تازا ترين
  • *ملڪاڻي شريف: ايل بي اوڊي سم نالي سميت ننڊن ٻين نالن کي لڳل گھارن جو پاڻي نيڪال نه ٿيو *گهارن سبب سوين ڪچا گھر ڪري پيا، سوين ايڪڙن تي بيٺل فصل تباهه *پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف سنڌ آبادگار ۽ عوامي تحريڪ جي ڪارڪنن جي اڳواڻي ۾ احتجاج *پاڻي نيڪال جا لنگھه بند ٿيڻ ڪري ھر سال برساتن دوران نقصان ٿيندو آهي: احتجاج ڪندڙ*
  • *ميرپورخاص ۾ ٻوڏ متاثرن جو واهر نه ٿيڻ خلاف احتجاج، راشن من پسند ماڻهن ۾ ورهائڻ جا الزام *فاقا ڪشي واري زندگي گهاري رهيا آهيون، واهر ڪئي وڃي: احتجاج ڪندڙ ٻوڏ متاثر*
  • *نوشهروفيروز: ڀرٽ ۽ سولنگي تڪرار کي ختم ڪرائڻ لاءِ وڪيلن جو منٿ ميڙ قافلو سولنگين وٽ پھتو *قافلو پهرين مرحلي ۾ سولنگي برادري وٽ مناهي پهتو، سولنگي برادري پاران مھلت طلب *سولنگي ۽ ڀرٽ ڌرين ۾ هلندڙ تڪرار ۾ هن وقت تائين ٻنهي ڌرين جا 4 ڄڻا قتل ٿي چڪا*
  • *کپرو: نوجوان شھريار قائم خاني جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف وارثن جو احتجاجي مظاهرو *هڪ مهينو گذرڻ باوجود پوليس جوابدار گرفتار ناهي ڪري سگهي: احتجاج ڪندڙ *پوليس قاتلن کي پروٽوڪول ڏئي رهي آهي: پيءُ علي قائمخاني*
  • *جوهي ۾ بدامني خلاف شهرين جو ٿاڻي آڏو احتجاجي مظاهرو *ٻوڏ جي ماريل ماڻهن جو ڏوهارين به جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي: احتجاج ڪندڙ *پوليس ۾ ساٿاري ۽ ڀوتارن جي پٺڀرائي هجڻ ڪري ڏوهاري سرعام گهمي رهيا آهن: احتجاج ڪندڙ *
  • *جاتي: برساتن کانپوءِ گندو پاڻي واپرائڻ سبب گيسٽرو جي مرش ۾ واڌ، اسپتال ۾ دوائن ۽ بيڊن جي کوٽ *اسپتال ۾ بيڊن جي کوٽ سبب مريض وارڊن ۾ فرش تي پيل، دوائون نه ملڻ جون به دانهون *
  • *ڄامشورو: بنيادي سهولتن جي کوٽ خلاف جدوجهد ڪميٽي پاران 24 ڪلاڪن واري علامتي بک هڙتالي ڪئمپ قائم *ڄامشورو اوور هيڊ برج هيٺيان لڳايل ڪئمپ ۾ وڏي انگ ۾ سياسي توڙي سماجي اڳواڻ ۽ شهري شريڪ *ڪامورن علمي درسگاهن جي شهرکي تباهه ڪري ڇڏيو آهي: اڳواڻ *شهر ۾ پاڻي جي کوٽ سميت رستن ۽ گهٽين ۾ گندگي جا ڍير لڳل آهن:احتجاج ڪندڙ *شهر مان اڃا تائين برساتي پاڻي نيڪال ناهي ٿي سگهيو، ضلعي انتظاميا ڪو ترقياتي ڪم ناهي ڪرايو: اڳواڻ*
  • *سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ پاران تيار ڪيل نائين ڪلاس جو بائلاجي ڪتاب ۾ ڇپيل سيليبس ۽ بورڊ طرفان ڏنل سيليبس ۾ فرق *بورڊ پاران جاري ڪيل ليٽر وارا سيليبس ڪتاب ۾ موجود ئي نه آهن: استاد *سيليبس ۾ فرق هئڻ ڪري اسڪولن جا شاگرد ۽ استاد پريشان *بورڊ پاران جاري ڪيل ليٽر وارا سنڌ ٽيڪسٽ بورڊ جي ڪتابن جي کوٽ*
  • *اسلام آباد: ام رباب جي ٽن گهرڀاتين جو قتل ڪيس، سپريم ڪورٽ پاران روپوش جوابدار گرفتار ڪرڻ جو حڪم *چيف جسٽس جي سربراهي ۾3 رڪني بينچ 24 سيپٽمبر جي ٻڌڻي جو حڪم نامو جاري ڪيو *عدالت پاران ڊي آءِ جي حيدرآباد پاران پيش ڪيل رپورٽ تي عدم اطمينان جو اظهار *ڊي آءِ جي ايندڙ ٻڌڻي تي روپوش جوابدارن کي گرفتار ڪري عدالت کي آگاهه ڪري: حڪم نامو*
  • *اسلام آباد: بحريا ٽائون ڪراچي پاران قسطن جي ادائيگي لاءِ 2 سال مهلت گهرڻ بابت ڪيس جو حڪم نامو جاري *سپريم ڪورٽ 16 سيپٽمبر جي ٻڌڻي جو تحريري حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو *بحريا ٽائون جي وڪيل پاران درخواست واپس وٺڻ جي بنياد تي ڪيس اڪلايو ويو آهي: حڪم نامو *بحريا ٽائون 460 ارب رپيا ادا ڪرڻ لاءِ قسطن ۾ٻن سالن تائين مهلت گهري هئي *
  • *عمرڪوٽ ويجهو زميندار جي نجي جيل تي ڇاپو، 27 هاري بازياب *ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج عمرڪوٽ جي حڪم تي پوليس ڪارروائي ڪئي *بازياب ڪرايل هاري فرسٽ ايڊيشنل سيشن جج عمرڪوٽ جي عدالت ۾پيش *
  • *حيدرآباد تعليمي بورڊ ڏهين جماعت جي 2020 جي نتيجا جاري ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو *ڏهين جماعت جي سائنس ۽ جنرل گروپ جا نتيجا اڄ شام 5وڳي جاري ڪيا ويندا*
  • *دادو: ميهڙ ۾ ٽن ڄڻن جي قتل ڪيس جي ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ ۾ ٻڌڻي *مقتولن جي وارث اِم رباب چانڊيو سميت سردار احمد چانڊيو، ايم پي اي برهان خان چانڊيو ۽ ٻيا جوابدار عدالت ۾ پيش *سردار احمد ۽ برهان کي جوابدارن واري ڪٽهڙي ۾ ويهاريو ويو، وڪيلن جا دليل جاري*
  • *نيوسعيدآباد ويجهو جمالي برادري جي ٻن ڌرين ۾ هلندڙ تڪرار ٻيهر ڀڙڪي اٿيو *ڳوٺ پاھڙ جمالي ۾ جمالي برادري جي ٻن ڌرين ۾ هلندڙ زميني تڪرار تان هڪ ٻئي جي گھرن مٿان فائرنگ *فائرنگ سبب علائقي ۾ خوف، ڌريون مورچا بند*
  • *ڪراچي: احتساب ڪورٽ ۾ سمنڊ ڪناري سرڪاري زمين جي غير قانوني الاٽمينٽ وارو ڪيس *پي ايس پي چيئرمين مصطفيٰ ڪمال ۽ ٻيا عدالت مان غير حاضر*

رڪارڊ برسات ۽ بجلي جي مستي

خميس 27 آگسٽ 2020ع سڄو ڏينهن ڪراچي شهر۾ تيز برسات گهر۾ قيد ڪري ڇڏيو هو. 12 ڪلاڪن ۾ 88 سالن جو رڪارڊ ٽوڙيندڙ 10 انچ برسات پوڻ سبب 19 ماڻهو انڊرپاسن، کڏن ۾ ٻڏڻ ۽ بجلي جي شاٽن ڪري اجل جو شڪار ٿي ويا آهن. 36 ڪلاڪن کان پوءِ بجلي واپس آئي، بلڊنگ جي جنريٽر به جواب ڏئي ڇڏيو هو ، جنهنڪري ٽي وي، لينڊ لائين ۽ انٽرنيٽ به بند ٿي ويا هئا.موبائل ليپ ٽاپ وسيلي چارج بعد No Service جو پيغام ڏسي ڍڪر ئي ڍرا ٿي ويا. خبر نه هئي ته ٻاهر ڇا وهي واپري رهيو هو.البت برسات موسميات جي پيشنگوئين جي ابتڙ خميس صبح کان بند آهي ۽ ٻنهي طرف گهٽين ۾ پاڻي جيڪو ڪالھه چيلھه تائين هو سو گوڏن کان به هيٺ لهي چڪو آهي. KE وارا چون ٿا جيستائين پاڻي رستن تان نه هٽندو بجلي نه هلائينداسون. شايد ڪورٽ سڳوري جي ان حڪم تي ته بجلي جي شاٽن ڪري مري ويندڙن جي FIR ڪمپني جي CEO مٿان ڪٽيو، ڪمپني اهو ئي بهتر سمجهيو ته بجلي بند ئي رکجي. واٽر بورڊ وارا چون ٿا بجلي هوندي ته موٽر هلندا ته پاڻي نڪرندو. شڪر آهي گئس هلي رهي آهي جنهن سبب کاڌي پيتي ۽ پاڻي جي پريشاني ناهي.
ڪراچي ۾ چاليهن سالن دوران هي ٽين يادگار برسات آهي. پهرين آگسٽ 1992ع ۾ جڏهن اسٽيٽ لائيف نئين نئين جوائن ڪئي هئي ۽ سٽي اسٽيشن ڀرسان وئيلس روڊ واري آفيس مان جوتا هٿن ۾ کڻي گوڏن جيڏي پاڻي مان ٻن ڪلاڪن جي پنڌ بعد گارڊن ايسٽ ۾ ڊاڪٽر ايوب جي گهر پهتو هوس، جتي منهنجو والد صاحب بيچيني سان بالڪوني ۾ منهنجو انتظار ڪري رهيو هو ڇوته ان زماني ۾ موبائل فونون نه هونديونِ هيون. ٻي وڏي برسات جو تجربو جولاءِ 2009 ۾ ٿيو جڏهن بوٽ بيسن جي Pizza Hut تان رات جي ماني کائي اسان ٽي چار خاندان جيئن ٻاهر نڪري، گاڏين ۾ چڙهي ٿورڙي پنڌ تي پنهنجي گهر روانا ٿياسون ته احساس ٿيو ته اسان ڪلفٽن روڊ تي نه پر سنڌو تي دادو مورو وٽ ٻيڙين واري اوائلي پل تان گذري رهيا هجون. ڪلفٽن برج وٽ پنهنجون ڪارون پاسي تي بيهاري ڏنڊا هٿن ۾ کڻي پنڌ روانا ٿياسون جيئن ڪنهن گمنام گٽر ۾ گم نه ٿي وڃون، پر جيئن جيئن اڳتي پئي وياسون پاڻي وڌندو پئي ويو. آخر سيني تائين پاڻي وڌڻ تي باٿ آئي لينڊ ۾ ڪنهن بلڊنگ ۾ پناهه ورتي سون جتان وڏي گاڏي ۾ نڪرندڙ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جج جسٽس هاني مسلم کي گذارش ڪئي سون جنهن پنهنجي ٻارن کي لاهي ڊرائيور کي چيو ته اول هنن کي گهر ڇڏي اچو. ايئن خيريت سان گهر پهتاسون ۽ هي ٽين وڏي برسات آهي جيڪا چون ٿا ته اهڙي وڏي برسات 1932ع کانپوءِ ڪڏهن نه پئي آهي. اسلام آباد، لاهور، ڪوالالمپور، قطر مان واٽس اپ تي خيرخواهن جون خيريت معلوم ڪرڻ لاءِ فونون پئي آيون ڇوته ميڊيا تي شهري ٻوڏ بابت تمام گهڻي تشريح ٿي هئي.ڇنڇر تائين موبائل فون چالو ٿي نه سگهيا هئا ڇوته موبائل ٽاورن جي بجلي بند ٿيڻ ۽ جنريٽرن جو تيل ختم ٿيڻ سبب انهن به ڪم کان جواب ڏئي ڇڏيو هو. ايئن پهريون دفعو بجلي جي اهميت جو تمام گهڻو احساس ٿيو ڇوته هر ٻي جديد سهوليت جو دارومدار بجلي جي موجودگي تي آهي. ڪجهه ڪلاڪن لاءِ اهو به احساس ٿيو ته ايڪويهين صدي جي جن ٽيڪنيڪي سهوليتن جي جيڪا هام هڻندا هئاسون ۽ جنهن تي هري مري ويا آهيون ڪڏهن به ڌوڪو ڏئي سگهن ٿيون ۽ مستقل ناهن. انڪري متبادل بندوبست به هئڻ گهرجي.
هڪ ٻي ڳالهه غور طلب آهي ته ڪراچي شهر کي بجلي ڏيندڙ 107 سال پراڻي ڪمپني؛ KESC جنهن کي 1953ع ۾ سرڪاري ملڪيت ۾ ورتو ويو هو ۽ جنهن کي واپس 2005ع ۾ مشرف جي زماني ۾ خانگائي 2014ع ۾ نالو مٽائي KE رکيو ويو ويو هو سا ڪمپني ڪنهن صوبائي يا مڪاني سرڪار جي ملڪيت نه پر ابراج گروپ، سعودي الجمه ۽ عماراتي ڪمپنين جي ڪنسورشيم جي 2 ارب ڊالرن کان وڌيڪ سيڙپڪاري سان هلندڙ خانگي ڪمپني آهي . ابراج جي چيف عارف نقوي کي اپريل 2019ع ۾ گرفتار ڪيو ويو هو ۽ مٿس لنڊن ۾ فراڊ جا مقدما هلي رهيا آهن.کيس مئي 2019ع ۾ لنڊن جي ڪورٽ 2 ڪروڙ ڊالرن جي ڳري ضمانت تي آزاد ڪيو هو.ڪورٽ تي زور هو ته کيس آمريڪا جي حوالي ڪيو وڃي ڇوته مٿانئس هيلٿ ڪيئر فنڊ ۾ 23 ڪروڙ ڊالرن جي گهوٻين سان گڏ آمريڪي سيڙپڪارن سان اربين ڊالرن جي فراڊ ۽ ڪاري ناڻي کي سفيد ڪرڻ جا الزام آهن جنهن تي آمريڪي قانون موجب کيس مجموعي طور 291 سال سزا اچي سگهي ٿي.کيس 2019ع ۾ سندس غير حاضري ۾ دبئي جي عدالت سندس جاري ڪيل چيڪ بائونس ٿيڻ تي فراڊ الزام هيٺ 3 سال سزا ڏني هئي. مٿس اهي به الزام آهن ته گروپ ڪراچي ۽ اسلام آباد سان وابسته سياسي پارٽين جي مالي سهائتا ڪندو رهيو آهي جنهن جي بدلي کيس گئس ۽ ٻين رعايتن جي مدد ملندي رهي آهي. امن فائونڊيشن نالي هلندڙ فلاحي ادارو به سندس خاندان جي سهائتا سان هلي رهيو آهي. هن لاءِ اهو به مشهور آهي ته هن ڪيئي ناياب عالمي آرٽس جا شهپاره ناڻي کي سفيد ڪرڻ لاءِ 2 ڪروڙ ڊالرن يعني سوا ٽن ارب رپين ۾ خريد ڪيا هئا. ابراج گروپ 2002ع ۾ قائم ڪيو ويو ۽ سندن سيڙپون آمريڪا، وچ اوڀر، آفريڪا، لاطيني آمريڪا، ترڪي ۽ وچ ايشيا ۾ آهن. سندس چيف ڪراچي ڄائو 60 سالن جو عارف نقوي ڪراچي ۽ لنڊن جي وڏن تعليمي ادارن مان پڙهيل سابق آمريڪن ايڪسپريس بئنڪ، جيڪا ڪنهن زماني ۾ ٽريول چيڪس لاءِ ڏاڍي مشهور هئي، تنهن۾ ملازم هو جيڪا بعد ۾ سيوهڻ ڄائي سنڌي خريد ڪري انتي JS بئنڪ نالو رکيو. ابراج گروپ لاءِ مشهور آهي ته سندس دل دبئي ۽ دماغ لنڊن ۾ آهي ۽ عارف نقوي لاءِ اهو مشهور آهي ته جي دبئي يا ڪنهن هوائي جهاز ۾ اوهان کي نه ملي ته پوءِ پڪ سان هو توهان کي لنڊن هائيڊ پارڪ ڀرسان سندس محل نما گهر ۾ ضرور ملندو جتي هو اڄڪلھه عدالتي ضمانت تي پر عملي طرح نظربند آهي.
KE۾ عالمي ڪنسورشيم جو 66.4 سيڪڙو، وفاقي سرڪار جو 24.4سيڪڙو۽ پنجن پاڪستاني مالياتي ادارن جو 1.5سيڪڙو حصو ۽ باقي ڪمپنين ۽ فردن جو 7.7سيڪڙو حصو آهي. بورڊ جو چيئرمين سعودي سيڙپڪار رياض ادريس آهي ۽ ان ۾ وفاق جا ٻه نمائندا ميمبر طور شامل آهن .KE جا هن وقت 25 لک گراهڪ 6,500 چورس ڪلوميٽرن تي ڦهليل آهن جن۾ ڪراچي کان سواءِ ڌاٻيچي، گهارو، لسٻيلو، حب، وندر، اٿل جا علائقا شامل آهن جتي 1,250 ڪلوميٽر ڊگهين تارن وسيلي 60 گرڊ اسٽيشنن تان 44سيڪڙو گهرو، 31سيڪڙو صنعتي، 17سيڪڙو واپاري ۽ 8 سيڪڙوزرعي ۽ ٻين گراهڪن کي 25000 ميگا واٽ بجلي پهچائي وڃي ٿي .KE ۾ 10,000 کان وڌيڪ ملازم ڪم ڪري رهيا آهن ۽ ڪمپني بجلي جي جنريشن، ٽرانسميشن ۽ ڊسٽريبيوشن ڪري رهي آهي. پپري، لانڍي، ڪورنگي ۽ سائيٽ ۾ سندس 5 بجلي گهر آهن. سندس ڪل اثاثا 600 ارب رپيا ۽ موڙي 214 ارب رپيا آهي. گذريل سال ڪمپني کي 290 ارب رپيا آمدني ۽ صافي 17 ارب رپيا نفعو ٿيو.
ايئن هڪ خانگي بجلي جي بنيادي يوٽيلٽي ڪمپني کي سنڌ-بلوچستان جي ايتري وڏي سامونڊي پٽي ۾ هڪ هٽي ڏئي هڪ وڏي خطري Risk کي پيدا ڪيوويو آهي. مشهور پهاڪو جيڪو گھڻو ڪري رسڪ مينيجمينٽ ۾ هر هر ياد ڪرايو ويندو آهي ته “سڀ بيدا هڪ کاري ۾ نه رکڻ کپن. ” تي عمل ڪندي بجلي جهڙي اسٽريٽيجڪ يوٽلٽي تي ڪنهن پرڏيهي ڪنسورشيم جي حاڪميت کي ختم ڪري سندس جنريشن، ٽرانسميشن ۽ ڊسٽريبيوشن جي مرڪزيت جي رسڪ کي به مينيج ڪرڻ لاءِ الڳ الڳ ڪيو وڃي. ٻين ڪمپنين کي ان شعبي ۾ رعايتون ڏئي سيڙپڪاري لاءِ همٿايو وڃي جيئن ڪنهن جي هڪ هٽي نه رهي. اربع تي برسات دوران رستي ۾ ڦاٿل اسانجي ڊاڪٽر مائٽياڻي جنهن سوڊان ۾ به ڪم ڪيو آهي،ڪجھه وقت برسات کان بچاءُ لاءِ اسان وٽ ترسي پئي تنهن ٻڌايو ته اتي موبائل جيان بجلي به پنهنجي ڪنهن به پسنديده ڪمپني جي پري پيڊ ڪارڊ نمبر ميٽر ۾ موبائل وانگر فيڊ ڪري ڪتب آڻي سگهجي ٿي.
بجلي اچڻ بعد ٽي وي تي خبرون ٻڌي اطمينان ٿيو ته هن دفعي سنڌ جي دل کي وفاق جي حوالي ڪرڻ جي ڪنهن ناممڪن منصوبي بابت ڪرائي جي ڪامراني تبصرن بجاءِ مسئلي کي سمجهڻ ۽ سلجهائڻ جي ڊگهي مدي وارن منصوبه بندي تي بحث هلي رهيو هو ۽ ڊفينس هائوسنگ سوسائٽي جي مهانگين ملڪيتن ۽ ڳرين ٽيڪسن باوجود بيڪار بندوبستن ۾ بنا بجلي جي اونداهن گهرن ۽ ٻڏندڙ رستن جو به ذڪر ڪيو ويو هو ورنه هر مسئلي کي سياسي تبصرن جي نظر ڪري ماڻهن جي مسئلن مان جان ڇڏائي ويندي آهي. برساتن جي معاملي کي بدلجندڙ موسمي حالتن جي پسمنظر ۾ ڏسڻ گهرجي. برساتن سبب سمورا ڊئم ڏهن سالن ۾ پهريون دفعو ٽٻ ٿي چڪا آهن.منڇر به ڀرجي چڪي آهي .LBOD کي گهاري پوڻ ڪري ڳوٺ ٻڏي ويا آهن. دريائن جي ٻوڏ کان بچاءُ جي اڳواٽ تياري ڪئي وڃي. ميئرن جو مدو به ختم ٿي چڪو آهي. ضرورت ان ڳالھه جي آهي ته سنڌ سرڪار بلدياتي مسئلي تي هن کي هڪ موقعو سمجهي پنهنجي اڳواڻي وارو ادا ڪندي بهتر ڪارڪردگي وسيلي پنهنجي ۽ پنهنجي ووٽرن جي نيڪنامي جو سبب بڻجي ۽ سڄي سنڌ ۾ بنيادي ڍانچي بابت ڪي عملي قدم کڻي. ان ڊگهي سفر جي پهرين قدم طور شهر ۽ ٻهراڙي ۾ نالن ، نئين، وهڪرن ۽ ريلوي پٽڙين جي لنگهن تان حددخلين کي ختم ڪرڻ لاءِ حڪمت عملي سان گڏيل قدم کڻي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *