تازا ترين
  • *ٺٽو: مڪلي باءِ پاس تي خوفناڪ حادثو، نينگر سميت ڪراچي واسي 3 ڄڻا فوت، 4 زخمي*
  • *سکر پوليس پاران همايون مان اغوا ڪيل نينگر شيراز چنا کي بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ، جوابدار مشتاق شاهه گرفتار*
  • *عمرڪوٽ ۾ اسڪولي شاگردن ۽ شاگرياڻين کي هراسان ڪرڻ ۽ سندن وڊيو ٺاهڻ جي الزام هيٺ هڪ جوابدار گرفتار، ڪيس داخل * عمرڪوٽ: شهرين جي شڪايت تي جوابدار احد پٺاڻ کي گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪيو ويو آهي: پوليس * عمرڪوٽ: شاگردن ۽ شاگردياڻين کي تنگ ڪيو ويندو آهي، ٻين جوابدارن کي به گرفتار ڪيو ويندو *
  • *مورو ڀرسان گهر اندر پراسرار نموني گولي لڳڻ سبب 13 سالن جي نينگري نظيران ڌيءُ محمد بخش لاشاري مارجي وئي، وارثن آپگهات قرار ڏئي ڇڏيو * مورو: نينگري نظيران ڌيءُ محمد بخش لاشاري کي قتل ڪيو ويو آهي: چئوٻول *
  • *گمبٽ ۽ ٽنڊو مستي ويجهو روڊ حادثا: نينگري بيبي خيريت بلوچ ۽ زوهيب پٽ خان محمد سومرو فوت، 4 ڄڻا احسان علي بلوچ، بيبي مناحل، بيبي هادي ۽ ثمينه زخمي*
  • *لنڊن: ڪمپيوٽر ۾ ڪٽ، پيسٽ، فائينڊ ۽ ري پليس ايجاد ڪندڙ سائنسدان لاڏاڻو ڪري ويو*
  • *گهوسٽ اسڪولن جون تصويرون سوشل ميڊيا تي رکي اُتان جي چونڊيل نمائندن کي ڳوليو: فاطمه ڀٽو 12 سالن کان بند پيل سر شاهنواز اسڪول جي تصوير شيئر ڪري ڇڏي * سجاول جي سرڪاري بوائز اسڪول تي منهنجي ڏاڏي جو نالو آهي، جيڪو 12 سالن کان بند آهي، اها آهي عملي ڪرپشن: فاطمه ڀٽو * جنهن علائقي ۾ اسڪول بند آهي، اُتان جي ايم اين ايز ۽ ايم پي ايز کي ڳوليو، اڃا ڪيترا نسلن ائين يرغمال بڻيل رهندا: سوشل ميڊيا تي اپيل *
  • *باڊهه ۾ پ پ ايم پي اي جي سرپئنچيءَ ۾ جرڳو: پسند جي پرڻي تان ٻٽي قتل جو هڪ جوابدار تي 20 لک ڏنڊ: متاثرن جو 4 جوابدارن سان ٺاهه کان انڪار * باڊهه: مقتول نوجوان فياض ۽ غازي ٻرڙو جي وارثن طرفان عدالت ۾ ڪيس تان هٿ کڻڻ بعد ڏنڊ جا 15 لک رُپيا ڏنا ويندا: جرڳي ۾ فتويٰ * باڊهه: فتويٰ موجب جوابدار سليم ڏيرو ڏنڊ جي رقم ڀريندو، ناري مريم ڏيرو ۽ فياض ٻرڙو طرفان پسند جي شاديءَ بعد ڌُرين ۾ تڪرار ٿيو هو *
  • *ڪراچي: آءِ جي موٽرويز اي ڊي خواجه نارڪوٽڪس ڪنٽرول ڊويزن جو سيڪريٽري مقرر*
  • *ڪراچي/حيدرآباد: پٽ جي شادي تي ايڏو خرچ؟ ڊي ايس پي ٽنڊوآدم محمد ايوب بروهي کي نوٽيس * ڪراچي/حيدرآباد: ايڊيشنل آءِ جي حيدرآباد ولي الله دل دعوت کائڻ بعد ڊي ايس پي ٽنڊوآدم محمد ايوب بروهي کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو، معاملو نيب ڏانهن موڪلڻ جي وارننگ *
  • توهان جي اقرباپروري تباهي مچائي ڇڏي آهي، پنهنجي مقرريءَ تي جواب ڏيو: سنڌ هاءِ ڪورٽ طرفان سيڪريٽري فوڊ تي ڪاوڙ جو اظهار*خوراڪ کاتي جي سيڪريٽري لئيق احمد جي مقرري ئي غيرقانوني آهي، توهان ته سيڪشن آفيسر آهيو: چيف جسٽس احمد علي شيخ*فلور ملز مالڪن کي رهتون ۽ مارڪ اپ جي رقم فوري جمع ڪرائڻ جو حڪم: جوابدار رحمت الله شيخ جي ضمانت درخواست تي فيصلو محفوظ*

سائين جي ايم سيد- فنا في السنڌ!

سنڌ جي يگاني شخص، تقرير جي قلندر چاچي حفيظ قريشي چيو هو، “مان عاقل بالغ ٿي ويو هيس، پڙهيل ڳڙهيل به هيس پر مونکي اها خبر ڪونه هئي ته اسان سنڌي هڪ قوم آهيون! انهيءَ جي خبر تڏهن پئي جڏهن آئون سائين جي ايم سيد سان مليس.” منهنجي خيال ۾ جيڪڏهن اها سوچ سائين جي ايم سيد سنڌ جي ماڻهن کي نه ڏئي ها ته شايد اها خبر سنڌ جي اڪثريت کي نه پوي ها ۽ نه ئي اهي ڪو انهي سوچ سان سلهاڙجي هڪ مالها ۾ پوئجي سگهن ها ته سنڌي هڪ قوم آهن، انهن کي پنهنجي تاريخ، جاگرافي، تهذيب، ٻولي ۽ صدين کان الڳ قومي سڃاڻپ رهي آهي.
انهي جو هڪ ثبوت اهو آهي ته اڄ تائين سنڌ جا اڪثر ماڻهو پنهنجي ذات يا قبيلي کي ئي قوم سمجهندا ۽ سڏائيندا رهيا آهن. هنن لاءِ سندن خاندان جي سڃاڻپ ئي قوم جي حيثيت رکي ٿي. هنن دنيا جي تاريخ يا سماجي اڀياس ڪونه پڙهيو آهي جو کين سڌ هجي ته قوم ڇا ٿيندي آهي؟ مٿان وري جيڪي پڙهيل لکيل استاد، جن اسڪولن جو نصاب پڙهائڻ شروع ڪيو انهن کي ته اهو ئي پڙهائڻو هو جيڪو درسي ڪتابن ۾ لکيل هيو. ورهاڱي کان پهرين واري دور ۾ اکنڊ ڀارت جي هڪ قومي سوچ جو غلبو وري پاڪستان ٺهڻ بعد هڪ نئين مسلماني سوچ جي ڇاپ، سنڌ جي تاريخي، قومي تشخص ۽آزاد وجود واري تاريخ جي ورقن کي ميسارڻ شروع ڪيو ۽ ماڻهن جي ذهنن ۾ اهو ڀرڻ شروع ڪيو ويو ته ٻه قومي نظرئي تحت پاڪستان اسلام جي نالي تي ٺهيو آهي، انهي ڪري ان ۾ رهندڙ مسلمان سڀ ڀائر آهن ۽ اهي هڪ مسلمان قوم آهن.
ڀلو ٿئي سن جي مٽي جي سرمدي کي زندهه رکندڙ، حيدر شاھ سنائي جي تسلسل جي وارث، سيد غلام مرتضيٰ شاھ، عرف عام سائين جي ايم سيد کي جنهن سنڌ جي ڌرتي سان پنهنجو نمڪ ملهائيندي ۽ پنهنجي وڏڙن جي روايتن کي زندھ رکندي، اهو ڄاڻي ورتو ته سنڌي هڪ قوم آهن، سنڌ سندن تاريخي وطن آهي ۽ انهي ۾ آزاد رهڻ انهن جو فطري حق آهي. ها سائين جي ايم سيد سنڌ جي مٽي سان قومي حق ۽ محبت ملهائيندڙ شاهه لطيف کان پوءِ پهريون فرد آهي جنهن سنڌ جي ماڻهن کي اهو شعور ڏنو ته سندن ڌرتي ماءُ جو هنن مٿان هڪ قرض آهي جيڪو انهن کي هڪ نه هڪ ڏينهن لاهڻو پوندو.
شاهه لطيف شاعري جي صورت ۾ سنڌ جي ماڻهن کي هڪ قومي رومانويت ڏئي ويو، پر انهي کي فڪري بنياد ۽ سياسي، سماجي طور سڃاڻپ، نثر جي صورت ۾ سائين جي ايم سيد ڏئي ويو. لطيف سائين چئي ويو هو؛
“سڄڻ ۽ ساڻيهه، ڪنهن اڻاسي وسري،
حيف تنهين کي هوءِ، وطن جن وساريو.”
انهي لطيف جي سٽن کي سائين جي ايم سيد پنهنجي زندگي جو سبق سمجهي ورتو. پاڻ لطيف جي قومي رومانويت کي عملي طرح ثابت ڪري ڏيکاريائين ۽ تهان پوءِ زندگي جي هر حال ۾ جيها ڪي تيها مارو قبول ڪري انهن جي خوشحالي لاءِ پتوڙيندو رهيو. سائين جي ايم سيد کي هر دور ۾ وقت جي حاڪم ته تڪليفون پهچايون پر انهن به ساڻس گهٽ نه ڪئي جن جي قومي آزادي، خوشحالي ۽ قومي سڃاڻپ جي بحالي لاءِ هن پنهنجي زندگي وقف ڪئي. هر دور ۾ مٿس تهمتن جا تير وسايا ويا ۽ الزامن جا انبار مڙهيا ويا، پر پاڻ ڪڏهن انهي تي ارها ٿي ڪا بددعا به کين ڪونه ڏنائون. سيد جي محبت ۽ نفرت جو محور سنڌ هئي، پر جن به مٿس سنگباري ڪئي انهن اهو ڪڏهن ڪونه ڏٺو ۽ پرکيو ته هن سنڌ جي عشق ۾ جو به ڪيو جي اهو تاريخ جي وهڪري ۾ غلط به ٿي ويو ته انهي جو دليري سان ۽ ايمانداري سان هن اعتراف ڪيو ۽ انهي جي ازالي لاءِ پنهنجي سموري حياتي قيد و بند ۾ انهي تي پشيمان به رهيو.
وري به چاچي حفيظ قريشي جا لفظ ٿا ياد اچن، هو چوندو هو، “سائين جي ايم سيد فنا في السنڌ آهي.” بلڪل ايئن هيو به، سيد پنهنجي ذات، پنهنجي هر خواهش کي سنڌ تان قربان ڪري ڇڏيو. هن اهو سمجهي ورتو هو ته تاريخ ۾ سندس مقام ڇا هوندو، هن کي زماني جي فڪر ڪڏهن پريشان ڪونه ڪيو، هن کي پريشان ڪيو ته انهي سوچ، انهي ميار جيڪا لطيف وطن وسارڻ تي حيف ڏيڻ جي صورت ۾ ڏئي ويو. هن کي اهو فڪر ڪڏهن ڪونه ٿيو ته هو ڪنهن جي لاءِ پيو ڪري، انهن لاءِ جيڪي مٿس تهمتون، الزام ۽ فتوائون ڏئي رهيا آهن؟ پر هن کي فڪر اهو هو ته جيها ڪي تيها مارو قبول ڪرڻا آهن. هو کيس ڪونه ٿا سڃاڻن، هنن جو عشق ساڻس ڀلي نه هجي، پر هن انهن سان الست به ربڪم وقت جيڪو وچن ڪيو هو سو پاڙڻ لاءِ پابند آهي.
سائين جي ايم سيد پنهنجي ذات کان ۽ ذاتي خواهشن کان گهڻو بالاتر ٿي ڪري زندگي جو سفر ڪيو. جيڪي اياڻا عقل جا انڌا ۽ دشمنن جي ڪئمپ جي پروپئگنڊا جا گرويده آهن، انهن لاءِ هڪ واقعو سائين جي زندگي جو بيان ڪريان ٿو اهو ئي انهن جي شرمندگي لاءِ ڪافي هوندو جي کين سمجهه هوندي ته. “ڪنهن زماني ۾ دادو لوڪل بورڊ ۾ سائين جي ايم سيد نائب صدر منتخب ٿي آيو. صدر انهي وقت جيڪو به هئو انهي خلاف سائين جي ايم سيد ڪا ايجنڊا پيش ڪئي جنهن تي ان وقت جي سرڪار مٿس سخت ڏمرجي پئي. مٿس زور وڌائون ته اها ايجنڊا واپس وٺو، سائين جي مٿان اخلاقي دٻاءُ اهو به هو ته انهي ايجنڊا جي نتيجي ۾ صدر هٽايو ويو ته نائب صدر قائم مقام صدر ٿي ويندو، ڪٿي اهو نه سمجهيو وڃي ته سائين جي ايم سيد اها ايجنڊا ئي انهي ڪري پيش ڪري رهيو آهي جو کيس صدر ٿيڻ جو شوق آهي، انهي ڪري پاڻ نائب صدر تان استعيفيٰ ڏنائون ۽ ڪنهن ٻئي کي پنهنجي جاءِ تي نائب صدر چونڊرايائون. سرڪار سندس سن جي گهر کي آني بهاني ڍل جو يا ڪو ٻيو سبب ڄاڻائي ڪري سيل ڪيو، انهيءَ هوندي به پاڻ پٺتي ڪونه هٽيو ۽ انهي ايجنڊا جي نتيجي ۾ اهو لوڪل بورڊ دادو جو صدر هٽي ويو.”
هي واقعو 1935ع يا 1936ع جو آهي جڏهن سندن عمر اڃا 31 يا 32 سال مس هوندي، انهيءَ دور ۾ به سائين جي ايم سيد جي نظر تاريخ جي ايندڙ ورقن تي هئي. کيس خبر هئي ته ڪٿي تاريخدان کيس خودغرض ۽ ذاتي عهدي جي خواهشن جو خادم ڪري نه پيش ڪن. جنهن شخص کي تاريخ جي ورقن جو فڪر هوندو آهي، اهي تاريخ ساز هوندا آهن. اهي زماني سان ناهن هلندا پر زمانا صدين تائين انهن سان، انهن جي نالي سان، انهن جي اصولن سان ۽ انهن جي ٺاهيل قدرن سان هلندا آهن. اڄ به ڪي نادان جڏهن سائين جي ايم سيد جي ماضي جي ڪيل ڪمن تي حال ۾ پنهنجي ڪوتاھ نظري سان اظهار ڪن ٿا ته انهن کان مستقبل وسريل هجي ٿو. هنن جي نظر ۽ سوچ ايتري ته تنگ هجي ٿي جو کين اهو نظر ئي ڪونه ٿو اچي ته جنهن شخص تي هو آڱر کڻي رهيا آهن اهو تاريخ جو اهڙو سچ آهي جنهن کي وقت جو ڪو به واءُ زنگ آلود نه ڪري سگهيو. هن جيڪي به ڪيو جيئن به ڪيو اهو انهن حالتن جي پيش نظر سنڌ ۽ سنڌي مارن جي محبت ۾ ڪيو. هن کي يقين هو ته سندس من ۾ محبت پائي روڙيل رنڊا هڪ نه هڪ ڏينهن ضرور اگهامجندا ۽ هو جنهن حضور ۾ حاضر ٿيڻ لاءِ اهو ڪجهه ڪري ويو آهي هڪ ڏينهن کيس اهو معراج ضرور ملندو. بس رڳو اهو ارمان ضرور رهندو ته وقت جي ماڻهن کيس ڪونه سڃاتو ڇاڪاڻ ته اهي وقت جي نزاڪتن جا غلام هيا، هنن اهو ڪونه ڄاتو ته سندن ناتو ڪنهن ساڻ هجڻ گهرجي.
جي تو اڃان نه ڄاتو آ ڪير ديس واسي
تنهنجو جنم اجايو، تنهنجي مٽي اڻاسي.

Bookmark the permalink.

One Response to سائين جي ايم سيد- فنا في السنڌ!

  1. Hosh Muhammad says:

    Jeay sindh jeay Sain GM Syed

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *