تازا ترين
  • لاڙڪاڻي ۾ ڪورونا جا وڌيڪ 49 نوان ڪيس ظاھر، متاثرن جو انگ 194 ٿي ويو *عمرڪوٽ ۾ وڌيڪ 73 ڄڻن کي ڪورونا جي تصديق، انگ 438 ٿي ويو*
  • *دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ نقيب الله قتل ڪيس جي ٻڌڻي،اڳوڻو ايس ايس پي رائو انوار ۽ ٻيا پيش *ڪيس ۾ عابد قائمخاني جي پيش نه ٿيڻ تي عدالت پاران سخت ڪاوڙ جو اظهار *سمورن شاهدن کي ايندڙ ٻڌڻي تي پيش ڪيو وڃي: عدالت جو حڪم *
  • *لاڙڪاڻو: شيخ زيد اسپتال ۾ معصوم ٻارڙي فوت، وارثن جو ڊاڪٽرن تي غفلت جو الزام *ڪالهه معصوم ٻارڙي کي اسپتال داخل ڪرايو، ڊاڪٽرن پاران علاج نه ٿيڻ سبب فوت ٿي وئي: وارث *
  • *ڊي سي دادو مساڻ جي زمين تي قبضي جو نوٽيس وٺي ڇڏيو، روينيو ٽيم پاران زمين جي ماپ *روينيو ٽيم هندو پنچائت جي مکي گرمک داس سان گڏ مساڻ واري هنڌ پهچي زمين جي ماپ ڪئي *ماپ دوران مساڻ جي هڪ ايڪڙ زمين تي قبضي جي نشاندهي *
  • *اسلام آباد: احتساب ڪورٽ ۾ دوائن جي قيمتن ۾ واڌ خلاف داخل ڪيل نيب ريفرنس ۾ اڳڀرائي *نامزد جوابدار اڳوڻي سيڪريٽري قانون ارشد فاروق فهيم جي بريت جي درخواست رد *احتساب عدالت پاران جوابدار ارشد فاروق خلاف ٽرائل جاري رکڻ جو فيصلو *جوابدار تي دوائن جي قيمتن ۾ واڌ ڪري هڪ ارب رپين جي ڪرپشن ڪئي: نيب *
  • *سانگهڙ ۾ ڪورونا وائرس جا وڌيڪ 57 ڪيس پازيٽو اچي ويا،انگ وڌي 897 تي ويا *سانگهڙ ضلعي ۾ 9375 ماڻهن جا سيمپل ورتا ويا هئا: انتظاميه*
  • *نندو ويجهو دڪان کي باهه، زرعي ڀاڻ ۽ ٻيو سامان سڙي رک ٿي ويو *ڳوٺ اولياءُ راڄسين ۾ امين ملاح جي دڪان کي باهه وڪوڙي ورتو*
  • *ميرپورخاص ضلعي ۾ ڪورونا وائرس جا وڌيڪ 23 ڪيس ظاهر *ميرپورخاص ۾ ڪورونا وائرس جي متاثرن جو انگ وڌي 848 ٿي ويو *
  • *سکر ۾ مقامي سطح تي وڌندڙ ڪورونا ڪيسز وارو معامرو، مختلف علائقا سيل ڪيا ويا *ضلعي انتظاميا سکر، صالح پٽ ، روھڙي ۽ پنوعاقل جا وڌيڪ علائقا سيل ڪري ڇڏيا* جتي وڌيڪ ڪيس رپورٽ ٿيا آهن، انهن علائقن کي سيل ڪيو ويو آهي: ڊي سي سکر*
  • *اسلام آباد احتساب عدالت ۾ جعلي اڪائونٽس ڪيس ۽ پارڪ لين ڪمپني ريفرنس *اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي پارڪ لين ريفرنس خارج ڪرڻ واري درخواست تي دليل جاري نيب قانون مطابق آصف علي زرداري خلاف ڪارروائي ڪري ها؟ وڪيل فاروق ايڇ نائيڪ *
  • *ڇاڇرو ۽ ڏاهلي تعلقن ۾ ڪورونا وائرس جا وڌيڪ 22 نوان ڪيس ظاهر، انگ وڌي 208 ٿي ويو *متاثرن کي پنھنجن گهرن ۾ ئي آئسوليٽ ڪيو ويو آهي: ضلعي انتظاميا *
  • *ميرپورخاص ويجهو ٽريڪٽر جي ٽڪر ۾ نينگر فوت *اميدن بري درگاهه وٽ سائيڪل تي ويندڙ 14ورهين جي وشال ڀيل ٽريڪٽر جي ٽڪر ۾ فوت *نينگر جو لاش اسپتال منتقل، ٽريڪٽر ڊرائيور فرار ٿي ويو *
  • *سکر: خورشيد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ٺاهڻ وارو نيب ريفرنس *سکر: احتساب عدالت جو جج مقرر نه ٿيڻ ڪري ڪيس جي ٻڌڻي نه ٿي سگهي *سکر: احتساب عدالت جو جج مقرر نه ٿيڻ ڪري چوٿون ڀيرو ڪيس جي ٻڌڻي ملتوي *خورشيد شاهه گذريل ٻن مهينن کان نيب جي حراست ۾ آهي: خورشيد شاهه جو وڪيل *

راجسٿاني ٿر جو پاڻي تجربو ۽ ٿرپارڪر لاءِ گس

ڪجھه عرصي کان سوشل ميڊيا توڙي سنڌي ميڊيا ۾ ھڪڙو بحث پيو هلي جنھن ۾ دوست ٿرپارڪر جي پاڻي مسئلي ۽ ان جي حل لاءِ ويچار ونڊي رهيا آهن . ھڪڙي ٿري ھئڻ جي ناتي ۽ گڏوگڏ ڪجھه سالن تائين ٿر جي پاڻي تي ڪم ڪرڻ جو تجربو ھوندي ۽ وري حال ۾ جڏھن راجسٿان ۾ رھائش پذير آھيان، جتي راجسٿاني ٿر ۾ پاڻي جي صورتحال کي ڏسڻ ۽ ڪنھن حد تائين سمجھڻ جو موقعو مليو آھي تڏھن اھو ضروري سمجھان پيو ته انھي روشني ۾ پنھنجا ويچار دوستن سان ونڊيان. جيتوڻيڪ عام طور تي اھو سمجھيو ۽ چيو ويندو آھي ته ٿر ريگستان ۽ پاڻي جو مسئلو ھڪ ئي سڪي جا ٻه پاسا آھن. پر راجسٿان جي ٿر ۾ پاڻي جي حوالي سان تاريخي طور تي جيڪڏھن نظر ڪبي ته سمجھه ۾ ايندو ته انھي مسئلي اصل ۾ انگريز سرڪار اچڻ کانپوءِ راجسٿاني ٿر ۾ وڌيڪ شدت اختيار ڪئي ، جڏھن کان پاڻي جو انتظامي شعبو ٺاھي پاڻي مسئلي جي ڏيک ريک ۽ حل جا انتظام راڄ ڀاڳ کان کسي سرڪار پنھنجي ھٿ ۾ رکڻ شروع ڪيا. راجسٿاني ٿر سان جڙيل تاريخي حوالا ٻڌائن ٿا ته انگريز سرڪار جي ڄاڻايل فيصلي کان پھرين شديد ڏڪارن جو اڙانگو سفر طئي ڪرڻ باوجود راجسٿاني ٿر برساتي پاڻي گڏ ڪرڻ توڙي جر ريچارج ڪري جر جو پاڻي استعمال ڪرڻ سميت پاڻي جي سلسلي ۾ سدائين پاڻڀرو رھيو آھي. اڄ به راجسٿاني ٿر جي ڳوٺن ۾ لکين گيلن گنجائش جي مقامي ٽيڪنالاجي سان ٺاھيل انيڪ جٽادار نمونن جي برساتي پاڻي جمع ڪرڻ وارين رٿائن جي موجودگي انھي ڳالھه جوثبوت آھي ته تاريخي طور تي ٿر ۾ پاڻي جي مسئلي جو جٽادار حل برساتي پاڻي گڏ ڪرڻ ۽ جر ريچارج ڪرڻ ئي رھيو آھي. راجسٿان جو جيسلمير جيڪو ميڊئيول پيريڊ ۾ سلڪ روڊ لنگھه تي ھڪ اھڙي ڪاريڊرو طور مشھور رھيو آھي جتي اٺن جا ڪاروھان انيڪ وڻجارا وٺي ايندا ھئا ۽ ٿر جو ھي شھر بيشمار مھمانن جي سالياني پاڻي جون ضرورتون برساتي پاڻي گڏ ڪندڙ گڙيسر ڍنڍ ذريعي پوريون ڪندو ھو. ڪجھه اھڙا سال به گذرندا ھئا جڏھن برساتون نه پونديون هيون ان هوندي به اھو پاڻي ٻن سالن تائين به ھلندو ھو. گڙيسر ڍنڍ جي تھه ۾ کوڙ ساريون کوھن نما ويريون ٺھيل آھن جن ذريعي جر جو پاڻي ريچارج ٿيندو ھو جيڪو ڍنڍ جي پاڻي ختم ٿيڻ کانپوءِ جر مان ڪڍي استعمال ڪبو ھو. راجسٿاني ٿر ۾ ان طريقي جا انيڪ برساتي پاڻي گڏ ڪرڻ توڙي جر ريچارج ڪرڻ جا پراڻا ميگا منصوبا مثال خاطر اڄ به موجود آھن. برساتي پاڻي جون اھي رٿائون مقامي راجا جي رھبري ۽ پرجا جي شراڪت سان مثالي نموني ھلنديون ھيون. برساتي پاڻي گڏ ڪرڻ جي اھڙين ڪجھه ڳوٺاڻين تلائن وارين رٿائن جا آثار سنڌ جي ننگرپارڪر جي ڪجھه ڳوٺن ۾ پڻ ڏسڻ لاءِ ملي سگھن ٿا. راجسٿاني ٿر ۾ پاڻي جي مسئلي کي، تاريخي طور تي برساتي پاڻي گڏ ڪرڻ ۽ جر ريچارج ڪرڻ جي رٿائن ۽ ڪرت ذريعي ڪيئن حل ڪبو ھو انھي تي کوڙ سارا تحقيقي گرنٿ موجود آھن پر انھن سڀني مان تحقيقدان انوپم مشرا جا ٻه تحقيقي ڪتاب پڙھڻ وٽان آھن جنھن ۾ 1. (Radiant Raindrops of Rajasthan) ۽ 2. (Ponds Are Still Relevant) شامل آھن. انھي ڳالھه ۾ ڪو شڪ ڪونھي ته گذريل صدي دوران پاڻي جي جديد رٿائن ۽ ائپروچ ذريعي راجسٿاني ٿر ۾ پاڻي جي مسئلي لاءِ کوڙ نوان ۽ جديد گس گھڙيا ويا آھن جن ۾ ٽيوب ويل، موٽر پمپ، آر.او پلانٽس، نھر ذريعي پاڻي پھچائڻ وغيره جھڙا ڪارناما شامل آھن پر پاڻي سيڪٽر ۾ ڪم ڪندڙ ڌريون حال ۾ انھي ڳالھه تي متفق نظر اچن ٿيون ته انھن سڀني جديد طرز جي رٿائن ۽ ايئپروچز راجسٿاني ٿر ۾ پاڻي جي مسئلي کي عارضي حل ته ضرور ڏنو آھي پر ويجھي مستقبل ۾ جيڪڏھن برساتي پاڻي گڏ ڪرڻ ۽ جر ريچارج ڪرڻ واري روايتي ڪرت ۽ ڳوٺاڻي طرز جي رٿائن کي ھنگامي بنيادن تي بحال نه ڪيو ويو ته راجسٿاني ٿر ۾ پاڻي جو مسئلو ھڪ ڳنڀير شڪل اختيار ڪري سگھي ٿو. ڇو ته ھڪڙي پاسي جر جو پاڻي ڏينھون ڏينھن ھيٺ لھندو ٿو وڃي ته ٻئي پاسي جر جي پاڻي جي ڪوائلٽي پڻ تمام تيزي سان خراب ٿي رهيو آهي. حالانڪ جيڪڏھن ٿرپارڪر جي پاڻي مسئلي کي راجسٿان جي ٿر ۾ پاڻي مسئلي جي حل خاطر ور تل مڙني ڪاوشن جي روشني ۾ سمجھبو ته ھيٺين ڪجهه ڳالھين تي زور ڏيڻ جو گس ملي ٿو؛
1. ٿرپارڪر لاءِ گھربل پاڻي جي مستقل حل خاطر وڏي پئماني تي برساتي پاڻي گڏ ڪرڻ ۽ ريچارج جوڳن زير زمين پاڻي علائقن جي نشاندھي ڪري برساتن دوران جر ريچارج ڪرڻ جون ججھيون رٿائون جوڙائڻ جي ضرورت آھي ٻي صورت ۾ گهڻي مقدار ۾ پاڻي نڪرڻ سان ويجھي مستقبل ۾ جر جي ھيٺ لھڻ ۽ سڪڻ کي روڪي نه سگھبو.
2. ٿر ڪول جي جاگرافيائي بيھڪ ۽ زير زمين پاڻي جي وھڪرن جا رخ ڏسي انھي امڪان کي رد نٿو ڪري سگھي ته ٿر ڪول کوٽائي سان گهڻو نڪرندڙ ٿر جو پاڻي ٿرپارڪر جي وڏي علائقي ۾ زيرزمين پاڻي جي قيمتي ذخيرن کي وڏي حد تائين جوکو رسائيندو، جنھن سان جر جي پاڻي تي ڀاڙيندڙ ٿر جو ماحولياتي نظام متاثر ٿيندو. انھي ڪري سائنسي طريقن تحت متبادل جر ريچارج رٿائن تي ھنگامي بنيادن تي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آھي.
3. آر. اوز پاڻي جو ھڪ بھتر حل ٿي سگھي ٿو پر ٿرپارڪر ۾ لڳايل سڀ آر.اوز ڳوٺن جي سماجي ۽ معاشي حالتن پٽاندڙ ڊزائن ٿيل نه آھن انھي ڪري انھن کي ھلائڻ جي مستقل ذميواري يا ته صحيح نموني سرڪار کي کڻڻ گھرجي يا ننڍي مقدار جا آر.اوز لڳايا وڃن جيڪي ڳوٺاڻا پنھنجي مدد پاڻ ھلائڻ جي اھل ٿي سگھن.
4. نھر جو پاڻي ٿرپارڪر پھچائڻ به ھڪ عرصي لاءِ اضافي سھارو ته بڻجي سگھي ٿو پر مستقل حل نه. (راجسٿان واري ٿر ۾ به نھري پاڻي جي ڪيميڪل آلودگي ۽ مستقل سپلاءِ جي اڻاٺ جھڙا معاملا تيزي سان اڀرندي ڏسجن پيا(.
5. زير زمين پاڻي جي ٻاھر ڪڍڻ توڙي ڊسيلينيشن ٽيڪنالاجي جي مڙني رٿائن کي وڌ کان وڌ سولر ۽ ونڊ جھڙين توانائي جي متبادل ذريعن سان ڳنڍڻ گھرجي.
6. پاڻي جي مالڪي ۽ ڏيک ريک مقامي سطح تي منتقل ڪرڻ گھرجي

Bookmark the permalink.

2 Responses to راجسٿاني ٿر جو پاڻي تجربو ۽ ٿرپارڪر لاءِ گس

  1. رانجهن پرمار says:

    جنهن ڏينهن ٿر واسين جو پاڻي جو مسئلو حل ٿيندو ان ڏينهن آئون سمجھندس ته مون نئون جنم ورتو آهي. انهي پاڻي جو وري بيدرديءَ سان گوڙاڻو ڊيم ۾ ڇوڙ ڪري زيان ڪرڻ اندر ساڙيندڙ لڳي ٿو. انهي پاڻي کي ريسائيڪل ڪري استعمال ڪرڻ بدران حڪومت ۽ اينگرو ڪمپني اسان کي نئين ڏينهن نئون لولي پاپ ڏين ٿيون. اوهان بلڪل درست پيا چئو جهڙي ريت هي زير زمين مان پاڻي ڪڍين پيا اهو هڪ ڏينهن ختم به ٿيڻو آهي. پاڪستان ۽ سنڌ گورنمينٽ جو مفاد ڪوئلي سان آهي باقي ٿر واسين جي دردن سان ڪو سروڪار ڪونهي. 😭😭

  2. Sajan charo says:

    بھترين ڊرافٽ پيارا اشوڪ توھان ٻنھي طرفن جي زميني حقيقتن کي سامھون رکي ڳالھ واضع ڪعي آھي ھتي بابا ادان جي پي ۽ ڏاڏن طرفان نو تيري سر سان ٻڌل ھر کوھ کي ساليانو برساتن دوران ڪيٿراعي ڀيرا ريچارج ڪيو ويندو ھو سبب اھو ڄاڻاعيـدا ھعا ت سڄو سال ادان جر مان پاڻي ٻاھر ڪڍون ٿا ت برسات دپران وري واپس جي موٽاعي ب ڏيون ٻيو ت ان وقت آنادي ب گھٽ اڄ کان ڪعين ڀيرا گھٽ پاڻي جي ڪنزمپشن ھعي ھاڻي ت بابا ھڪ طرف ٿر ڪول وارا جر کي پنڪچر ڪيو ويٺا آھن ٻعي طرف سنڌ حڪومت جا آر او پلانٽ ۽ سنمرٽبل پمپ گڏوڏ سماجي تنظيمن پاران ھزارين ھينڊ پمپ ۽ سب مرسيبل پمپ سڀ رات ڏينھن پاڻي جر مان ٻاھر ڪڍن ٿا پر جر کي ريچارج ڪرڻ جو فڪر ڪنھن کي ب ناھي ھاڻي ت وري سون تي سھاڳو اھو جو خاص طور وٽ واري پاسي عام جام ڪڻڪ بصر ۽ ٻيون سبزيون پوکي بي انداز پاڻي جر مان ٻاھر ڪڍيو پيو وڃي پر واپس جر چارج ڪرڻ نو ڪـھن وٽ ب ڪو منصوبو ناھي پوء مستق ل سڀ چوندا ت ھٿ جي وڍي جو ويڄ ن طبيب ي

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *