تازا ترين
  • *ٺل: ايس يو پي ڪارڪن قائم سرڪي قتل ڪيس جو مک جوابدار بلوچستان مان گرفتار * ٺل: پوليس اوستا محمد لڳ جڳهه تي ڇاپو هڻي ربنواز عرف ربو کي گرفتار ڪيو * ٺل: جوابدار کي بس اسٽيڊ کان وچ شهر مان گشت ڪرائي ٿاڻي تي آندو ويو *
  • * دادو اسپتال ۾ عورت شمشاد ڌي ارباب شاھه فوت: غفلت جو الزام: ڊاڪٽرن کي مبينا مارڪٽ *
  • *جيڪب آباد تعليم ۽ ناڻي کاتي جي 17 ملازمن خلاف ڪرپشن جا 18 ڪيس داخل * جيڪب آباد: اڳوڻو ڊي او صادق ڪٽوھر، جبار دايو، غزالا ٿھيم، شڪور، ٽي اي او قمر ٻرڙو نامزد * جيڪب آباد: ٺل جي موجوده ٽي اي او ٺل ياسمين، گل حسن انڙ، مرتضيٰ جکرو ۽ ٻيا جوابدار ڄاڻايل *
  • *سجاول اسپتال انتظاميا جو ايمبولينس ڏيڻ کان انڪار: نينگري 2ڪلاڪ تڙپندي رهي: عملو ٽهڪ ڏيندو رهيو! * سجاول: ڳوٺ نودو ٻارڻ واسي پورھيت اصغر ملاح جي 12 سالن جي مسڪان کي طبيعت خراب ٿيڻ ڪري اسپتال آندو ويو * سجاول: ڊاڪٽرن نينگري کي ٺيڪ قرار ڏنو، نينگري جي پيشاب جي نالي بند آهي: خانگي اسپتال جي رپورٽ *
  • *ڄامشورو: بجلي ڏيو ڪونه، مٿان وري ڳرا بِل ٿا موڪليو: ڄامشوري ۾ عورتون حيسڪو جي آزار خلاف رستن تي نڪري آيون * ڄامشورو: حيسڪو زيادتيون بند نه ڪيون ته انڊس هاءِ وي بند ڪنديون سين: مظاهرين *
  • هاڻي شاگردن کي استاد ۽ ڪلارڪ پاڻ امتحاني فارم ڀري ڏيندا*پرائمري ۾ شاگرد جو نالو ۽ پيدائشي تاريخ صحيح لکو: عدالت طرفان داخلا فارم ڀرڻ لاءِ مڪينزم جوڙڻ جو حڪم*
  • راڻا ثناءُ الله خلاف شاهدن جي زندگيءَ کي خطرو آهي: شهريار آفريدي طرفان منشيات ڪيس پنڊي منتقل ڪرڻ جو مطالبو*سياسي ڊرگ ڊيلرز ۾ هٿ وجهڻ تي اي اين ايف جو ميڊيا ٽرائل ڪيو ويو، شاهدن کي به ڌمڪيون ملي رهيون آهن: مملڪتي وزير*راڻا ثناءُ الله خلاف ثبوت ۽شاهديون موجود آهن، جيل ۾ روزانو بُنيادن تي ٽرائل جي اجازت ڏني وڃي: اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهيون*
  • اسٽي باوجود ڪيفي سنڌ کي ڇو ڊاٺو؟ ڪي ايم سي جي انڪروچمينٽ انتظاميا کي توهين عدالت جا نوٽيسز جاري*سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪي ايم سي اختيارين کان جواب طلب ڪري ورتو*
  • گُٽڪي ۽ مين پُڙي جي ڪاروبار خلاف ڪريڪ ڊائون جو اعلان*گهرو کاتي طرفان خوراڪ کاتي، فوڊ اٿارٽي ۽ آءِ جي سنڌ کي لکيل خط ۾ ڪريڪ ڊائون ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي*
  • ٺل جي ميڊيڪل سينٽر ۾ گئس نه ملڻ سبب 4 تازا ڄاول ٻارڙا فوت: وارثن جي احتجاج بعد سينٽر سيل: ڊاڪٽرز ۽ عملو فرار*ميڊيڪل سينٽر انتظاميا جي سنگين لاپرواهي واري مامري جي جاچ لاءِ ڪميٽي جوڙي وئي*
  • مردان ۾ زمين جي تڪرار تان فائرنگ، امڙ ۽ 3 ڀائرن سوڌو 5 ڄڻا قتل*

رول ڪتا، ڇتا ڪتا ۽ پنهنجا ڪتا!

مهانگائي اسان غريبن جا لاهه ڪڍي ڇڏيا. ڀينڊي، گوار، ميها ۽ واڱڻ به 150 روپيا ڪلو ٿي ويا. وڃي دال ٿي ورتم ته دڪاندار چيو، “180 روپيا ڪلو!” چيم، “هل ڙي! اسان غريب ماڻهو دال کائڻ کان به وياسين.!” هڪ بيروزگاري ٻي مهانگائي اهڙو پريشان ٿي ويس، جهڙو ٻار جي هٿ مان قلفي ڪري پئي هجي. هڪ دانا ۽ فلاسافر دوست کي ايس ايم ايس ڪيم ته، “هن فاني دنيا ۾ ڪجي ته آخر ڇا ڪجي؟” هن جواب ڏنو ته، “هن فاني دنيا ۾ ٻيو کڻي ڪجهه به نه ڪجي پر مرڻ کان اڳي زندگي ۾ هڪ دفعو بس ۾ ويٺل يا بس اسٽاپ تي بيٺل ڪنهن حسين دوشيزه کي ڏسي اک ڀڃڻ کپي نه ته اها حسرت به رهجي ويندي.” مون کي سندس ڳالهه ڏاڍي وڻي. آئون ڏاڍو تيل ڦليل ۽ سينڌ سُرما ڪري شهر ويس. اتي بس اسٽاپ تي هڪ بنهه سهڻي مائي بيٺي هئي. مون کيس اک ڀڳي. سوچيم ته هوءَ به اک ڀڃيندي! پر ابا مائي ڪا اشراف ۽ غيرتي هئي. سا ڪاوڙ ۾ تپي صفا چيلاٽو ٿي پئي. تنهن سئنڊل لاٿو، آئون ڀڳس، هن اڇلائي هنيو، اچي منهنجي ڪياڙي تي لڳو. مون به ڏنو پيرن تي زور، سڌو گهر اچي ساهي پٽيم.
پوءِ مون وڃي ٽي وي کولي ان ۾ فلمي چئنل لڳايو. پراڻي فلم پئي هلي. هڪ غنڊي هيروئن سان ڇيڙ ڇاڙ ڪري ان جي عزت تي حملو ڪيو. هيروئن بچايو بچايو چئي رڙيون ڪرڻ لڳي ته پينٽ شرٽ ۾ فرسٽ ڪلاس وارن جي اسٽائيل وارو هيرو اچي لٿو. تنهن غنڊي کي ڏاڍا ٺونشا هڻي رتورت ڪري ڀڄائي ڇڏيو. پوءِ هيروئن هيرو کي ڀاڪر پائي چيو، “تنهنجي مهرباني جو تو منهنجي عزت بچائي آهي.” هيرو چيو، “ڪا ڳالهه ڪانهي اهو منهنجو انساني فرض هو.” پوءِ ٻنهي جو پاڻ ۾ چوٽيءَ جو پيار ٿي ويو. جهٽ پٽ هڪ باغ ۾ وڃي پهتا، مينهن به شروع ٿي ويو. ڀاڪر، ڊانسون ڪري دوگانو ڳائڻ لڳا، “ڇم ڇم يه پهوار! ديکهو رنگ لايا پيار! برسات ڪي مهيني مين!” پوءِ ته ابا ٻئي عشق جي شڪنجي ۾ ايئن ڦاسي پيا جهڙو گدڙ جي ٽنگ ڪوڙڪي ۾ ڦاٿي هجي. نيٺ وڏي محنت کانپوءِ ٻنهي جي شادي ٿي وئي. هيرو مون وانگر صفا ڪو بکيو ٽانٽ هجي صفا اٽي ۾ جهليل ۽ هيروئن هڪ وڏي صنعتڪار ۽ سرمائيدار جي ڌيءُ هجي سو هيرو جي لئي ٿي وئي. عاليشان بنگلا، وڏيون گاڏيون، ڪارخانا ۽ بئنڪ بيلنس الڳ. فلم ٿي پوري. منهنجي دماغ ۾ اچي هورا کورا ٿي ته آئون به انهي هيرو وانگر ڪي معرڪا ڪري سکيو ستابو ٿي پوان. مون کجو کنڀڙاٽي سان انهي پروگرام جو حال اوريو ۽ کيس غنڊي يعني ولين جي ڪردار لاءِ تيار ڪيم ۽ هيرو ٿيڻ لاءِ آئون لنڊا مارڪيٽ مان پينٽ ۽ شرٽ وٺي آيس. نديم ڪٽ وارن جو اسٽائيل ٺهرايم. ٻئي شهر وياسين. بس اسٽاپ تي هڪ حسين ڀلن ڪپڙن ۾ مائي بيٺي هئي. کجو کنڀڙاٽي وڃي ان سان ڇيڙ ڇاڙ ڪئي ۽ زوري لڄالٽ جي ڪوشش ڪئي. اوچتو آئون مٿان وڃي پهتس. کجو کنڀڙاٽي کي ڏاڍا ٺونشا هڻي رتورت ڪري ڇڏيم. هو ڀڄي ويو. مائي ويچاري ڊپ ۾ ڏڪي پئي مون کيس وڃي ڀاڪر پاتو ڀر ۾ پارڪ جي بئنچ تي آڻي ويهاريم، نارنگي واري ٿڌي جي بوتل کيس پياريم. مون کي پڪ ٿي ته هاڻي اسان جو پيار شروع ٿي ويندو. اسين باغ ۾ وينداسين مٿان مينهن پوندو ۽ نچي نچي دوگانو ڳائينداسين. نيٺ آئون ڦاٽس مائي کي چيم، “اٿي حسينه! اٿي نازنين مون کي توسان پيار ٿي ويو آهي. اچ ته پاڻ پڪي دوستي رکون!” مائي چيو، “ادا آئون انهن ماين مان ڪانه آهيان. آئون شادي شده آهيان. منهنجو مڙس يارو مون کي ڏاڍو ڀانئي ٿو. ڇهه ننڍڙا ننڍڙا ٻار به اٿم. توکي هميشه لاءِ دين جو ڀاءُ ٿي ڪريان. مون وٽ ڀاڙي جا 200 هئا جيڪي غنڊي واري جهيڙي ۾ ڪٿي ڪري پيا هاڻي ڀاڙو ڏي ادا ته آئون ڪڍڻ وڃان!” مون سندس مٿي تي هٿ رکي “ادي” چئي ڀاڙي جا پئسا ڏنا ۽ کيس ڪڍڻ واري بس تي چاڙهي آيس. منهنجو سڄو پروگرام ۽ فلم شو فيل ٿي ويو. منهنجو منهن لهي اهڙو بڇڙو ٿي ويو جو آرسي ۾ ڏٺم ته هڪ پاسو ڏهرڪي ۽ ٻيو پاسو رهڙڪي جهڙو لڳو پيو هو.
ورندي ڏينهن مون سڀ اخبارون گهرائي غور سان مطالعو ڪيو. خبر پئي ته اسان جي سنڌ ۾ ڪئين مصيبتون کڙيون ٿيل هيون. ڪئين سازشون گهڙيون پئي ويون. هڪ ته وونئڻن ۾ ڳاڙهي سنڍي ٻيو سارين جو نقلي ٻج، سنگ سڀ پاپڙي! قومي اسيمبلي ۾ نوان صوبا ٺاهڻ لاءِ بل جمع، درياهه تي ڊيم، ڪرپشن، مهانگائي، بيروزگاري، تعليم ۽ صحت جا شعبا تباهه، ايمبولنس نه ملڻ ڪري فوتگيون، ڳورهاري مائي پٽ تي پئي ٻار ڄڻي، اسڪولن جون بلڊنگون تباهه، ٻار وڻن هيٺان پيا پڙهن. ڪاري ڪامڻ جي وبا، رول ڪتن جو آزار، ڇتي  جي وئڪسين اڻلڀ! اهو سڀ پڙهي منهنجي مٿي تي هٿ اچي ويا. وطن جي درد ۾ آئون مٿو ۽ ڇاتي ڪٽي ماتم ڪرڻ لڳس ته اوچتو پنهنجي سرڪار سڳوري ڪتا مار مهم جي آغاز جو اعلان ڪيو. ڏاڍو خوش ٿيس، مون به هڪ ڇهه فوٽي ٿلهي لٺ کنئي ۽ ڪتا مار مهم تي نڪري پيس. هڪ ڪتي کي مارڻ لاءِ ڦري آيس ٻه ٽي ڌڪ هنيامانس ته ابا هن ڪوڊ ورڊ ۾ اهڙيون رڙيون ڪيون جو سندس اٺ ڏهه ساٿي ڪتا اچي پهتا. سوچيم اسان انسانن کان ته ڪتن ۾ وڌيڪ ٻڌي آهي. ڏکئي وقت ۾ ڪيئن اچي پهتا آهن. ابا انهن ڪتن مون تي حملو ڪري ڏنو. مون کي ڏاڙهي، ڪپڙا ڦاڙي صفا ٽڪي هڪڙي جو ڪري ڇڏين. مون اسان واري عطائي ڊاڪٽر سلو سروٽي کان ملم پٽي ڪرائي، ماسات ماڪوڙو ۽ سئوٽ صدورو مون کي چنگچيءَ ۾ چاڙهي وئڪسين ڪرائڻ لاءِ شهر وٺي ويا. الاهي اسپتالن ۾ وياسين ڪٿان به وئڪسين ڪا نه ملي. مايوس ٿي گهر موٽي آيس. ڪتن کان پلاند ڪرڻ لاءِ وري مون لٺ کنئي ۽ هڪ اروڙي تي بيٺل اڪيلي ڪتي کي ڦري  آيس. ٻه ٽي لٺيون هڻي ڪڍيون مانس. ڪتو ڪونڪاٽ ڪري نستو ٿي پيو. مون کي هٿ ٻڌي چيائين، “ادا انسان آئون لاوارث نڌڻڪو، غريب ۽ بي ضرر ڪتو آهيان. صبح کان شام تائين ماني ڳڀي ۽ پاروٿي هڏي لاءِ اروڙين تي نوس نوس ڪندو آهيان. مون کي ماري ڇا ڪندين؟ توهان انهن ڪتن کي نٿا ماريو جيڪي انسانن جي روپ ۾ توهان جي نياڻين جي لڄالٽ ڪري کين قتل ٿا ڪن. هاسٽلن ۾ نمرتا جهڙيون معصوم نياڻيون قتل ٿا ڪن. نياڻين جا زوري مذهب ٿا مٽائين. ڪراچي کي سنڌ کان ڌار ڪرڻ ٿا چاهين. ماڻهن کي ڀنگ لاءِ اغوا ٿا ڪن. لاش کڻن ۽ بيمار کي شفٽ ڪرڻ لاءِ ايمبولنس ڏيڻ کان انڪار ٿا ڪن، صحت، تعليم، واٽر سپلاءِ، روڊن ۽ پلين جي اسڪيمن جا پئسا هڙپ ڪريو ٿا  وڃن، جيڪي نقلي دوائون نقلي ٻج ۽ ڀاڻ وڪرو ٿا ڪن، جيڪي سٺ واري شئي من مستي ڪندي 120 ۾ ٿا وڪڻن، جيڪي باٿ روم جي فرش ۾ نوٽن جون ٻوريون ٿا پورين، جيڪي تنهنجي وطن سنڌ کي ٽوڙڻ لاءِ رات ڏينهن سازشون ٿا ڪن!” ڪتي جون سچيون ڳالهيون ٻڌي آئون حيران ٿي ويس. مون کيس مارڻ تان هٿ کنيو. ڪنهن ڏاهي صحيح چيو آهي ته، “انسان جي ڏاڙهڻ کان بچايو، جانورن کي منهن ڏئي وينداسين.”

Bookmark the permalink.

One Response to رول ڪتا، ڇتا ڪتا ۽ پنهنجا ڪتا!

  1. Aijaz Abro says:

    A good article. (Realities in the shape of joke)

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *