تازا ترين
  • *دادو: ميهڙ ۾ ٽن ڄڻن جي قتل ڪيس جي ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ ۾ ٻڌڻي *مقتولن جي وارث اِم رباب چانڊيو سميت سردار احمد چانڊيو، ايم پي اي برهان خان چانڊيو ۽ ٻيا جوابدار عدالت ۾ پيش *سردار احمد ۽ برهان کي جوابدارن واري ڪٽهڙي ۾ ويهاريو ويو، وڪيلن جا دليل جاري*
  • *نيوسعيدآباد ويجهو جمالي برادري جي ٻن ڌرين ۾ هلندڙ تڪرار ٻيهر ڀڙڪي اٿيو *ڳوٺ پاھڙ جمالي ۾ جمالي برادري جي ٻن ڌرين ۾ هلندڙ زميني تڪرار تان هڪ ٻئي جي گھرن مٿان فائرنگ *فائرنگ سبب علائقي ۾ خوف، ڌريون مورچا بند*
  • *ڪراچي: احتساب ڪورٽ ۾ سمنڊ ڪناري سرڪاري زمين جي غير قانوني الاٽمينٽ وارو ڪيس *پي ايس پي چيئرمين مصطفيٰ ڪمال ۽ ٻيا عدالت مان غير حاضر*
  • *مدئجي ويجهو پوليس اٽالن جي چڙهائي،گهر گهر تلاشي، 4 ڄڻا گرفتار،ڍور ڍڪ حوالي *پوليس اٽالن ڳوٺ علي خان واصل ڀرسان هليا ۽ جيها برادري جي گهرن تي چڙهائي ڪئي *پوليس چئن ڄڻن کي گرفتار ڪري 10 کان وڌيڪ ڍور ڍڪ حوالي ڪري ڇڏيا،متاثرن جو احتجاج *
  • *لاڙڪاڻو: چانڊڪا اسپتال ۾ ايم ايس ۽ پيراميڊيڪل عملي ۾ ڇڪتاڻ برقرار *پيرا ميڊيڪل عملي جو احتجاج، مريض بنا علاج جي واپس روانا *20هين ڏينهن به او پي ڊيز کي تالا، پيرا ميڊيڪل عملي وارڊن جو ڪم به ڇڏي ڏنو *ڊيوٽي تي غيرحاضر رھندڙن کي بخش نه ڪيو ويندو: ايم ايس *ڊاڪٽر ارشاد ڪاظمي جيستائين ايم ايس کي نه هٽايو ويندو، احتجاج جاري رهندو: پيرا ميڊيڪل عملو *

روايتي سماجي سوچ ۽ نوجوانن جو آئيندو

پاڻ ڄاڻون ٿا ته مشاهدن ۽ تجربن مان حاصل ٿيندڙ ڄاڻ کي علم چيو ويندو آهي. اهڙي ريت ان علم کي ڪتابي صورت يا ٻئي ڪنهن ميڊيم ذريعي ڪٺو ڪري نئين نسل تائين پهچائڻ جي عمل کي تعليم چئجي ٿو. پوري دنيا ۾ سرڪاري توڻي خانگي ادارا هلائڻ لاءِ گهربل ملازم اهڙي تعليم وارو هجڻ ضروري هوندا آهن. ايئن ئي تعليم حاصل ڪري، اسان سوڌو ڪيترائي ماڻهو ملازمتون ڪري پنهنجو گذران ڪري رهيا آهن. هن سڄي عمل کي ڏسي عام طور هر ماڻهو ۽ خاص ڪري ٻهراڙيءَ جي ماڻهوءَ جي خواهش هوندي آهي ته سندس ست ئي پٽ وڏيون نوڪريون حاصل ڪن.
ماڻهن جو اهڙو رجحان ڏسي هن وقت تعليمي عمل به ڪاروباري شڪل اختيار ڪري ويو آهي. ڪيترائي ماڻهو انگريزي اسڪول کولي ويهي رهيا آهن. جن ۾ ابهم ٻارن کي “ٽوئنڪل ٽوئنل لٽل اسٽار” جو بيت ياد ڪرائي، جنهن جي معنى نه ٻار ٿو سمجهي نه ئي ان جو پيءَ، پر اسڪول جو مالڪ چوي ٿو ته ان بيت ياد ڪرڻ کانپوءِ اهو ٻار اجهو ٿو انهيءَ تاري ڏانهن اڏام ڀري. انگريزي ميڊيم خانگي اسڪولن ۾ پڙهيل ٻار واقعي به عهدن تي پهچن ٿا يا نه!؟ ان جي ته خبر ناهي، پر جيئن چوندا آهن ته اميدن تي دنيا قائم آهي، سو ايئن ئي هر ڪو اميد ڪيون اسڪولن ڏانهن پنڌ پيو ڪري. سنڌ ۾ مٿين سوچ غالب هجڻ جي باوجود ڪجهه ڳالهيون ڌيان ڇڪائيندڙ آهن.
پهرين ڳالهه: پاڻ جيڪڏهن هن وقت سنڌ ۾ مڊل ڪلاس سان تعلق رکندڙ چاليهه سالن کان وڏي عمر وارن جي ڳالهه ڪريون، جن ۾ سرڪاري ڪامورا، استاد، شاعر، اديب وغيره. اچيو وڃن ٿا، سي سڀئي پنهنجي ڳوٺن جي سرڪاري سنڌي پرائمري اسڪولن مان پڙهيل ملندا ۽ هو نهايت قابل ماڻهن منجهه شمار ٿين ٿا پر اهي ساڳيا ماڻهو پنهنجي اولاد کي پرائمري سنڌي پڙهائڻ جي بجاءِ خانگي انگريزي اسڪولن ۾تعليم ڇو پيا ڏيارين؟ شايد هنن جو خيال آهي ته انگريزي خانگي اسڪولن ۾ ڳرين فيسن ڀرڻ کانپوءِ سندن ٻار وڏا قابل ٿيندا.
ٻين ڳالهه: اسان جنهن سماج ۾ رهون ٿا، اتي تعليم جي ليول ڪيتري به وڏي ڇو نه هجي، پي ايڇ ڊي يا وڏي محنت ڪري ڇو نه چٽا ڀيٽيءَ جو امتحان پاس ڪجي، پر رهندو اهو ئي ملازم بي ريا لفظن ۾ “نوڪر” پنجابيءَ جي مشهور چوڻيءَ جيان “نوڪر ڪي تي نخرا ڪي۔۔۔!”
ٽين ڳالهه: سمجهان ٿو ته ننڍي کنڊ ۾ انگريزن جي اچڻ کانپوءِ اهو تصور ته فارمل تعليم ئي انسان کي سماج ۾ عزت ڏياري ٿي. اسان جي شعور توڻي لاشعور ۾ پختو ٿي ويو آهي. ان جو مثال ته جيڪڏهن ڪو ماڻهو، پنهنجي ٻارن کي اسڪولن ۾ پڙهائڻ جي بجاءِ ڪنهن معاشي مجبوريءَ سبب ڪٿي ڪنهن ڪم ۾ لڳرائي ٿو ته هر طرف کان “هاءِ گهوڙا ظلم” جون صدائون بلند ٿيڻ لڳن ٿيون. اهڙين ڳنڀير حالتن ۾ ڇا ڪرڻ گهرجي؟ جڏهن تعليمي ادارن مان هنرمند ماڻهن جي بجاءِ بي هنر بيروزگارن جو لشڪر هر سال نڪري معاشري تي بار ۾ اضافو ڪري؟ ته سڀ کان پهرين ماڻهن ۾ پنهنجي هنر سکي قابل ٿيڻ ۽ نوڪر کان مالڪ ٿيڻ جي سوچ پيدا ڪجي. نه فقط عملي طور ان جي هر ماڻهو تبليغ ڪري پر اهڙا ادارا وجود ۾ آندا وڃن، جن ۾ ماڻهن کي واپاري، ڪارخانيدار، غير ملڪي آمد و رفت ۾ ڀڙ ٿيڻ، ٻهراڙين کان شهر ۾ وڃي مختلف ڪمپنين جون ايجنسيون هٿ ڪندڙ، ٻڌي يا هول جو ڪاروبار ڪندڙ، . مطلب ته نوڪر واري سرڪل کان ٻاهر ٻيا ڪم سيکاريا وڃن.
اهي ته ٿيون ماڻهن کي پنهنجي پيرن تي کڙي ڪرڻ لاءِ ڪجهه صلاحون، پر جيسيتائين اهي عمل ۾ اچن ڪنهن به صورت روايتي تعليمي طريقي کي نه ڇڏڻ گهرجي ۽ ساڳئي وقت انهن ماڻهن جو نهايت قدر ڪرڻ گهرجي، جن سچائي ۽ خلوص سان، اسان تائين تعليم پهچائي. انهن ئي ماڻهن ۾ ڪجهه ڏهاڙا اڳ انتقال ڪيل سنڌ جي عظيم شخصيت نثار احمد صديقي شامل هو. صديقي صاحب پنهنجي دؤر جو ذميدار ۽ ايماندار آفيسر ٿي گذريو. منهنجي ڳوٺ مڏ ڪونڌر سان تعلق هجڻ جي ڪري، صديقي صاحب کي تمام گهڻو ويجهي کان ڏسڻ جو موقعو مليو. ان زماني ۾ اسان جي ئي ڳوٺ جو غلام محمد ڪونڌر صاحب سندس هم منصب هو. سندن فيمليءَ جو ان سان ڀائپي وارولاڳاپو رهيو. ايستائين جو اهي ٻئي گهر ته جهڙوڪ هڪ ئي گهر سمجهيا ويندا هئا. صديقي صاحب پهريائين ڪنڊياري تعلقي تي اسسٽنٽ ڪمشنر بعد ۾ نوشهري فيروز ضلعو ٺهيو ته پاڻ ان جو پهريون ڊپٽي ڪمشنر ٿي آيو. هن جي طبيعت ۾ بهادري ۽ ڏوهاري مخالف هجڻ، اهڙيون خوبيون هيون جو اسان جي برداري ته ڄڻ هن جي معتقد هوندي هئي.
اسان جي برداريءَ ۾ زمينداري ڪرت رکندڙ ماڻهو به مرحوم جي تعريف جا ڍڪ ڀريندا آهن. ڏوهاري سرگرميون گهٽائڻ لاءِ عام ماڻهوءَ کي قانوني هٿياربند ڪرڻ هن جي ڪامياب پاليسين مان هڪ هئي.نوي جي ڏهاڪي ۾ جڏهن سنڌ ۾ ڌاڙيل راڄ عام جام هو يا ايئن چئون ته پوري سنڌ ڌاڙيلن وٽ ڀنگ لاءِ جهليل هئي، انهن ڏينهن ۾ صديقي صاحب کي سکر ريجن تي ڪمشنر مقرر ڪيو ويو هو. ايڏي مسئلي کي منهن ڏيڻ لاءِ هن شخص ڪچي ۾ رهندڙ امن ۽ پورهيي کي پسند ڪندڙ مختلف برادرين کي ڏوهارين کان پاڻ بچائڻ لاءِ کين قانوني طرح هٿياربند ڪرڻ شروع ڪيو ۽ عوام کي ڊڄي مرڻ کان مزاحمت ڪرڻ سيکاري. سندس اها پاليسي مڪمل ڪامياب رهي. ڪيترائي ناليوارا ڏوهاري قانون جي منهن چڙهي ويا. اهڙي ريت ڌرتي ٻيهر امن ۽ پورهيي ڏانهن موٽڻ شروع ڪيو. سندس انهي پاليسيءَ تي جيتوڻيڪ گهڻي تنقيد پڻ ٿي ۽ چيو ويو ته ڌاڙيل راڄ ختم ٿيڻ سان برداري جهيڙا شروع ٿي ويا. پر اهو سڀ ڪجهه عارضي هو. امن مستقل بنجي ويو. پنهنجي ڳوٺ پريالوءِ کان پرائمري تعليم حاصل ڪري اڳيان وڌندڙ ۽ ملڪ جو ڪامياب انتظامي آفيسر رهندڙ هن شخص جي رٽائر ٿيڻ کانپوءِ واري عمل کي وڌيڪ ساراهيو پيو وڃي. سکر شهر ۾ آءِ بي اي جهڙو ادارو کولي ان کي يونيورسٽيءَ جو درجو ڏيارڻ ۽ سڀ کان وڌيڪ ته هن کي ساکائتو بڻائڻ وارو عمل يعني هن اداري هٿان، مختلف تعليمي ادارن جو معيار پرکڻ يا وقتي طور تي ٻين خانگي تعليمي ادارن جو انتظام هن اداري کي ڏئي اتي به بهتري آڻڻ وارا عمل ڳڻيا وڃن ٿا. آءِ بي اي ۾ پڙهندڙ شاگردن لاءِ اسڪالرشپ جو بندوبست ڪرڻ ۽ ان لاءِ سکر جي ڀرپاسي وڏن ڪاروباري ادارن کان شاگردن لاءِ اسڪالر وٺڻ به شامل آهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته اسڪالر کڻڻ لاءِ ضروري آهي ته اهو شاگرد اداري اندر پڙهائيءَ ۾ پنهنجو مٿاهون معيار رکيو اچي. ٻي صورت ۾ سندس اسڪالرشپ بند ٿي ويندي ۽ اهڙي ريت شاگرد اڳتي پڙهائي جو خرچ پاڻ برداشت ڪندو. جيتوڻيڪ نثار احمد صديقي صاحب هن وقت اسان وٽ ناهي، پر سندس ڀليون ڳالهيون سارجن ٿيون.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *