تازا ترين
  • *ڌرڻن دوران اڌ رات جو پيغام مليو ته استعيفيٰ ڏيو نه ته مارشلا لڳي سگهي ٿو، مون چيو استعيفيٰ نه ڏيندس، جيڪو ڪرڻو اٿو ڪيو: نواز شريف*سليڪٽيڊ وزيراعظم کي آڻيندڙ اصل ذميوار آهن، اليڪشن ۾ ڌانڌلي کي لکئي جو ليک سمجهي ماٺ ڪري نٿا ويهي سگهون*اڄ پارليامينٽ کي چونڊيل نمائندن بدران ڪو ٻيو هلائي رهيو آهي: نواز شريف جو لنڊن مان پارٽي جي سي اي سي کي وڊيو خطاب*
  • *نواز شريف هڪ ڀيرو ٻيهر گرفتاري وارنٽس وصول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو*
  • *اسان نواز شريف کي پورو موقعو ڏنو، جوابدار سڄي نظام کي شڪست ڏئي پرڏيهه هليو ويو: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ*هاڻي جوابدار ٻاهر ويهي کلندو هوندو ته ڪيئن سموري نظام کي دوکو ڏنو، هي انتهائي شرمناڪ رويو آهي*

رڳو آفت سٽيل قرار ڏيڻ ڪافي ناهي

هيلوڪي برساتن ساري سنڌ ۾ وڏي تباهي آندي، لاڙ، ڪاڇي ۽ وچولي ۾ سم نالا ٽٽڻ ۽ نئين وهڻ سبب  سوين ڳوٺ پاڻي ۾ ٻڏي ويا، وڏن شھرن ۾  زوردار برساتن پوڻ کان پوءِ گٽر اٿلڻ ڪري ماڻھن جي زندگي مفلوج بڻجي ويئي. اها حقيقت آھي ته جڏھن به قدرتي آفتون اينديون آھن ته اهي ٻڌائي نه اينديون آھن ليڪن هن جديد طور ۾  انهن آفتن جي اچڻ کان اڳ  احتياطي اپاءَ  وٺڻ انتهائي ضروري هوندا آھن گڏوگڏ  وقت جي حڪومت جي اها ذميداري هوندي آھي ته اها آگاهي مهم هلائي ماڻھن کي  سجاڳ ڪري جنهن سان گهٽ ۾ گهٽ ماڻھو  پنهنجي مدد پاڻ تحت  اهڙين ايندڙ آفتن کي منهن ڏيڻ لاءِ نه فقط جوڳا بندوبست ڪري سگهن ليڪن ان لاءِ  ذھني طور تيار به ٿي وڃن .
جيتوڻيڪ برساتن پوڻ دوران ٻوڏ ٿيڻ ۽ وڄون ڪرڻ  فطري عمل آھي ان عمل کي روڪڻ ڪنهن جي به وس ۾ نه آھي ۽ برساتن پوڻ سان وڄن جو ڪرڻ ۽ ان سان پوندڙ نقصان اوس ٿيڻو ئي آھي ليڪن هن دفعي سنڌ ۾ پوندڙ برسات  ھنيانءُ ڏاريندڙ منظر برپا ڪيا آھن.
جيڪڏھن  هن ڪائنات۾ برسات وسڻ جو سلسلو هوند نه هجي ها ته شايد  هي ڪائنات  هنيانءُ ڏاريندڙ  منظر جو ڏيک ڏي ها. وڻن ، ولين ،انسانن ، جانورن ۽ پکين بنا   هي ڪائنات  ڪڙھندڙ ڪڙھائي جيئان هجي ها جنهن ۾ ڏينهن ٽاڻي سج جي ساڙيندڙ تپش  ۽راتين جو ڀيانڪ اونداهيون ھجن ها. آئون  وسندڙ وڏ ڦڙي  مان  پاڻ پسائي  ان جهوپڙي ڏانهن موٽان ٿو جا پتڻ کي ويجهي هئي هاڻي ته  پتڻ به اڳوڻو اوج ڇڏي ويا آھن پاڻي جي کوٽ  ڪري پتڻ  به ويران لڳا پيا آھن برساتي موسم ۾ جڏھن درياءَ تاروتار  وهندو آھي ته ان وقت  پرار پهچڻ لاءِ  ٻيڙين جي وسيلي  درياءَ پار ڪبو آھي .
ان ڏينهن شبو پاتڻي مون سان گڏ ھو اسان درياءَ جي ڪنڌي کان  ان پتڻ تان موٽي رهيا هئاسين جنهن جي پاسن کان  سر جهومي رهيا هئا آسمان تي ڪڪر ڇانيل هئا وسڪاري جا منڊل منڊجي رهيا هئا ٿوري ئي دير ۾ وسڪارو شروع ٿي ويو، اسان سامهون جهوپڙي ۾ ھليا وياسين شبو پاتڻي  جهوپڙي ۾ ڏڪي رهيو هو جڏھن کنوڻيون کجيون ٿي ته هن کي ويتر ڏڪڻي وٺي ٿي ويئي
شبو ڇو ڏڪڻي وٺي ويئي اٿئي ؟ مون سوال ڪيو
شبو پاتڻي مون ڏانهن اٻاڻڪين اکين سان ڏٺو ۽ چوڻ لڳو آئون هن پتڻ تي ٻيڙي هلائيندو هئس درياءَ جو به اوج هو ٻيڙي هلائي گذر سفر ڪندو هوس ڪڏھن ٻيڙي جي ذريعي مڇي جو شڪار به ڪندو هوس هڪ ڏينهن پاڻ سان زال به گڏ کنيم مڇي جو شڪار واهه جو لڳو هو ان ڏينهن ٿوري ئي عرصي اندر ڪڪر ڪار ٿي ويئي  ڏکڻ جو واءُ به تيز ٿي ويو هو جيستائين آئون ٻيڙي پڳھه تي لڳائي فارغ ٿيس طوفاني بارش شروع ٿي ويئي ايتري ۾  وڄ جو زوردار ٺڪاءُ ٿيو ڏٺم ته گهر واري  جيڪا مون کان ڪجھه فاصلي تي بيٺل هئي ڌم ڌڙام ڪري ڌرتي تي ڪري پيئي ، مٿس وڄ ڪري هئي. هاڻي جڏھن برساتون پونديون آھن ۽ وڄون وراڪا ڏينديون آھن ته مون کي اهو منظر ياد ايندو آھي ۽ ڏڪڻي وٺي ويندي اٿم. آئون ڪچي جي ڪنڌي تي اڏيل جهوپڙي مان  نڪري ٻيهر صحرا جو رخ ٿو ڪريان جيڪا لوڻيلو جي ڏکڻ ۾ ھئي جتان جي هڪ ياد نهنڊون پائي رهي آھي اهو صحرا  جيڪو هاڻي انساني آبادي جي چوڻي واڌ سبب  ساڳي صورت ۾ ته  نه رهيو آھي ان جي ڪجھه حصن ۾  ماڻھن پنهنجا اجها اچي اڏيا آهن، ان صحرائي علائقي ۾ھڪ بندرو همراهه جنهن جو نالو رزو هو جيڪو صحرا جي سامهون اتر طرف جهنگل ۾  سارو ڏينهن پکين جي ڪڍ هوندو هو. هو  تتر ، طوطا ۽ پکي سانڍي وڪڻندو هو جڏھن به اسان جي اوطاق تي ايندو هو ته ڪڏھن هڪ اڌ ڏينهن رهي پوندو هو. هڪ دفعي لٿي سج ڪڪر ڪار ٿي ويئي، برسات هلندي جڏھن کنوڻ جي گجگوڙ ٿيڻ شروع ٿي ته هن چيو ته مون کي ڪنن ۾ ڪپھه وجهو منهنجو هنيانءُ ٿو ڦاٽي ، هو ايستائين اوطاق جي ان اندرئين ڪمري ۾ ئي رهيو جيستائين ٻي ڏينهن سج نه نڪتو هو. مون زندگي ۾ اهڙن ٿورن ماڻھن کي ڏٺو آھي جن کي برسات جي موسم ان ڪري به ن وڻندي آھي جو ان ۾ کنوڻيون کجنديون آھن ۽  ٻوڏون ٿينديون آھن .
هيلوڪين برساتن سنڌ جي هزارين ماڻھن جا نه فقط دوران گجگوڙ ھنيانءُ ڏاريا آھن پر انهن جا فصل ۽ گهر ٻوڙيا آھن ۽ انهن جي زندگي مفلوج بڻائي آھي انهن جا ڪجھه پيارا انهن کان وڇوڙيا آھن اهي سندن وڇڙيل پيارن جي جدائي ۾  روئڻ کان رهي نه سگهندا ۽ ھاڻي جڏھن به آسمان تي ڪڪر ڪار ٿيندي تاڙا تنواريندا ۽ بوندون برسنديون ته انهن ماڻھن کي سندن وڇڙيل عزيز ياد پوندا جيڪي وٽانئن وسندڙ برسات دوران وڇڙيا هئا. صدمي ۾ ورتل سوين  انهن ماڻھن جي حڪومت سار لهي ٿي يا نه ليڪن سندن وڇڙيل  پيارن  جي  سار وڄندڙ لار جيان انهن ماڻھن جي دلين ۾ سدا رهڻي آھي جيستائين انهن جي ساهه جو سڳو ٽٽي نه ٿو
برسات متاثر ماڻھن جي دردن جو  ازالو  ان ۾ قطعي ڪونهي جو حڪومت ڪجهه ضلعن کي آفت سٽيل قرار ڏيئي خاموش ٿي وڃي ان لاءِ حڪومت کي برسات سٽيل ماڻھن جي هر ممڪن مدد ڪرڻي پوندي ۽ اها ئي حڪومت جي اهم ذميداري هجي ٿي.
 

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *