تازا ترين
  • *نواب شاهه: صحافي عزيز ميمڻ جو قتل ڪيس ڪئميرامين اويس قريشي سوڌو 5 جوابدارن خلاف داخل*
  • *جيڪب آباد: مهڪ ڪماري جي ننڍي ۾ عمر ۾ شادي ڪرائڻ جو ڪيس داخل*
  • *قبضا مافيا کي ڪير ڪجهه نٿو چوي، پر عوامي مفادن لاءِ ڪم ڪندڙن خلاف ڪيس داخل ٿيندا آهن: سنڌ هاءِ ڪورٽ*
  • *پ پ اڳواڻ سردار چانڊيو ۽ برهان چانڊيو خلاف انڪوائري مڪمل: جوابدارن جي عبوري ضمانت ۾ واڌ*
  • رستم ڀرسان ڪارنهن تهمت هيٺ عورت قتل، لاش گم،2 گرفتار*ڳوٺ سردار خادم جتوئي ڀرسان 15 ڏينهن اڳ ڀاءُ پنهنجي ڀيڻ سبحان خاتون کي قتل ڪري لاش گم ڪري ڇڏيو*
  • ڪورونا وائرس:چين ۾فوتين جو انگ 2 هزار کان وڌي ويو*هن وقت تائين 2004 ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن، متاثرن جو انگ 74 هزار کان وڌيڪ آهي: چين*

رهجي ويل ڪبوترن جي اڏام!

سج آهستي آهستي وڃي رهيو آهي. مداريءَ جي هٿن ۾ رهجي ويل ڪبوتر آهن. هي ڪبوترن کي هٿن مان ڇڏي ٿو، ڀڙڪو ڏئي، سفيد ڪبوتر اڀ ۾ اوچتو آيل، ڪارن ڪڪرن مان کنوڻ کلڻ ڪري، انڊلٺ بڻجي وڃن ٿا.
هن سال نوبل انعام ماڻيندڙ آسٽريا جو ليکڪ پيٽر هينڊڪي آهي، فوٽوءَ ۾ ڏاڙهيءَ سان نيڪ دل پادريءَ جو ڏيک ڏيندڙ آهي، جڏهن ته هو فاشسٽ سوچ جو مالڪ آهي. نوي جي ڏهاڪي ۾ ڪراچيءَ ۾ رهڻ ڪري، کوڙ ڪتاب پڙهيا هيم، هن جا ٻه ناول انگريزيءَ ۾ ترجمو ٿيل “کَکرِ” The Hornets ۽ کاٻڙيِ زائفان، The left Handed woman فُٽ پاٿ تان ويهن رپين ۾ مليا هيم. مون کي کاٻڙي زائفان ڏاڍو وڻيو هو. ڪجهه ڏينهن اڳ سنگتين آفتاب سومرو، ابوبڪر بلو ۽ ساجد ميمڻ جي ٿورن سان، هن جو هڪ ناول A sorrow beyond Dreams پي ڊي ايف ۾ مليو آهي، ناول سندس ماءُ جي خودڪشيءَ جي حوالي سان لڙڪن سان لکيل آهي، پڙهڻ جهڙو آهي.
پيٽر هينڊڪي کي نوبل انعام جو اعلان ٿيندي دنيا جي ليکڪن ۾ تاءُ پکڙجي ويو. اعتراض واريا ويا جو هو نسل پرست ۽ جنگي جنون جو پوئلڳ رهيو آهي ۽ 2019ع ۾ ناروي ملڪ ابسن ايوارڊ وٺڻ ويو هو ته هن لاءِ فاشسٽ جا نعرا لڳا هئا. پيٽر هنڊڪي سربيا جي ظالم صدر ۽ جنگي جنوني قاتل ويڙهاڪ سلابوڊان ميلاسووچ جي موت وارين رسمن ۾ تقرير ڪندي، ساراهه ڪئي هئي. هن جي ناڪاري عملن تي سٺي ليکڪ منوج ڪمار سان گڏ مون کي به اندر ۾ باهه آهي.
پنهنجي هانوَ تي هٿ رکي، جيءَ ۾ جهاتي پائي ڏسون ته پنهنجن جا پرڪار به چڱا نظر نه ايندا. پرڏيهي ليکڪن ايذرا پائونڊ ۽ نٽ همسن وانگر اسان وارن به وسان نه گهٽايو آهي، وڏي اڏام ڪئي آهي، هنن ليکڪن کي وري به سٺين لکڻين ڪري ايوارڊ ملن ٿا، اسان وارن کي خراب ڪتابن تي، سفارش ۽ فونين تي انعام عطا ٿيندا آهن، هنن جي ڪتابن کي جج ئي ڪونه پڙهندا آهن.
آمر ضياءَ جي دور ۾ اردو شاعر فيض احمد فيض ۽ احمد فراز پاڻ کي پاڻ جلاوطن جي ٽڪلي هڻي، لنڊن هليا ويا، سٺي شاعر ۽ درٻاري ماڻهو افتخار عارف سندن خدمت ڪئي، بدعنوان بينڪر حسن عابدي جي ٺاهيل، لنڊن ۾ اردو مرڪز جي هال ۾، اچو شراب پي، آمر خلاف نظم پڙهڻ لڳا. اسان جي دادو جا دودا مڙس ماڻهو هئا جو آمر ضياءَ جي روڊ تان لنگهڻ مهل جان جي پرواهه نه ڪندي سندس خلاف نعرا هڻندا هئا. شاعره فهميده رياض پاڻ ملهايو، ڀارت هلي وئي، اهي آمر جي موت پڄاڻان موٽيا، ڪوسيون ڪرسيون ملي وين، دادو وارا بينظير انڪم سپورٽ جو ڪارڊ ڌڪا کائڻ کانپوءِ به حاصل نه ڪري سگهيا.
اردو ليکڪ ۽ شاعر احمد نديم قاسمي ترقي پسندن جو سرواڻ هو، ليڪا لتاڙي ويو، هر ايوارڊ ورتائين. آمر ضياءَ جي دور ۾ انعام جو اعلان ٿيس، احمد فراز چيس، “آمر کان ايوارڊ وٺڻ توکي ٺهي نه ٿو.” وراڻيائينس، “ايوارڊ ضياءَ جو ناهي، حڪومت ٿي ڏئي، حڪومت عوام ٺاهيندو آهي.” نوي جي ڏهاڪي ۾ اڪيڊمي آف ليٽرس ۾ جج هو، جهان خان وارو فيصلو ڪيائين، ڪمال فن ايوارڊ پاڻ کي ڏياريائين، هڪ ووٽ کٽي پيو، سنڌي نقاد ليکڪا کان وٺي ان کي به ڪتاب تي ايوارڊ ڏياريائين، آجا پاجا ٿي ويا.
اردو ليکڪن جاوا ڪيا آهن. ڪهاڻيڪار انتظار حسين هر انعام ورتو، سٺي ۽ ڪنڊائتي ليکڪ انيس ناگيءَ لکيو هو، “انتظار حسين کي رڳو نشانِ حيدر رهيل آهي.” ملڪي سطح تي ٻه شاعر حبيب جالب ۽ استاد دامن مڙس ماڻهو هيا، هنن نوڙي هٿ وڌايو جهرڻي مان ٿڌو مٺو پاڻي پيئڻ لاءِ، استاد دامن جو شعر آهي.
موجان ئي موجان اي
هڻ فوجان ئي فوجان اي
ٽپال کاتو هر سال ڪنهن شخصيت جي حوالي سان يادگار ٽڪلي جاري ڪندو آهي، اسان جي ٽيبل جي خاني ۾ رنگين ٽڪليون، شهيد، دانشور، مها ڏاهو وغيره جون جام پيون آهن، لڳائڻ جي دير ئي ناهي، لڳل به آهن.
ايوب آمر جو دور هجي، ون يونٽ هو. سڄي سنڌ جا سياستدان ۽ اديب ون يونٽ مٿان ٻريو ويٺا هئا. اسان جو مها ڏاهو “ٽماهي مهراڻ” جو ايڊيٽر هو. صاحب موصوف ايڊيٽوريل ۾ آمر ايوب جي اهڙي ساراهه ڪئي آهي، جهڙي شاعر مشرق جليانوالا باغ ۾ فائرنگ ڪرائي، ماڻهو مارائيندڙ انگريز جنرل ڊائر جي مان ۾ قصيدو لکي ڪئي هئي. ون يونٽ لاءِ ايڊيٽر صاحب لکي پٺڀرائي ڪئي آهي. بيشڪ! غدار جي ٽڪلي محمد ايوب کهڙو ۽ پير علي محمد راشدي مٿان لڳل آهي.
اڪيڊمي آف ليٽرس جو ڪمال فن ايوارڊ سگهارين لکڻين تي ملڻ لاءِ آهي، پر اهو موئن جي دڙي جي ماڻهو کي مليو هو. هن آمر پرويز مشرف کان جهڪي ايئن ورتو هو، جيئن شاعر امداد حسينيءَ ورتو هو. اليڪشن ۾ بيهڻ مهل هن مذهبي پستڪ گيتا سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري، هندو ڀائي بندن ۾ ورهايو هو، پوءِ به هارايو هو، اسان جي لٺ رڳو مهان شاعر شيخ اياز جي دعائن لکڻ تي هئي. سٺو نثر نويس ۽ سياستدان عبدالواحد آريسر فاشسٽ تنظيم، جنهن ذائفن جا ارهه وڍي، مٿان ٺپا هنيا هئا، ايم ڪيو ايم ۾ شامل ٿيو هو. منهنجي ڳوٺائي ۽ ليکڪ دلشاد ڀٽو سينيئر “ساڃاهه” جو ايڊيٽر، سٺو ليکڪ ۽ شاعر خاڪي جويو، شاعر ساجد سومرو، شاعر وسيم سومرو کان ظلم وسري ويا. ناوليٽ “کاهوڙي کجن”، جو ليکڪ ۽ “مذهب آفيم آهي”، جو پرچار ڪندڙ ڄام ساقيءَ به هڻي هنڌ ڪيو، پوئين سج جي پساهن مهل ڀيڏيءَ تي سٿڻ جا پاچا ڪري، مٿي تي رلهي وهاڻو ۽ هٿ ۾ بدنو کڻي راءِ ونڊ وڃڻ لڳو.
سنڌي ٻولي جي ليکڪ علي احمد بروهي ۽ قمر شهباز سان گڏ منهنجو ڳوٺائي يوناني ديوتا لڳندڙ ۽ سٺو نثر نگار آغا سليم فاشسٽ تنظيم جي ٽڪيٽ تي اليڪشن ۾ بيٺا هئا، منهن ڀر ڪريا هئا. آغا سليم شڪارپور آيو، جيمخاني ۾ ڪچهري ڪندي مون کيس چيو هو، “آغا سائين، مان ٻئي شهر ۾ تعارف ڪرائيندي فخر مان ڳاٽ اوچو ڪري چوندو هيم، مان آغا سليم جي شهر جو آهيان، هاڻي اهو چوندي ندامت ٿيندي آهي.”
سانجهي ٿيڻ واري آهي، بتي ٻرڻ واري آهي، مداري پنهنجا ٽپڙ ميڙي سيڙي پيٽيءَ ۾ وجهي، ٽوپلو پائي هلي ٿو، ماڻهو تاڙيون وڄائي نعرا هڻي داد ڏين ٿا. شهر جي هڪ گهٽيءَ مان لنگهندي، ڪجهه ڪتا هن پويان ڀونڪڻ لڳن ٿا. اهو فقير ڪهڙو؟ جنهن مٿان ڪتا نه ڀونڪن!

Bookmark the permalink.

One Response to رهجي ويل ڪبوترن جي اڏام!

  1. سلیم انور عباسی says:

    میریمجبوری جانیے۔۔۔وسندھی کی بورڈ پر ہاتھ رواں نہیں۔۔۔تاہم ہم ایسے گئے گزرے بھی نہیں کہ اردو نہ جانیں۔۔۔۔آدرش کو ڈھیروں مبارک باد قلم کو تلخ و شیریں
    احساس سے حمائل کیے ہوئے ہیں

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *