تازا ترين
  • خورشيد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، ٻڌڻي 5 آڪٽوبر تائين ملتوي*
  • آصف زرداري جي اپيلن تي فيصلو 23 سيپٽمبرتي ٻڌايو ويندو*نيب جيڪي الزام لڳايا، انهن سان واسطو ئي ناهي، آصف زرداري جي وڪيل دليل مڪمل ڪري ورتا *

”درد دل جا بَکيا اڊيڙي ويو!“

جارج آرويل جو ناول“ 4198” پڙهندي، ذهن ۾ اهو خيال پڻ رهيو ته 1949ع ۾ لکيل ناول جون موجوده حالتن سان ڪيتري نه هڪ جهڙائي آهي. دنيا جون حالتون ڪجهه ان ناول ۾ موجود منظرن جهڙيون ٿي رهيون آهن. اهو پڻ سوچيندو رهيس ته ان ناول تي هڪ مضمون لکي وٺجي. اڃان انهن سوچن ۾ گم هئس ته هڪ نامعلوم نمبر تان فون آئي. اسان جهڙن ماڻهن لاءِ نامعلوم فون ڪال اٽينڊ ڪرڻ به وڏو مسئلو رهيو آهي. خاص ڪري ان وقت جڏهن سامهون وارو همراهه تعارف ڪرائڻ بجاءِ ان ڳالهه تي زور ڏئي ته “مونکي سڃاڻ ته ڪير آهيان؟” نه سڃاڻڻ جي صورت “وڏا ماڻهو ٿي ويا آهيو، اسان غريبن کي ڪٿي ٿا سڃاڻو!” جهڙيون ميارون شروع ٿيو وڃن! ان ڪري نامعلوم فون ڪال منهنجي لاءِ مشڪل جي گهڙي ٿي ويندي آهي! اها فون ڪال پوري ٿي. ڄاڻي واڻي اٽينڊ نه ڪيم، پر دل الائي ڇو سٽ کاڌي، جارج آرويل سان ناول 1984 پڙهي ڪچهري ڇڏي، جواب ۾ ان نمبر تي فون ڪيم. اڳيان گهٻرايل آواز ۾ همراهه ڳالهايو، پنهنجو نالو کنيائين. ياد اچي ويو. هو منهنجو پراڻو دوست هو، جنهن سان آخري رابطو 10 سال اڳ ٿيو هو. حال احوال شروع ٿيا ته چوڻ لڳو “چار مهينا ٿي ويا آهن، گهر ۾ بيروزگار ويٺو آهيان، هاڻي ته ٻچڙن کي کارائڻ لاءِ اٽو به ناهي!” “کائڻ لاءِ اٽو ناهي۔۔۔۔” جا لفظ ٻڌي، ساهه منجهندي محسوس ٿيو. يادن ۾ ان دوست جا پنهنجي مٿان ٿيل بظاهر ننڍڙا، پر حقيقي طور وڏا احسان ياد اچي ويا. سفر، چاهي ڳوٺ جي لاريءَ جو هجي يا ڪراچيءَ جو هن ڪڏهن به مونکي ڪرايو ڀرڻ نه ڏنو. ڪڏهن جي هوٽل تي چانهه پيئڻ يا ماني کائڻ ويٺاسين ته بل ڀرڻ هن جو فرض ٿيو وڃي. هڪ ڀيري زبردستي پئسا ڏيڻ جي ڪوشش ڪيم ته ناراض ٿي ويو. اکين ۾ آب تري آيس چوڻ لڳو: مطلب تون مونکي ڀاءُ نه سمجهندو آهين؟ ان کانپوءِ مان ڪڏهن به ڪرايو يا بل نه ڀريو.وقت گذريو، اسان ٻئي ڳوٺ مان پکين جيان مختلف طرفن ڏانهن اڏامي هليا وياسين. ڪجهه سالن ۾ رابطن جا سلسلا به ڪٽجي ويا. اڄ سالن پڄاڻان اهو دوست فون تي ڳالهائي رهيو هو. هن جي لهجي ۾ اعتماد نه هو. ڀلا ڪيئن هجي، جنهن جي گهر ۾ کائڻ لاءِ ماني به نه هجي!
ناول ڪوروناوائرس جتي سڄي دنيا کي تمام گهڻو متاثر ڪيو آهي، اتي ڏهاڙي دار طبقو گهڻو پريشان رهي ٿو. خاص ڪري خوشين سان سلهاڙيل ڪافي ڪاروبار اڃان به ٺپ لڳا پيا آهن. نتيجي ۾ ان سان لاڳاپيل ماڻهن جي گهرن ۾ هاڻي تي ننڍڙين قيامتن جا منظر جنم وٺن پيا. ڀلا، اها قيامت ناهي ته سماج ۾ سفيد پوشيءَ جو ڀرم رکندڙ ماڻهن وٽ کائڻ لاءِ ماني ڳڀو به نه هجي. غربت ڪيڏي وڏي لعنت آهي، اسان تيسيائين ان جو اندازو نه ٿا لڳائي سگهون، جيسيتائين پاڻ انهن حالتن مان نه ٿا گذرون. “غربت جي لعنت” باري ۾ سوچيندي. پي ٽي ويءَ تان نشر ٿيل ناٽڪ رنگ ياد اچي ويو. جنهن ۾ هڪ آدرشي نوجوان، جيڪو تمام گهڻو پڙهيل آهي. ان کي راهه ويندي، پوليس ٿاڻي ۾ بند ڪري ڇڏي ٿي. جڏهن هن جو امير دوست ڇڏائڻ لاءِ ٿاڻي تي پهچي ٿو ۽ لاڪپ جي سيخن ۾ هٿ وجهي مسڪرائي اندر واڙيل پنهنجي ڪامريڊ دوست کي چئي ٿو. “ڏي احوال، هاڻي تنهنجا ڪتاب ڇا ٿا چون، تنهنجي مطالعي جو تت ڇا آهي؟” اندر واڙيل دوست هن کي ٿڌي ساهه ۽ ڪوسن ڳوڙهن سان وراڻي ٿو: “پيارا، منهنجي مطالعي جو خلاصو هي آهي ته غربت کان وڌيڪ ڪا به لعنت ناهي.”
فريڊرڪ ڊگلس ٺيڪ چيو هو، “جتي انصاف کان انڪار ڪيو وڃي، جتي غربت لاڳو ڪئي وڃي، جتي جهالت غالب هجي، جتي ڪنهن هڪ طبقي کي باور ڪرايو وڃي ته ظلم، ڦرلٽ ۽ حراس ان خلاف سماج جي سازش آهي، اتي پوءِ نه فرد محفوظ هوندا نه ئي ڪنهن جي ملڪيت.” اسان جي سماج جي اڻ برابري، پڪ سان انهيءَ رستي تي هلي پئي. هڪ پاسي ڪووڊ-19 ۽ لاڪ ڊائون ۾ ڪجهه مخصوص طبقن، فقط عام واهپي جي شين ۾ ٻيڻ ٽيڻ تي واڌارو ڪري اربين روپيا ڪمايا، حالانڪه، موجوده دؤر جي ڳاٽي ٽوڙ مهانگائيءَ جو معاشيات جي بنيادي اصول “گهرج ۽ فراهمي” سان ڪو به تعلق ناهي. ان جو مثال توهان ويجهڙائي ۾ پئٽرول جي مهانگي ٿيڻ جي شڪل ۾ ڏسي سگهو ٿا. بس ڪجهه مخصوص طبقا، پنهنجي کيسن کي ڀرڻ لاءِ اهو سڀ ڪجهه ڪرڻ لاءِ تيار آهن، جنهن سان انسانيت جو ڪنڌ جهڪي وڃي ٿو.
اها پڻ حقيقت آهي ته هن سماج ۾ هاڻي “تبره” پڻ بي اثر ٿي ويا آهن. ڪجهه ماڻهن کي لعنتن ملامتن جي پرواهه ئي نه رهي آهي. اهڙين سنگين حالتن ۾ ڀوڳڻو فقط سفيد پوش طبقي کي ئي آهي. جنهن ڪرب کي لفظن ۾ بيان نه ٿو ڪري سگهجي۔۔۔ ۽ نه ئي پنهنجي ان دوست جي غربت کي، جنهن سالن کان پوءِ فون ته ڪئي، پر هڪ دوست گهٽ مظلوم وڌيڪ ٿي. فون پوري ٿي، ان کي پاڻ وٽ اچڻ جو چيو، ٻئي ڏينهن تي هو آيو ته پهرين نظر ۾ سڃاڻي نه سگهيس. الائي ڇو هن کي ان حال ۾ ڏسي حوصلا جواب ڏئي ويا؟ ڪجهه ڳالهائڻ چاهيو، پر لفظ نڙيءَ ۾ ڪنڊن جيان ڦاسي پيا. اکيون سانوڻ ٿي وسڻ لڳيون. هاءِ ڙي غربت۔۔۔۔! مشڪل سان پاڻ کي سنڀاليو. هن کي اوطاق تي وٺي آيس. اسان جي وچ ۾ ڳوٺ جون ڳالهيون شروع ٿي ويون. ٻاروتڻ جا ڏينهن. سڀ شرارتون، چلولايون. هو اٽي ڏڪر جو بهترين کيڏاڙي هو. ڳالهيون ڪندي، ڪنڌ جي ساڄي پاسي ڌڪ جو نشان ڏيکاري چيومانس “ياد اٿئي؟” هن جي اٽيءَ هڻڻ جو نشان هو. “ها ياد آهي، پر ان ڏينهن کانپوءِ مان راندبند ڪري ڇڏي هئي!” مونکي به ياد اچي ويو، جنهن ڏينهن هن مونکي راند ۾ اٽيءَ جو ڌڪ هنيو ۽ مونکان رت نه پيو بيهي ته هو تمام گهڻو پريشان ٿي ويو هو ۽ ان ڏينهن کان راند تي نه آيو هو، پر اسان جي دوستي وڌيڪ مضبوط ٿي وئي. ڳوٺ جون ڳالهيون ڪندي مانيءَ جي صلاح ڪئي مانس ته ڪنڌ هيٺ ڪري نهڪر ڪيائين. سبب پڇيم ته چيائين “يار، بک لڳڻ ختم ٿي وئي آهي. گهرواريءَ ۽ ٻارن جي حالت کي ڏسان ٿو ته جيءُ جهري پوي ٿو!” “پوءِ به ماني ته کائبي، تيار آهي!” “ڪيئن ماني کاوان، پويان گهروارا ٻن ڏينهن جي فاقي تي آهن۔۔۔۔۔۔!” چئي سڏڪن ۾ پئجي ويو. اسان ٻنهي جي وچ ۾ خبر ناهي ڪيترو وقت خاموشي رهي. ذهن ۾ شبير هاليپوٽي جو شعر گونجندو رهيو.
درد دل جا بَکيا اڊيڙي ويو،
ضبط ڇا حوصلو رهيو ناهي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *