تازا ترين
  • *پوري دنيا ۾ ڪورونا وائرس سبب متاثرن جو انگ ساڍن 6 لکن کان وڌيڪ ٿي ويو*
  • *ٻين ملڪن مان ايندڙ شهرين کي هوٽل ۾ قرنطينه ڪيو ويندو (آسٽريلوي وزيراعظم) ڀارت جو 23 ارب امدادي پيڪيج جو اعلان*
  • *برطانوي وزيراعظم بورس جانسن، ان جي هيلٿ سيڪريٽري به وائرس ۾ ورتل، موجوده صورتحال تي ٽرمپ ۽ شي جن پنگ ۾ رابطو*
  • *ٽنڊو محمد خان ۾ شهري کي ڪورونا وائرس جو شڪ ظاهر ٿيڻ کانپوءِ سندس گهر کي قرنطينه قرار ڏنو ويو*
  • *ڦل ۾ لاڪ ڊائون جي ڀڃڪڙي ڪرڻ تي پوليس ٻن دڪاندارن کي گرفتار ڪري ورتو*
  • * ٻانڌي: شهر جي پيٽروليم شيون وڪرو ڪندڙ دڪان کي باهه لڳي وئي، فائر برگيڊ طلب * ٻانڌي: باهه تيزي سان ڀروارن دڪانن طرف وڌڻ لڳي، دڪاندارن ۾ خوف*
  • *قاضي احمد ويجهو رند برادري جي ٻن ڌرين ۾ زمين جي مالڪي تان هلندڙ تڪرار تان هڪ ٻئي مٿان فائرنگ، هڪ ڄڻو زخمي*
  • • قاضي احمد ويجهو رند برادري جي ٻن ڌرين ۾ هلندڙ تڪرار تان هڪ ٻئي مٿان فائرنگ جي ڏي وٺ* ڳوٺ خميسو رند ۽ سوڀو رند ۾ ٻنهي ڌرين ۾ زمين جي مالڪي تان تڪرار سبب فائرنگ جي ڏي وٺ *
  • *لوئردير ۾ ڪورونا وائرس سبب عورت فوت ٿيڻ کانپوءِ سمورو ڳوٺ قرنطينه ۾ تبديل*
  • *پني عاقل ۾ ڪورونا وائرس سبب فوت ٿيندڙن جي دفنائڻ جي ذميواري ميڊيڪل ٽيم حوالي*
  • *اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي پاران راهداري ضمانت لاءِ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست * ڪراچي جي احتساب عدالت ۾ پيش ٿيڻو آهي، عدالت ضمانت نه ٿيڻ جوڳا وارنٽ جاري ڪيا آهن: درخواست* رستي ۾ گرفتاري جو خدشو آهي، راهداري ضمانت منظور ڪئي وڃي: شاهد خاقان عباسي*
  • *خانپور پوليس جي ڪارروائي: مهينو اڳ مڇيءَ جي فارم تان اغوا ٿيل پورهيت کي بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ
  • **ڪورونا سبب ملڪ نازڪ صورتحال مان گذري رهيو آهي، وائرس کي منهن ڏيڻ لاءِ قوم کي متحد ٿيڻو پوندو:خورشيد شاهه * وزيراعظم معاملي تي سنجيدگي جو مظاهرو ڪري: سکر ۾ احتساب عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهيون *ڪورونا وائرس سڄي دنيا جيان پاڪستان ۾ به تباهي مچائي ڇڏي آهي، جنهن کي شڪست ڏيڻ لاءِ قوم کي متحد ٿيڻو پوندو *
  • *ملڪ ۾ ڪورونا جا 29 نوان ڪيس: انگ 1408 ٿي ويو*
  • *حيدرآباد ۽ ڪنڌرا ۾ ڪرنٽ لڳڻ جي واقعن ۾ نوجوان فوت، نينگر زخمي*

سائـيــن جـي ايـم سـيّـد:  سنـڌ جـو سڃاڻپ ڪارڊ!

سنڌوءَ ڪناري سَن شهر ۾ کليل ڪتاب جي شبيهه واري سنگ مرمري مرقد ۾ هڪڙو باغي صوفي ستو پيو آهي. هُو ازل جا ٿڪ کڻي ابدي ننڊ ۾ آهي. هُن جو روح مارئي بڻجي پنهنجن مارُن لاءِ اڄ به تڙپ ۾ آهي. اهو باغي صوفي، جنهن جي جنازي ۾ قرآن پاڪ، ڀڳوت گيتا، رامائڻ، انجيل شريف، توريت شريف ۽ گرنٿ صاحب جهڙن ڪتابن جو ورد ٿيو هو، نئين صديءَ جي سنڌ جي سڃاڻپ ۽ سنڌ سان غير مشروط عشق جي علامت بڻجي چڪو آهي. هي سنڌ جو اهو دانشور سياستدان آهي، جنهن پنهنجي تحرين ۽ تقريرن ۾ ڪيئي ڏهاڪا اڳ، ننڍي کنڊ ۾ مذهبي انتها پسندي جي پيشن گوئي ڪندي خطي کي خبردار ڪيو هو. سنڌ جو هي واحد جهونڙو هو، جنهن جا عاشق سڀ جوان هيا. هُو “سچل عشق ٻڍا نه ٿيوي، توڙي چِٽي ٿيوي ڏاڙهي” جي جيئري جاڳندي تصوير هو.
آفريڪي ڪارن کان ڪو پڇي ته اوهان جو ڌڻي سائين ڪير آهي ته جواب ۾ “نيلسن منڊيلا” کان سواءِ ٻيو ڪو به نالو نه کڻندا. هندستان جو باپو “گانڌي جي” ئي ٿي سگهي ٿو. جديد ملائيشيا جو اڏيندڙ “مهاتير محمد” کان سواءِ ڀلا ٻيو ڪير هوندو. نئين چين جي اڏاوت “مائوزي تنگ” ئي ڪري سگهي ٿو. آمريڪا کي عظيم بڻائيندڙ “جارج واشنگٽن” کان سواءِ ٻيو ڪير ٿي سگهي ٿو. اهڙي طرح جديد سنڌ جو روح روان جي ايم سيّد ئي ٿي سگهي ٿو. پنجاب به ڏيڍ ٻن صدين کان پوءِ راجا رنجيت سنگهه کي پنهنجو قومي هيرو مڃڻ لاءِ تيار ٿي بادشاهي مسجد ۾ سندس مجسمي جو افتتاح ڪيو. رنجيت سنگهه بابت اڄ سوا صديءَ کان پوءِ پنجابي قوم کي نيٺ احساس ٿيو آهي ته انهن جو قومي هيرو محمود غزنوي، احمد شاهه ابدالي يا قطب الدين ايبڪ نه بلڪه رنجيت سنگهه آهي. اهڙي صورتحال ۾ سنڌ کان ٻاهر ٻين صوبن ۾ به اهو بحث ٻيهر ڇڙي پيو آهي ته جي ايم سيّد جو پنهنجي قوم آڏو راجا ڏاهر کي سنڌ جو هيرو ڪري پيش ڪرڻ غلط نه هو. سائين جي ايم سيّد جڏهن پهريون ڀيرو راجا ڏاهر کي سنڌ جو قومي هيرو لکيو ته مذهبي ڌرين ۾ ممڻ مچي ويو. سائينءَ دليل ڏنو ته راءِ سهاسي گھراڻي جو ولي عهد راجا ڏاهر، جيڪو پنهنجي وطن جي دنگن ۽ ننگن جي حفاظت ڪندي حمله آورن هٿان مارجي ويو. ڏاهر ان دؤر جي آزاد رياست جو اُهو هيڊ آف اسٽيٽ هيو، جنهن پنهنجي سنڌ جي سموري معلوم تاريخ جي سنڌي بادشاهن جي امن کي قائم رکڻ واري اصولي پرمپرا جي پاسداري ڪندي، ڪڏهن به ڪنهن ٻئي ملڪ ۽ قوم تي ڪاهه نه ڪئي. سنڌ ۾ وسيع پيماني تي انهي معاملي تي اتفاق راءِ هجڻ باوجود به سنڌ حڪومت سياسي مصلحتن تحت ان جو اظهار ڪرڻ کان لنوائي رهي آهي. هميشه پنهنجي مٿان ٿيندڙ حملن جي بچاءَ ۾ وڙهيو. سائين جي ايم سيّد کان اڳ سنڌين کي پنهنجن قومي هيرن جي تميز ڪٿي هئي؟  
سائين جي ايم سيّد سنڌ جي تاريخ جي اها غير معمولي شخصيت آهي، جنهن سنڌ واسين کي جديد سنڌ جو بنياد وجهي ڏنو. انهيءَ غير معمولي بنياد تي عمارت جُڙڻ جا مرحلا اڃا گھڻو پري آهن، پر جديد سنڌ جو تصور ايڏو ته مضبوط، منظم، مهذب ۽ ايڏو ته حسين آهي، جو ان جو خيال اچڻ سان ئي دل ۾ هڪ خوبصورت احساس ٿو اڀري ته اُهي سنڌ ديس جا الائي ڪهڙا باشندا هوندا جيڪا سيّد واري گھڙيل آجي ۽ سُکي ستابي سنڌ جا شهري هوندا.
سائين جي ايم سيّد جي آفاقي نظرئي کي ڪا به طاقت، ڪنهن به دؤر ۾ روڪي نه سگهي. هر دؤر جي حڪمران پنهنجي پنهنجي وسَ، وِتُ ۽ ظرف آهر، ڀرپور ڪوشش ڪئي ته ڪنهن به ريت سيّد جي فڪر کي ميسارجي، پر ڪوبه حاڪم ڪامياب ٿي نه سگهيو. سيّد جي سياسي ساٿيءَ جناح صاحب، سيّد کي قيد رکي ڪراچيءَ کي اسلام آباد جي حوالي ڪيو. هندستان جي ڪرنال شهر کان هجرت ڪري آيل پاڻ کي نواب سڏائيندڙ لياقت عليءَ، سيّد کي قيد ڪري يُو پي سي پي جي پناهگيرن کي سنڌ ۾ آباد ڪيو. شهيد الله بخش سومري جي قتل الزام ۾ جيل ڪاٽيندڙ ايُوب کهڙي، سيّد کي قيد ڪري سنڌ ۾ پنجابي پٺاڻ آباد ڪرايا. آمريت جي آقا جنرل ايوب، سيّد کي قيد ڪري ون يونٽ جي قهر کي قائم رکيو. شيخ مجيب جهڙي عوامي ليڊر سان دوکو ڪندڙ جنرل يحييٰ، سيّد کي قيد ڪري مظلوم بنگالين سان ويساهه گھاتي ڪئي. آمريڪا ۽ پاڪستاني وفاق جي پرائي جنگ ۾ استعمال ٿيندڙ قائد عوام ذوالفقار ڀُٽي، سيّد کي قيد ڪري سنڌي اديبن ۽ قومي تحريڪ جي ڪارڪنن توڙي اڳواڻن تي قسم قسم جي ظلمن جا داستان رقم ڪيا. آمريت جي علامت بڻجي ويل جنرل ضياء، سيّد کي قيد ڪري قومي تحريڪ کي ڇيهو رسايو. اقتدارن جا مزا ماڻيندڙ شهيد راڻي بينظير ڀٽو، سيّد کي قيد ڪري، ٻاهرين ملڪ علاج ڪرائڻ جي بنيادي انساني حق جي اجازت نه ڏني ۽ کيس اسپتال ۾ دم ڏيڻ تي مجبور ڪيو. ڪوبه نه رهيو پر سيّد پنهنجي فڪر ۾ اڄ به زندهه جاويد آهي.
خان غفار کان پوءِ، سائين جي ايم سيّد، سنڌ جو اهو “باغي” هو، جنهن کي ٽي ڏهاڪا قيد ۾ رکڻ جي باوجود عدالتن ۾ پيش ڪري مٿس ڪيس نه هلايو ويو. جنهن ڏينهن حاضري هوندي هئي، ان ڏينهن جج غائب ٿي ويندا هئا. سيّد پنهنجي عدالتي بيان “سنڌ ڳالهائي ٿي” ۾ پنهنجي مٿان لڳايل الزام جو اعترافِ جرم ڪيو. بينظير ڀٽو جي دؤر ۾ سيّد جي خلاف بغاوت جو ڪيس هلائيندڙ انسدادِ دهشتگردي جي جج، سائينءَ کي خاص طور تي ماڻهو موڪلي گذارش ڪئي ته هُو عدالت ۾ پيش نه ٿئي، ڇو ته اعترافِ جرم جي صورت ۾، جج لاءِ لازم آهي ته مجرم کي سزا ڏئي ۽ هُو (جج) ننڍي کنڊ جي ايڏي وڏي عظيم ليڊر کي سزا ڏيڻ جو گناهگار نه ٿو ٿيڻ چاهي. اندازو ڪيو ته ان مجرم جي تاريخي حيثيت ۽ فڪري هئيت ڇا هوندي، جنهن جي عدالت ۾ پهچندي، منصفن جا هٿ ڏڪڻ شروع ٿي وڃن ۽ فيصلو ڏيڻ کان قاصر ٿي پون ۽ مجرم کي عدالت ۾ پيش نه ٿيڻ جا عرض ڪن.
ذاتي زندگيءَ ۾ صوم صلوات جو پابند، تهجد گذار سيّد جو فڪري پاسو نج سيڪيولر هو. “جيئن ڏٺو آهي مون” ۽ “ديار دل داستانِ محبت” جهڙا فڪر انگيز ڪتاب لکي، هُن سچ پچ سنڌي قوم تي نه لهڻ جهڙو احسان ڪيو آهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته ڪيترن ئي عطائي خانقاهن جي ڪٽڙو مسند نشينن، سيّد تي فتوائن جون هلائون ڪيون، پر سيّد جو مرتبو اڃان به بلند ٿيندو ويو. خبر ناهي ته ورَ ۾ خنجر لڪائي سيّد کي قتل ڪرڻ جي نيت سان سن آيل اُهو “گلستان خان” حال حيات آهي الائي نه، جنهن کي چيو ويو هو ته جي ايم سيّد واجب القتل آهي ۽ دين مان خارج آهي، پر هُن جڏهن سن ۾ سيّد کي تهجد ۽ اشراق جون نمازون پڙهندي ڏٺو ته هُن خنجر ميز تي رکيو ۽ قتل جي ارادي جو اعتراف ڪيو، پر سيّد کيس معاف ڪري ڇڏيو. اڄ سڄي ننڍي کنڊ ۾ بنياد پرستي ((Right Wing جو راڄ آهي، ايتري قدر جو گانڌيءَ جو اهنسا وارو سيڪيولر هندستان به ان باهه کان بچي نه سگهيو آهي. اهڙي صورتحال ۾ سنڌي ماڻهو اڄ  به پنهنجي جوهر ۾ صوفي مزاج رکي ٿو، اڄ به سنڌي ماڻهو مذهبي هم آهنگي، ڀائيچاري، امن ۽ محبت تي يقين رکي ٿو، جنهن جو گھڻي قدر ڪريڊٽ سيّد ڏانهن ئي وڃي ٿو. پياري دوست آدرش چواڻي ته “جي ايم سيّد سنڌ جو سڃاڻپ ڪارڊ آهي.” 

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *