تازا ترين
  • *حيدرآباد: سلاوٽ پاڙي ۾ 11 هزار ڪي وي واري تار ڪري پئي، رهواسي خوف ۾ مبتلا*
  • *سکر ۾ پرسرار نموني گم ٿي ويل 2 ٻارڙا جنسار عرف جنار ۽ عدنان عرف دعنان هٿ، هڪ شڪي گرفتار*
  • *جيڪب آباد: مغوي زال ۽ نياڻي کي بازياب ڪرائڻ بدران پوليس اهلڪار طعنا ڏيندا آهن: جيڪب آباد ۾ پيرسن پوليس اهلڪار جو احتجاج * جيڪب آباد: حاجي سليم منهنجي زال ۽ ڌيءُ کي اغوا ڪيو آهي، پوليس بازياب نه ٿي ڪرائي: اڪرم لاشاري * جيڪب آباد: اغوا ڪيس ۾ هڪ جوابدار قالو کي گرفتار ڪيو ويو آهي، ٻين کي به جلد گرفتار ڪيو ويندو: پوليس *
  • *گهوٽڪي ميونسپل آفيس جو رڪارڊ چوري ڪرڻ وارو ڪيس: ضمانت رد ٿيڻ بعد ميونسپل ڪميٽي جو چيئرمين ۽ اڪائونٽنٽ کسڪي ويا * گهوٽڪي: ميونسپل آفيس جو رڪارڊ چوري ٿيڻ جو الزام آهي، اينٽي ڪرپشن عدالت سان رابطو ڪيو: عدالت * گهوٽڪي: سيد اصغر علي شاهه ۽ محبوب ڪولاچي تي ميونسپل آفيس جو سمورو رڪارڊ چوري ڪرڻ جو الزام آهي *
  • *ميرپور ساڪرو/ڌاٻيجي: نجي ڪمپني جي مبينا زيادتين خلاف ۽ مطالبن جي مڃتا لاءِ پورهيتن، مهاڻن ۽ ٻين جو ڪوسٽل هاءِ وي تي ڌرڻو * ميرپور ساڪرو/ڌاٻيجي: مقامي مهاڻن کي چيڪنگ بعد ڇڏيو ويندو آهي، جنهن لاءِ سندن قيمتي وقت ضايع ٿئي ٿئي: مظاهرين * ميرپور ساڪرو/ڌاٻيجي: سڪيورٽي گارڊز جا جائز مسئلا حل ڪري ڪمپني ۾ مقامي ماڻهن کي ڀرتي ڪيو وڃي: مطالبو *
  • *جيڪب آباد:”بنگلي آڏو ڪار ڇو بيهاري اٿئي“ جيڪب آباد ۾ پ پ سان واڳيل ضلعي ڪائونسل جي ميمبر جو هندو نوجوان نڪيش ڪمار تي تشدد، رتورت * جيڪب آباد: سردار زاده قادر خان کوسي تشدد ڪيو ۽ سندس محافظ ڪار جي شيشا ٽوڙيا: متاثر شخص نڪيش ڪمار * جيڪب آباد: واقعي جو ڪيس ٻن مک جوابدارن ۽ 8 اڻسڃاتل ماڻهن خلاف داخل، گرفتاري عمل ۾ نه آئي *
  • ڀلي سڀئي ڪرپٽ ليڊرز گڏجي وڃن،چورن کي نه ڇڏيندس ، 4سال سڪون سان گذارڻ لاءِمشرف جيان اين آر او نه ڏيندس:وزيراعظم جي اپوزيشن تي تنقيد*بلاول لبرلي ڪرپٽ آهي، سندس نظرئي سان آئينسٽائين جو روح تڙپيو هوندو،نواز شريف لاءِ گارنٽي گهري ته شهباز شريف ڊراما شروع ڪيا *اسلام آباد۾فضل الرحمان جي سرڪس مان ڪمزوردل واراوزيرگهٻرائجي ويا،مون سمجهايو ته ڪجهه نه ٿيندو:موٽروي جي افتتاحي تقريب کي خطاب *
  • فنڪاره ثمينه سنڌو جي قاتل کي 2 ڀيرا عمر قيد جي سزا*دهشتگردي ٽوڙ عدالت 2018ع ۾ شادي تقريب دوران قتل ٿيل فنڪاره جي ڪيس جو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو*
  • پاڪستان شاهين ون ميزائل جو ڪامياب تجربو ڪري ورتو*شاهين ون ميزائل 650 ڪلوميٽرز تائين هٿيار کڻي وڃڻ جي صلاحيت رکي ٿو: ڊي جي آءِ ايس پي آر*
  • جسقم چيئرمين سوڌواڍائي هزارڪارڪنن خلاف بغاوت جوڪيس*پيغامِ سنڌ مارچ ڪندڙن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو،دهشتگردي لاءِڀڙڪائڻ۽رياستي ادارن خلاف نعريبازي جاالزام *
  • پنهنجا کيسا ڀرڻ لاءِ مل کي تباهه ڪيو ويو: سُپريم ڪورٽ اسٽيل ملز جي زمين وڪرو ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو: وفاقي سرڪار جو موقف رد*اسٽيل ملز جي ملازمن کي پرويڊنٽ فنڊز ڏيڻ لاءِ پئسا ناهن، پگهارون ڏيڻ لاءِ ملز جي زمين وڪرو ڪري رهيا آهيون: وفاقي سرڪار جو وڪيل*ملز جي زمين عوامي ملڪيت آهي، وڪرو نٿي ڪري سگهجي، اڳي گاڏيون، ٽرڪ ۽ راڪيٽ ٺهندا هئا، هاڻي ملز ۾ پيداوار ٻُڙي آهي: عدالت*
  • اوڪاڙه ڀرسان درياهه ۾ ٻيڙي اونڌي، 8 لاش ڪڍيا ويا*ملڪو شيخو ويجهو واقعو پيش آيو، ٻيڙي ۾ 25 کان مٿي ماڻهو سوار هئا، وزيراعليٰ پنجاب طرفان رپورٽ طلب*
  • پي آءِ اي جا ٽشو پيپرز حجام جي دڪانن تي استعمال ٿيڻ لڳا*

رڌڻي ۾ رولو وجھندڙ پينا فليڪس!

اھو پينا فليڪس گھڻو وقت اڳ ميرپور بٺورو روڊ تي ڳوٺ ڇريٽاڻي ويندڙ لنڪ روڊ جي موڙ تي لڳايو ويو ھو، جنھن تي پيپلزپارٽي جي مرڪزي قيادت جون تصويرون اڪريل آھن. جنھن وقت اھو پينا فليڪس لڳايو پئي ويو تنھن وقت ڪنھن کي اھو اندازو به نه ھو ته ھي پينا فليڪس اڳيان ھلي پ پ اڳواڻن جي رڌڻي ۾ رولو وجھندو. اتفاق سان جتي اھو پينافليڪس لڳايو ويو ھو ان جاءِ جي ڀرسان چون ٿا ته ھڪ اھڙي ماڻھو جي زمين آھي جيڪو شيرازين جو ويجھو ماڻھو سمجھيو وڃي ٿو سو ان زمين جي مالڪ وڃي عدالت جي در دانھن ڏني ته منھنجي زمين جو مھاڳو بند ٿي ويو آھي، ان ڪري عدالت سڳوري اھو پينا فليڪس ان جاءِ تان ھٽرائڻ جو حڪم جاري ڪري. عدالت حد جي روينيو آفيسرن کان رپورٽ گھري ورتي، جن رپورٽ ۾ ڄاڻايو ته پينافليڪس ڪنھن جي به ذاتي زمين ۾ لڳل ناھي پر رستي ڀرسان سرڪاري زمين ۾ لڳايو ويو آھي. اھڙي رپورٽ بعد عدالت ڪيس اڪلائي ڇڏيو ھو ۽ پينافليڪس پنھنجي جاءِ تي برقرار رھيو. زميندار وري وڃي مٿانھين عدالت ۾ اپيل داخل ڪرائي جتي اڃان ٻڌڻيون ھلندڙ آھن. اپيل تي عدالت سنڌ اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر ريحانا لغاري کي نوٽيس جاري ڪري پيش ٿيڻ جي ھدايت ڪئي ته واويلا مچي وئي، پ پ جي ھڪ اجلاس ۾ ريحانا لغاري جي ڪيل تقرير جي وڊيو جڏھن منظر عام تي آئي ته ريحانا جي واتان اھو ٻڌڻ ۾ آيو ته شيرازين منھنجي خلاف ڪيس داخل ڪرايو آھي، پارٽي قيادت نوٽيس وٺي کانئن پڇاڻو ڪري ته شيرازي پ پ جي ٽڪيٽ تي چونڊجي اچڻ جي باوجود پ پ قيادت جا پينافليڪس لھرائڻ لاءِ ڇو مقامي اڳواڻن کي عدالت ۾ گھلي رھيا آھن. اھڙي شڪايت بعد به پ پ قيادت اڃان تائين شيرازين کان ته ڪو پڇاڻو نه ڪيو آھي پر پ پ جو ضلعي صدر ملڪاڻي به شيرازين خلاف کلي ڳالھائڻ کان ڪجھ لنوائيندي نظر اچي رھيو آھي.
ھن پينافليڪس پ پ جي رڌڻي ۾ جيڪو رولو وڌو آھي سو ھن کان اڳ ڪڏھن به ڏسڻ ۾ نه آيو. اڳواڻن جا اختلاف ھاڻي نفرت ۾ بدلجي رھيا آھن پر شايد سنڌ جي وڏي وزير وٽ به ڄڻ ته شيرازين جي ڪجھ سرس اھميت آھي جو ھو سڌي ريت شيرازين کان ڪو پڇاڻو ڪرڻ جي موڊ ۾ ناھي ۽ سجاول ۾ پ پ اڳواڻ ھڪٻئي تي ڇوھ ڇنڊي ماندا ٿي پيا آھن پر ھڙ حاصل ڪجھ نٿو ٿئي. اھڙي صورتحال ڏسي پ پ جا ئي ڪجھ جھونا اڳواڻ ٻڌائن ٿا ته ڪجھ وقت اڳ جڏھن ريحانا لغاري ھڪ آفيسر کي مقرر ڪرايو ھو تڏھن شيرازين وري ان جو آرڊر رد ڪرائي پنھنجي مرضي جو آفيسر مقرر ڪرائي ڇڏيو ھو. ان عمل خلاف دانھڻ لاءِ جڏھن ريحانا لغاري مقامي اڳواڻن سان گڏجي وڏي وزير کان ملاقات جو وقت ورتو ته ذريعا ٻڌائين ٿا ته وڏي وزير ھنن کي ڏنل ٽائيم تي شيرازين کي گھرائي پاڻ وٽ ويھاري ڇڏيو ھو ته جيئن پ پ اڳواڻ شيرازين جي سامھون سندن ڪا شڪايت نه ڪري سگھن. شيرازين کي ايتري اھميت ملڻ جو مک سبب شايد اھو به ھو ته گذريل عام چونڊن دوران مقامي اڳواڻن ئي پارٽي قيادت کي ٻڌايو ھو ته شيرازين کي ٽڪيٽ ڏيڻ گھرجي ڇو جو شيرازين کانسواءِ پ پ جو چونڊ کٽڻ مشڪل آھي. اقتداري سياست ۾ اھميت ان کي ئي ڏني ويندي آھي جيڪو چونڊ کٽي سگھڻ جي اھليت رکندو آھي سو شيرازين کي سرس اھميت ملي وئي ۽ ھاڻي جڏھن ھڪ پينا فليڪس اڳواڻن جي رڌڻي ۾ رولو وجھي ڇڏيو آھي تڏھن مقامي اڳواڻ وڏي واويلا پيا ڪن پر في الحال سندن دانھن ڪوڪ کي مٿي ويٺلن مان ڪو به نه پيو ورنائي.صورتحال کي ڏسي پ پ جي ھڪ جھوني اڳواڻ کان پڇيم ته “آخر ماجرا ڇا آھي؟” ته ھن وراڻيو “بابا گھڻو وقت اڳ جڏھن اھو پينا فليڪس لڳايو ويو ۽ ان خلاف عدالت ۾ ڪيس به داخل ٿيو تڏھن ڪنھن به پ پ اڳواڻ ڪا ٻڙڪ نه ڪڍي ھاڻي جڏھن شيرازي ضلعي تي ذري گھٽ پنھنجو سياسي ڌاڪو ڄمائي ويا آھن تڏھن ھاءِ گھوڙا شروع ٿي وئي آھي.” اھا ھاءِ گھوڙا پينافليڪس جي لاءِ ناھي ڇو ته پينافليڪس ته ھٽائي رستي جي ٻئي ڀر به لڳائي سگھجي ٿو پر ھاڻي وٺ پڪڙ ڪرڻ جا ٻه مقصد نظر اچن پيا ھڪ ته مقامي پ پ اڳواڻ شيرازين کي سياسي مات ڏيڻ لاءِ ھٿ ڌوئي ميدان ۾ نڪري پيا آھن، ملڪاڻي سئوٽن ٺاھ ڪري ورتو آھي، ھير سوھو ۽ ريحانا لغاري توڙي ارباب وزير ميمڻ سڀ گڏجي پيا آھن ۽ ضلعي صدر سجاول جي ماڻھن جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ ھفتي ۾ ھڪ ڏينھن ھتي ويھڻ جو اعلان ڪيو آھي. مطلب سمورا پ پ اڳواڻ شيرازين خلاف گڏجي ويا آھن پر شيرازين کي ڪو الڪو ئي ڪونھي، ھاڻي ڏسجي ته پ پ رڌڻي ۾ پيل رولو آخر ڪٿي ٿو وڃي دنگ ڪري، ھاڻي مڪاني چونڊن جو وقت به ويجھو آھي ان وقت مرڪزي قيادت جي پاليسي به پڌري ٿي پوندي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *