تازا ترين
  • *حڪومت مخالف تحريڪ ۾ استعيفائن جو آپشن آخري هوندو، گرفتاريون معنيٰ نٿيون رکن: يوسف رضا گيلاني*
  • *نيب هٿان گرفتار شهباز شريف لاهور جي احتساب عدالت آڏو پيش*ليگي اڳواڻ ۽ وڏي تعداد ۾ ڪارڪن به عدالت پهچي ويا، پارٽي قيادت جي حمايت ۾ مظاهرو*
  • شهباز شريف جي گرفتاري بعد مخالف ڌر سرگرم: پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جو اجلاس اڄ ٿيندو

دوحا ميٽنگ ۽ افغانستان جو مستقبل

گذريل ھفتي کان عالمي ميڊيا ۾ افغانستان حڪومت ۽ فغان طالبان وچ ۾ ڳالهين جو نئون دور شروع ٿيڻ وارو آهي، جيڪو ڇنڇر ڏينهن قطر جي ڱادي واري شھر دوحا ۾ شروع ٿيو ڳالهين جي ھن دور ۾ حڪومتي وفد جي اڳواڻي معصوم ستانڪزئي ڪري رھيو آهي جڏھن ته طالبان وفد جي اڳواڻي مولوي عبدالحڪيم ڪري رھيو آهي ھن دفعي حڪومتي وفد ۾ ۴ عورتون پڻ شامل آهن جنهن ۾ فوزيا ڪوفي، فاطما گيلاني، حبيبا سرابي ۽ شريفا زرمتي شامل آهن، جيڪا ھڪ مثبت ڳالھه آهي ۽ دنيا ۾ ھن عمل کي ساراھيو وڃي ٿو! دوحا ۾ رٿيل ھي ڳالهيون مارچ ۾ ٿيئڻون هيون پر فيبروري ۾ آمريڪا ۽ طالبان ڊيل ۾ طئي ٿيل معاھدي ۾ قيدين جي آزادي واري معاھدي ۾ ٿيل بار بار دير سبب دير ٿي! ھن معاهدي ۾ اھو طئي ٿيو ھو ته طالبان هڪ هزار افغان فوجين کي آزاد ڪندا جڏهن ته حڪومت چيو هو ته 5 هزار طالبان قيدين کي آزاد ڪيو ويندو، ان کانپو۽ فرانس ۽ آسٽريليا انھن مان ڇهن طالبان قيدين کي آزاد ڪرڻ تي اعتراض ڪيو جيڪي انهن جي شهرين جي قتل ۾ ملوث هئا.جڏھن ته ھن وقت طالبان ۽ افغان حڪومتي ذريعن جي بقول انهن ڇهن قيدين کي قطر موڪلڻ کان پوءِ ھن امن ملاقات جو شيڊول ظاهر ڪيو ويو. ھن وقت اھي قيدي دوھا ۾ آهن ۽ اتي ئي قيد ۾ رهندا.افغانستان لاءِ آمريڪا جي خاص نمائندي زلمي خليل زاد چيو ته جيتوڻيڪ ھنن ڳالهين افغانستان ۾ ھلندڙ جنگ جي خاتمي جي اميدن کي وڌائي ڇڏيو آهي پوءِ به ڪيترائي چئلينج اڃا تائين برقرار آهن. ”اهو افغانستان ۾ امن جي لاءِ سفارتڪاري جو هڪ نئون مرحلو آهي.
ھن کان اڳ به دوھا ۾ افغانستان حڪومت ۽ طالبان وچ ۾ ڳالهين جا ڪيترائي دور ٿي چڪا آهن; مگر ھن ڳالهين مان جيڪا دنيا اميد رکي ٿي اھا حاصل نه ٿي سگھي آهي،ڳالھين جي شروعات ۽ پھرين ڏينهن ۾ عبدالله عبدالله، طالبان وفد تي زور ڀريو ته ”جنگ ذريعي ڪو فاتح“ ناهي ٿيندو ۽ جنگ ڪنهن مسئلي جو حل به نه آهي ;جڏهن ته طالبان پاران ڪنهن به جنگبندي جو ذڪر نه ڪيو ويو! مگر ڳالھين کي جاري رکڻ جو اعلان ڪيو ۽ چيو ته افغانستان کي اسلامي قانون تحت هئڻ گهرجي. آمريڪا ٻنهي ڌرين کي ھن امن لا۽ ڪوٺيل ملاقات تي پهچڻ جي حوصلا افزائي ڪندي چيو ته دنيا جو نظرون ھن ڳالهين تي آهن ۽ دنيا ھن ڳالهين کي ڪامياب ڏسڻ چاهي ٿي“. ياد رھي ته افغانستان چار ڏهاڪن کان خانه جنگي جي حالت ۾ آهي، جنهن ۾ هزارين شهري مارجي چڪا آهن.ھي تاريخي ڳالهيون ڇنڇر ١٢ سيٽيمبر تي شروع ڪيو ويو يعني نيو يارڪ ۾ 9/11 تي القاعده جي حملي جي 19 هين سالگره کان صرف ھڪ ڏينهن پوءِ جنهن کان پو۽ آمريڪا جي افغانستان ۾ فوجي ڪارروائي شروع ٿي ھئي، ھي جنگ افغانستان ۾ آمريڪي تاريخ جي سڀ کان ڊرگهي جنگ آهي جيڪا اڃان تائين جاري آھي، ھن وقت سوال اھو اڀري ٿو ته اهي ڳالهيون ڇو ضروري آهن؟طالبان ۽ افغان سرڪار جي نمائندن وچ ۾ هي پهرين سڌي طرع ڳالهه ٻولهه آهي. جڏهن ته ڪجھه عناصرن هن وقت تائين حڪومت سان ملڻ کان انڪار ڪري چڪا هئا ڇاڪاڻ ته انهن جي خيال ۾ افغان حڪومت جون واڳون آمريڪا جي ھٿ ۾ آهن ان لا۽ افغان حڪومت نه پر آمريڪا سان اھو سڀ ڪجهه ممڪن آهي.
افغان حڪومت جي ترجمان مطابق فيبروري کان اڃ تائين 12000 شهري مارجي چڪا آهن.تنهن ڪري ھاڻي مرڻ ۽ مارڻ جو سلسلو بند ٿيڻ گھرجي ۽ ٻئي ڌريون ھاڻي جنگ جي خلاف آهن ٻنهي پاسن جو چوڻ آهي ته صلح نامي جي طريقيڪار تي ٿيندڙ پهرين ڳالهين جي بنسبت ھن دفعي ڪافي اميد آهي پر ٻين ڪيترن ئي سوالن تي وڏا اختلاف اڃا به موجود آهن مثال فائر بندی جو وقت ، سياسي نظام جي شڪل ، ذاتي آزادين جو دائرو وغيره وغيره، مگر ھن وقت سڀ کان وڏو مسئلو اهو آهي ته هاڻ هڪ جنگ کي ڪيئن ختم ڪيو وڃي جنهن جي ڪري دنيا جو نظرون ھن دوھا امن ويھڪ تي کتل آهن . مگر اھو به ياد ھجڻ گھرجي ته ھن عالمي ڊيل جي ڪاميابي تي پچھڻ لا۽ ڪو سولو ڪم نه آهن مگر ھي سڀني ڌرين کي موقعو آھي جو ھو ھميشا جي لاءِ ھن اھم مسئلي جو پائيدارحل ڳولين،ڳالهين جي پھرين ڏينهن طالبان وفد جي اڳواڻن جو زور افغانستان کي اسلامي قانون موجب ھلائڻ تي ھو ۽ اميد ڪئي ته ڳالهين کي”صبر سان اڳتي وڌائجي“ ۽ ملڪ ۾ موجود سڀئي قبيلا ۽ قومون پنهنجو پاڻ کي ڪنهن به فرق کان سواءِ محسوس ڪن”ياد رھي ته 24 ڊسمبر 1979 تي سوويت يونين افغان دوستي واري معاهدي کي برقرار رکڻ جي بھاني طور تي افغانستان تي حملو ڪيو ھو ۽ آڌي رات جو سوويت فوج ڪابل ۾ وڏي پئماني تي فوجي اڏائي قائم ڪيا ، جنهن ۾ اندازاً 280 ٽرانسپورٽ جهاز ۽ فوجي جٿن ڪجهه ئي ڏينهن ۾ ڪابل تي قبضو ڪري ورتو 27 ڊسمبر تي ببرڪ ڪارمل ، مارڪسسٽ پيپلز ڊيموڪريٽڪ پارٽي آف افغانستان (پي ڊي پي اي) جي حامي گروهه جو جلاوطن اڳواڻ ، افغانستان جي نئين سر حڪومت جي طور تي اقتدار تي آندو ويو ۽ سوويت زميني فوج افغانستان کان اتر ۾ داخل ٿي وئي جنهن کان پوءِ افغانستان جنگ جو ميدان بڻجي ويو ان کان پو۽ 2001 ۾ نيويارڪ ۽ واشنگٽن ڊي سي تي اا سيٽيمبر تي حملن جو ذميوار القاعده کي ڪيو ويو ۽ افغانستان تي القائدا جي حمايت جو الزام لڳو; نتيجي ۾ امريڪا اتحادين سان گڏجي آفغانستان تي حملو ڪيو جنهن کان آمريڪا پنهنجي فوجي طاقت سان افغانستان ۾ رھي پيو ۽ ان کان پوءِ اڄ تائين افغانستان ۾ آمريڪي حمايت يافت حڪومت قائم آھي، ھن وقت نه رڳو آمريڪا ھن ڊگھي جنگ مان پنهنجي جان آجي ڪرائڻ چاھي ٿو پر اسلامي نظرياتي طالبان پڻ ھن جنگ جي خاتمي لا۽ پراميد آهن جنهن سان نه صرف افغانستان ۾ امن ٿيندو پر ھن سموري خطي ۾ امن ممڪن ٿي سگھندو ھن وقت افغانستان ۾ اڻ سڌي طرح آمريڪي حڪومت آهي جنهن جو گهڻو لاڙو ڀارت طرف آهي جنهن سان ڪجهه عناصر افغانستان جي زمين پاڪستان خلاف پڻ استعمال ڪري رھيا آھن’ جنهن جو خطي جي سلامتي تي ڪافي اثر ۽ پاڪستان جي امن لا۽ ڪيل ڪوششن ۾ رڪاوٽ اچي رھي آهي.
جيڪڏهن ھي دوھا ۾ ويھڪ ڪامياب ٿئي ته طالبانن کي افغانستان تي حڪومت ڪرڻ جو موقعو ملندو! جنهن سان نه صرف ھو پنهنجي طرز حڪومت قائم ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيندا پر آمريڪا کي افغانستان خالي پڻ ڪرڻو پوندو، طالبانن کي ملڪي ماملا ھلائڻ جو ڪو به تجربو نه ھجڻ ڪري ھو ملڪي سياست ۽ عالمي طور اڪيلائي جو شڪار ٿي سگھن ٿا،جنهن لا۽ اھو ممڪن آهي ته افغانستان ۾ ڪا گڏيل حڪومت اچي جنهن ۾ دفاعي ۽ خارجي وزارتون ڪنهن تجريبڪار ماڻهن حوالي ڪيو وڃن.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *