تازا ترين
  • *حڪومت مخالف تحريڪ ۾ استعيفائن جو آپشن آخري هوندو، گرفتاريون معنيٰ نٿيون رکن: يوسف رضا گيلاني*
  • *نيب هٿان گرفتار شهباز شريف لاهور جي احتساب عدالت آڏو پيش*ليگي اڳواڻ ۽ وڏي تعداد ۾ ڪارڪن به عدالت پهچي ويا، پارٽي قيادت جي حمايت ۾ مظاهرو*
  • شهباز شريف جي گرفتاري بعد مخالف ڌر سرگرم: پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جو اجلاس اڄ ٿيندو

رڳو ڪراچي جا مسئلا ڇو؟؟؟

ڪراچي کي انتظامي طور وفاق حوالي ڪرڻ جي تيارين جي حوالي سان خبرون رپورٽ ٿيون آهن، سنڌ کي انتظامي حوالي سان ٻن حصن ۾ ورهائڻ جون ڳالهيون ڪي اڄ نه پيون ٿين اهو پراڻو خيال ۽ خواهش آهي جڏهن به اها خوهش رکندڙ فارم ۾ ايندا آهن ته پهرين ڪراچي کي ڌار صوبو ٺاهڻ جون ڳالهيون ڪيون وينديون آهن جڏهن سنڌ جي ماڻهن جو سخت رد عمل ايندو آهي ته پوءِ ڪراچي کي انتظامي طور ڌار ڪرڻ جو شوشو ڇڏيو ويندو آهي پوءِ اهو به سنڌ جي ماڻهن جي سخت رد عمل کانپوءِ هوا ۾ اڏامي ويندو آهي. هن ڀيري جيئن ته ڪراچي کي ڌار صوبي جي خواهش رکندڙن جي ڦوڪڻي مان هوا نڪتل آهي انڪري سندن جاءِ والاريندڙ پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻن کي ڪراچي پنهنجي هٿ ۾ رکڻ جي خواهش جاڳي آهي سندن خواهش جي تڪميل لاءِ پڻ نمونو اهو ئي پراڻو آهي
رڳو انهن ڪراچي کي ڌار صوبو ڪرڻ وارو شوشو نه ڇڏيو آهي پر ڳالهه گورنر راڄ لڳائڻ کان شروع ڪئي وئي بعد ۾ وفاقي حڪومت پاران گورنر راڄ لڳائڻ جي ترديد ڪئي وئي ۽ معاملو ڪراچي جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ آئيني آپشن اپنائڻ تي اچي بيٺي، سنڌ حڪومت جي سخت رد عمل ۽ احتجاجي مظاهرن واري اعلان کانپوءِ هاڻي ڪراچي جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ ته ڌري ڪميٽي جوڙڻ جون ڳالهيون ڪيون پيون وڃن جنهن تي سنڌ حڪومت به راضپو ظاهر ڪيو آهي. جيتوڻيڪ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ان جي ترديد ڪئي آهي ته هو پنهنجا آئيني اختيار ڪنهن به صورت حوالي نه ڪندو پر ساڳي وقت سنڌ حڪومت ۽ وفاقي سرڪار وچ ۾ ٿيل ڳالهين دوران ڪراچي جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ ٽه ڌري ڪميٽي جوڙڻ تي اتفاق ٿيڻ جي تصديق به ڪئي آهي وڏو وزير چوي ٿو ته اسان سياسي ڌرين سان ڪابه ڪميٽي نه پيا ٺاهيون پر جيڪڏهن ڪميٽي ٺهي به ته اها وفاق ۽ سنڌ سرڪار وچ ۾ هوندي.
ان ڪميٽي ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف ۽ ايم ڪيو ايم جا وفاقي وزير ۽ سنڌ حڪومت شامل هوندي. جيڪڏهن اهڙي ڪابه ڪميٽي ٺهي ٿي ۽ سنڌ حڪومت ان تي راضي ٿئي ٿي ته پوءِ ڳالهه ته اهائي ٿيندي جيڪا وفاقي حڪومت چاهيندي. ڪراچي ۾ ڪو به ڪم وفاق جي مرضي کانسواءِ نه ٿيندو جيڪڏهن سنڌ حڪومت ڪجهه ڪرڻ به چاهيندي ته اها ڪميٽي آڏو مجبور هوندي ڇاڪاڻ ته کيس ڪميٽي کان اجازت وٺڻي پوندي ته پوءِ باقي ڪهڙا آئيني اختيار وڏي وزير وٺ رهجي ويندا. ڪراچي سنڌ کان ڪنهن به صورت ڌار ناهي جيڪڏهن ڪراچي جا مسئلا حل نه ٿيا آهن ته ڇا باقي سموري سنڌ ۾ کير جون نديون پيون وهن باقي سنڌ جا ماڻهو خوشحال ٿي ويا آهن سندن ڪي به مسئلا ناهن ؟
ڇا اهي پاڪستان تحريڪ انصاف جي وفاقي حڪومت کي نظر نٿا اچن ؟ ڇا اها وفاقي سرڪار جي ذميواري ناهي؟ جيڪڏهن صوبائي حڪومت جي عملداري ڪمزور آهي ته اها رڳو ڪراچي ۾ ئي ناهي پر سموري سنڌ ۾ آهي سنڌ بک ۽ بدحالي جو مرڪز آهي بدامني ٻيهر وڌي رهي آهي ، ماڻهن کي پيئڻ جو صاف پاڻي نٿو ملي ، ترقياتي ڪم ٺپ آهن، ڪراچي کان ڪشمور تائين لوڊشيڊنگ جو آزار آهي پوءِ رڳو ڪراچي تي نظر ڇو آهي؟ اسان سمجهون ٿا ته اها اهائي پراڻي سازش آهي جيڪا ڪڏهن ڪهڙي روپ ۾ ظاهر ٿئي ٿي ته ڪڏهن وري ڪهڙي شڪل کڻي اچي ٿي، سنڌ جا ماڻهو اهڙي ڪنهن به سازش کي قبول نه ڪندا ۽ اهڙي ڪابه ڪميٽي منظور ناهي جنهن ۾ ڪراچي کي سنڌ کان انتطامي طور ڌار ڪرڻ جي بوءِ اچي. وفاقي حڪومت توڙي سنڌ سرڪار کي گهرجي ته اهي جيڪڏهن ڪابه گڏيل ڪميٽي ٺاهين ٿا ته پوءِ سموري سنڌ جا مسئلا سامهون رکن.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *