تازا ترين
  • *حڪومت مخالف تحريڪ ۾ استعيفائن جو آپشن آخري هوندو، گرفتاريون معنيٰ نٿيون رکن: يوسف رضا گيلاني*
  • *نيب هٿان گرفتار شهباز شريف لاهور جي احتساب عدالت آڏو پيش*ليگي اڳواڻ ۽ وڏي تعداد ۾ ڪارڪن به عدالت پهچي ويا، پارٽي قيادت جي حمايت ۾ مظاهرو*
  • شهباز شريف جي گرفتاري بعد مخالف ڌر سرگرم: پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جو اجلاس اڄ ٿيندو

رڻ ڪنڌي تي ڳوٺ انهي جو

هو ننگر سومري جي راڄ جو آخري بچي ويل فرد هو جنهن وٽ روپا راڄ ڌاني جي ڪمال ۽ زوال جا قصا ۽ ڪهاڻيون سانڍيل هئا. هن جو ويراڳي وجود هميشه ڪاري لباس ۾ هوندو هو
هو فقير هو ۽ هن جنم جنم جو جوڳ پرايو هو.
فقير ناٿي لنڊ جي اکين ۾ سدائين سنڌ وطن جي اجڙي ويل وادين جو محشر متل هوندو هو
رڻ ڪنڌي تي سندس ڳوٺ شيخاڻي گهاڙي پنڌ ڪري جيڪو به پهچندو هو تنهن جو من هن سامي سج وڙاءُ جون ڳالهيون ٻڌي ڏندڻ پاڙ جيان ڇڄي پوندو هو
ڪالهه فقير ناٿي لنڊ جي موڪلاڻي هئي
ڪالهه ئي ڪڇ جي رڻ ۾ ڍور ڌڻي جو آتڻ اجهامي ويو
هو انهي دور جو ماڻهو جنهن ڏڪار ۾ پاڻي خاطر تڙپندڙ پکين ۽ جانورن جي درد کي به اهڙي شدت سان محسوس ڪيو هو جيئن هن سڪي ٺوٺ ٿيل نريڙي ڍنڍ ۽ اتان کان جلاوطن ٿيل ماڻهن جي پيڙا کي پرکيو هو
فقير ناٿي لنڊ کي رڳو ڀٽائي سرڪار جي بيتن ساڻ لڳاءُ نه هو پر هو تاريخ ۽ جاگرافي جو به وڏو ڄاڻو هو. هي ئي اهو ماڻهو هو جنهن ورلڊ بينڪ جي اُٺ ڪتابن پڙهيل اڪابرن کي زمين تي ليڪا ڪڍي سمجهايو هو تو ايل بي او ڊي هڪ ناڪام منصوبو آهي. هو هائيڊرو لاجسٽ نه هو پر وڃائجي ويل هاڪڙي درياءَ جي ڳولا ۾ اکيون ڏيل ڏيئا ڪري زندگي جي جنگ وڙهندڙ هن شخص کي چڱي ريت پروڙ هئي ته پاڻي ئي زندگي آهي
هڪ غريب شخص هو پر سندس اوطاق سدائين وسندي هئي.
اوڻيهه سئو نوانوي واري سامونڊي طوفان لاڙ پٽ کي مڪمل اجاڙي ڇڏيو هو. جاتي شهر ۾ ڪفن جو ڪپڙو بلڪل ختم ٿي چڪو هو ۽ ڌانڌلن جي ڳوٺ ۾ لاش بنا ڪانڌين جي دفن پئي ٿيا تڏهن مرحوم شڪيل بچاڻي سان گڏسندس ڳوٺ رپورٽنگ لاءِ پهتا هئاسين.
هن جي اکين مان لڙڪ پئي وهيا ۽ هو ٻڌائي رهيو هو ته ڪيئن نه بي يارو مددگار خاندان بکن ۾ مري رهيا آهن. فقير ناٿو لنڊ چنڊ جي هر چوڏهين رات جو يوسف فقير جي مزار تي لطيف جي رهاڻ رچائيندو هو ۽ آخر ۾ سندس گهريل اجتماعي دعا عرش جي ايوانن طرف اڏامندي هئي.
هو رڻ ۾ روشني پکيڙيندڙ جتي ستي جي مزار جو مجاور هو سندس آواز درگاهن جي گنبذن ۾ گونجندڙ ڪبوترن جي پڪار هو.
ساڻس آخري ملاقات ڪجهه مهينا پهرين هڪ ڊاڪيومينٽري جي سلسلي ۾ ٿي. ايوب گل سندس ڳالهيون ٻڌي روئڻ لڳو هو. سندس لفظن ۾ حقيقت سمايل هوندي هئي. هي ئي اهو ماڻهو هو جنهن روپاماڙي سميت لاڙ ۾ موجود تاريخي ماڳن مڪانن ۽ عشقيه داستانن جي نشاندهي ڪئي .
هو لاکي ڦلاڻي جون ڳالهيون ٻڌائيندو هو ايئن لڳندو هو ته لاکي جي گهوڙي لکي جي ٽاپولي دل ۾ ڌڪ ڌڪ ڪرڻ لڳندي هئي. جسمان اوڏڻ جي بدن جي بيهڪ جهڙو سندس انداز بيان رڻ جي راتين مٿان سحر طاري ڪري ڇڏيندو هو. هن جي اکين ۾ گنگا جتڻ جو مرشد لطيف لا۽ سانڍيل اوسيئڙو هو ۽ هٿ جي اشاري سان وڳهه ڪوٽ جو هنڌ ڏسيندڙ فقير ناٿي لنڊ جون اکيون ڪالهه سڄڻ ساريندي نيٺ پورجي ويون
زندهه تاريخ ڪڇ جي رڻ ۾

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *