جي سونامي ۾ لوڙهڻ جي چڪر ۾ مست لڳي پئي آهي. ڇوجو حڪومت کي اها پڪ آهي ته خدائي خدمتگار هنن سان گڏ آهي. پر شايد حڪومت کي اهو اندازو ئي نه آهي ته آزادي مارچ ۾ مختلف نظرين جا ماڻهو اڳ ۾ ئي معاشي استحصال، غربت، بيروزگاري ۽ مهانگائي جي طوفان جو شڪار آهن جيڪڏهن اهي لبنان ۽ عراق وانگر روڊن تي نڪري پيا ته پوءِ طاقت جو سرچشمو عوام ئي آهي جنهن کي دنيا جي ڪابه طاقتور اسٽيبلشمينٽ نه ٿي روڪي سگهي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *