تازا ترين
  • *حيدرآباد: سلاوٽ پاڙي ۾ 11 هزار ڪي وي واري تار ڪري پئي، رهواسي خوف ۾ مبتلا*
  • *سکر ۾ پرسرار نموني گم ٿي ويل 2 ٻارڙا جنسار عرف جنار ۽ عدنان عرف دعنان هٿ، هڪ شڪي گرفتار*
  • *جيڪب آباد: مغوي زال ۽ نياڻي کي بازياب ڪرائڻ بدران پوليس اهلڪار طعنا ڏيندا آهن: جيڪب آباد ۾ پيرسن پوليس اهلڪار جو احتجاج * جيڪب آباد: حاجي سليم منهنجي زال ۽ ڌيءُ کي اغوا ڪيو آهي، پوليس بازياب نه ٿي ڪرائي: اڪرم لاشاري * جيڪب آباد: اغوا ڪيس ۾ هڪ جوابدار قالو کي گرفتار ڪيو ويو آهي، ٻين کي به جلد گرفتار ڪيو ويندو: پوليس *
  • *گهوٽڪي ميونسپل آفيس جو رڪارڊ چوري ڪرڻ وارو ڪيس: ضمانت رد ٿيڻ بعد ميونسپل ڪميٽي جو چيئرمين ۽ اڪائونٽنٽ کسڪي ويا * گهوٽڪي: ميونسپل آفيس جو رڪارڊ چوري ٿيڻ جو الزام آهي، اينٽي ڪرپشن عدالت سان رابطو ڪيو: عدالت * گهوٽڪي: سيد اصغر علي شاهه ۽ محبوب ڪولاچي تي ميونسپل آفيس جو سمورو رڪارڊ چوري ڪرڻ جو الزام آهي *
  • *ميرپور ساڪرو/ڌاٻيجي: نجي ڪمپني جي مبينا زيادتين خلاف ۽ مطالبن جي مڃتا لاءِ پورهيتن، مهاڻن ۽ ٻين جو ڪوسٽل هاءِ وي تي ڌرڻو * ميرپور ساڪرو/ڌاٻيجي: مقامي مهاڻن کي چيڪنگ بعد ڇڏيو ويندو آهي، جنهن لاءِ سندن قيمتي وقت ضايع ٿئي ٿئي: مظاهرين * ميرپور ساڪرو/ڌاٻيجي: سڪيورٽي گارڊز جا جائز مسئلا حل ڪري ڪمپني ۾ مقامي ماڻهن کي ڀرتي ڪيو وڃي: مطالبو *
  • *جيڪب آباد:”بنگلي آڏو ڪار ڇو بيهاري اٿئي“ جيڪب آباد ۾ پ پ سان واڳيل ضلعي ڪائونسل جي ميمبر جو هندو نوجوان نڪيش ڪمار تي تشدد، رتورت * جيڪب آباد: سردار زاده قادر خان کوسي تشدد ڪيو ۽ سندس محافظ ڪار جي شيشا ٽوڙيا: متاثر شخص نڪيش ڪمار * جيڪب آباد: واقعي جو ڪيس ٻن مک جوابدارن ۽ 8 اڻسڃاتل ماڻهن خلاف داخل، گرفتاري عمل ۾ نه آئي *
  • ڀلي سڀئي ڪرپٽ ليڊرز گڏجي وڃن،چورن کي نه ڇڏيندس ، 4سال سڪون سان گذارڻ لاءِمشرف جيان اين آر او نه ڏيندس:وزيراعظم جي اپوزيشن تي تنقيد*بلاول لبرلي ڪرپٽ آهي، سندس نظرئي سان آئينسٽائين جو روح تڙپيو هوندو،نواز شريف لاءِ گارنٽي گهري ته شهباز شريف ڊراما شروع ڪيا *اسلام آباد۾فضل الرحمان جي سرڪس مان ڪمزوردل واراوزيرگهٻرائجي ويا،مون سمجهايو ته ڪجهه نه ٿيندو:موٽروي جي افتتاحي تقريب کي خطاب *
  • فنڪاره ثمينه سنڌو جي قاتل کي 2 ڀيرا عمر قيد جي سزا*دهشتگردي ٽوڙ عدالت 2018ع ۾ شادي تقريب دوران قتل ٿيل فنڪاره جي ڪيس جو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو*
  • پاڪستان شاهين ون ميزائل جو ڪامياب تجربو ڪري ورتو*شاهين ون ميزائل 650 ڪلوميٽرز تائين هٿيار کڻي وڃڻ جي صلاحيت رکي ٿو: ڊي جي آءِ ايس پي آر*
  • جسقم چيئرمين سوڌواڍائي هزارڪارڪنن خلاف بغاوت جوڪيس*پيغامِ سنڌ مارچ ڪندڙن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو،دهشتگردي لاءِڀڙڪائڻ۽رياستي ادارن خلاف نعريبازي جاالزام *
  • پنهنجا کيسا ڀرڻ لاءِ مل کي تباهه ڪيو ويو: سُپريم ڪورٽ اسٽيل ملز جي زمين وڪرو ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو: وفاقي سرڪار جو موقف رد*اسٽيل ملز جي ملازمن کي پرويڊنٽ فنڊز ڏيڻ لاءِ پئسا ناهن، پگهارون ڏيڻ لاءِ ملز جي زمين وڪرو ڪري رهيا آهيون: وفاقي سرڪار جو وڪيل*ملز جي زمين عوامي ملڪيت آهي، وڪرو نٿي ڪري سگهجي، اڳي گاڏيون، ٽرڪ ۽ راڪيٽ ٺهندا هئا، هاڻي ملز ۾ پيداوار ٻُڙي آهي: عدالت*
  • اوڪاڙه ڀرسان درياهه ۾ ٻيڙي اونڌي، 8 لاش ڪڍيا ويا*ملڪو شيخو ويجهو واقعو پيش آيو، ٻيڙي ۾ 25 کان مٿي ماڻهو سوار هئا، وزيراعليٰ پنجاب طرفان رپورٽ طلب*
  • پي آءِ اي جا ٽشو پيپرز حجام جي دڪانن تي استعمال ٿيڻ لڳا*

دراوڙن جي درد جو اتهاس ۽ اڄوڪي سياست!

بورجوا ليکڪ چوندو آهي ته پورهيت ڏوهاري ۽ گنهگار آهن. لڏپلاڻ ڪن ٿا، خانه بدوش ٿين ٿا، ۽ ڪو گهر ۽ ٺڪاڻو ڪونهي. اهڙو پرمتڙيو ليکڪ دراصل، سامراجيت، وڏيرا شاهي، رجعت پسندي ۽ سرمايه داري جو حامي هوندو آهي. اهو دراصل لڏپلاڻ، خانه بدوشي جي سببن تي پردو رکندو آهي. هو انهن ڪردارن جي وڪالت ڪندو آهي جيڪي انهن ماڻهن جي دربدري جو سبب بڻيا آهن. پورهيت دوست ليکڪ لکندا آهن ته غلامي، بربريت ۽ خانه بدوشي جا سبب ڪهڙا آهن؟ پورهيتن جي ڏک جا سبب ڪهڙا آهن؟ هو لڏين ۽ دربدر ڇو ٿا ٿين؟ انهي سڄي عمل پويان ڪهڙي سياست آهي؟ سرشٽي جي پوري اتهاس ۾ پورهيت طبقو ڳيجهو نه رهيو آهي، پر اهي سرمايه دار ۽ وڏيرا آهن جيڪي جهالت، غلامي ۽ بيٺڪيت جو سبب بڻيا آهن. انهن هر ڌارئي ۽ حملي آور جي حضور ۾ غلامي جا طبل وڄايا آهن. انهن سر، خان بهادر، خان صاحب، جا لقب ماڻي زمينون وٺي، رعيت جي غلامي لاءِ مورچه بندي ڪئي آهي. انهن هر دور جي “ڏاڍي” جي حڪمن جي بجا آوري ڪري، پنهنجي مسند جو اسپيس پئي ٺاهيو آهي. تاريخ هاڻي مزدورن، عورتن، ۽ غريب لوڪن جي نقطهءِ نظر سان لکي پئي وڃي. اهو دور گذري ويو جڏهن رڳو بادشاهن، راڻين ۽ وزيرن جي تاريخ لکبي هئي. هاڻ محلاتن بجاءِ چونئرن ۽ جهوپڙين جي درد ۽ پيڙاءُ جي ذڪر کانسوءِ اتهاس جو ڪينواس اڌورو آهي. 
زمان حال ۾ سياسي، سماجي ۽ معاشي حالتون تبديل ٿيون آهن. اقليت ۾ اڪثريت دراوڙن جي آھي، جيڪي ظلم ۽ ڏاڍ جي گھاڻي ۾ پيڙهيا وڃن ٿا. گذريل ستر سالن جي بورجوا اقتداري تاريخ ۾ پورھيت دراوڙن کي جنڊ جي ٻن پڙن جي وچ ۾ چٿيو ويو آھي. اڪثر اقتدار پسند پارٽين ۽ فردن دراوڙ غريب لوڪ جي حق تلفي ڪئي آھي. هن وقت فيوڊل سياست بدترين رجحان اختيار ڪري وئي آهي. ڪي رجحان ۽ لاڙا اھڙا ھوندا آھي، جيڪي سياسي نظرياتي طور اڪثر فردن کي فيڪ ھيروازم جا قائل ڪري ويندا آھن. مدي خارج قبائلي ذهنيت رکندڙ، راشي ۽ رجعت پسند فرد عوام تي حڪمراني ڪن، ان کان وڌ ان سماج جو ٻيو ڪهڙو الميو ٿي سگهي ٿو؟ ھن قسم جي اقتدار دوست سياست جو لازمي نتيجو ھي نڪرڻو آھي ته غريب زندھ رھڻ جي ڏوھ ۾ ڀوڳيندو رھي. عام لوڪ جو خيال آھي ته: نياڻيون اغوا نه ٿين. لوئي ۽ لڄ محفوظ ھجي. ڪوڙا ڪيس داخل ڪري ڳوٺ کان زبردستي لڏايو نه وڃي. ٻنين ۽ گئوچرن تي قبضا نه ڪيا وڃن. کوھ تان پاڻي ڀرڻ کان نه روڪيو وڃي. سندس لنگھ ۽ رستا نه روڪيا وڃن. پلاٽن، ٻنين ۽ دڪانن تي قبضا نه ڪيا وڃن. چوري ۽ ڏاڍ زوري بند ڪئي وڃي. ھر شڪل جو ظلم ۽ استحصال بند ڪيو وڃي. چورن کي چوڪيدار مقرر ڪرڻ لاءِ پنج سالن ۾ ھڪ ڏينهن مختص ڪيل آھي. عوام کي هڪ آپشن ئي مليل آهي ته هو پنهنجي پاڻ لاءِ اهڙا نمائندا چونڊي جيڪي انهن جا نمائندا هجن ئي نه! عوام سدائين سرمايه دارن کي عزت ڏني آهي، جلسن ۾ ٻارڻ ٿيو آهي، ڪاڙهن ۽ گرمين ۾ سڙي انهن جو ساٿ ڏيندو رهيو آهي، پر انهن شاطر کلاڙين هميشه عوام جي سادگيءَ جو ناجائز فائدو ورتو آهي. اهڙي سياسي ۽ سماجي نظام سبب ماڻهو وڪرو ڪيا وڃن ٿا، غلام بڻايا وڃن ٿا، استعمال ڪيا وڃن ٿا، انهن کي عصمت جو ٻليدان ڏيڻو پوي ٿو. ماڻهن کي يرغمال ڪري پورهيو ڪرايو وڃي ٿو، انهن جي نياڻين کي اغوا ڪيو وڃي ٿو. ڌرم تبديل ڪرڻ سان ڪو فرق نه پوندو آهي. ڌرم بدلاءُ کانپوءَ به ڪڏهن ڪڏهن پنندي ۽ جسم فروشي ڪندي ماڻهو ڏٺا ويندا آهن. ايئن تشدد به ٿئي ٿو ته ڌڪار ۽ تعصب جي رويي سان نيچ ۽ حقير به تصور ڪيو وڃي ٿو. ماڻهو مارڪيٽ جو وکر بڻايا وڃن ٿا، نا انصافي جي صليب تي چاڙهيا وڃن ٿا, سندن حق غضب ڪيا وڃن ٿا: استحصال جون مختلف شڪليون ڄڻيندڙ ھي سياسي – معاشي نظام آھي. ھي مختلف طريقن سان ماڻهو مارين ٿا. بک ۾، بيمارين ۾، غربت ۾، روڊ حادثن ۾، پاڻي ۽ کاڌي جي معيار ۾، صحت ۽ تعليم جي اڻھوند ۾: مقصد ماڻھو مرن. مفاد پرست، موقعي پرست ۽ ڪرپٽ پارٽي پاليسي تي سهمت ٿيندڙ فردن کي مخصوص ڪري سينيٽ، صوبائي ۽ قومي اسيمبلين ڏانهن موڪليو وڃي ٿو. سياسي پارٽيون اڪثر ٽڪيٽ وڪڻن ٿيون يا وزير مشير “پارٽي پٽيل” کي ڪرپشن مان حصو پتي ڏين ٿا. پارٽي مقبوليت لاءِ ڪنهن ھڪ وينگس کي مخصوص سيٽ ڏني وڃي ٿي ته جيئن اقليت يا مظلوم پرتن جو ووٽ حاصل ڪجي ۽ پارٽي جو وڃايل اميج به بحال ڪجي ۽ ميڊيا ذريعي اھو تاثر ڏجي ته “پارٽي منشور” ۾ پيڙھيل طبقن جو وڏو “خيال” رکيو وڃي ٿو. اصل ۾ عام خلق سان ھي وڏو فراڊ آھي. ان سڄي عمل پويان منافعي بخش ڪاروباري شاطر ذھنيت کي سمجهڻ ضروري آھي. اقتدار پرست سياست جو بنيادي مقصد سرمايو گڏ ڪرڻ آھي. حڪمران طبقي وٽ جمهوريت جو مطلب اقتدار ۾ اچڻ ۽ ذاتي ملڪيت ۾ اضافو ڪرڻ آهي.
وانڪواڻي، اُڪراڻي، ايسراڻي، گوڪلاڻي، ملاڻي، گنگواڻي، پلياڻي، ڪوھستاني، پنشي، لاسي، مالهي، چاولا، راڻا، ولاسائي: ايم پي اي ۽ ايم اين اي ٿيا. انهن جي سينيٽر ۽ اسيمبلي ميمبر ٿيڻ تي غلامي پسند پرمتڙيا ٻھڪي پيا. پر حقيقت ان جي ابتڙ آھي. مٿين سيٺين کي جن پارٽين کنيو آھي، انھن جي سياست سبب سوين دراوڙ خودڪشيون ڪري چڪا آھن. ھڪ ٻه عورتن ۽ مردن کي سينيٽ يا قومي/ صوبائي مخصوص سيٽ تي کڻي دراصل انھن پنهنجي ڪرپٽ پاليسين ۽ عوام دشمن عمل تي پردو وجھڻ جي ڪوشش ڪئي آھي. عاج جا مارواڙي چوڙا، ٻانڌڻو، گاگهرا، ست رنگا ڦينٽا، چوڌرين جون واسڪوٽيون هن دور جو درٻاري ڪلچر ٿي پيو آهي. اهڙي نمائش ذريعي ڪرپٽ فرد ۽ لبرل پارٽيون پنهنجو اميج برقرار رکندي پورهيت طبقي جو استحصال ڪن ٿا. منڊي جو سوداگر روپ تبديل ڪندو رهي ٿو. هو پورهيت جي هڏڙن تي تاج محل اڏڻ جا خواب اُڻيندو آهي. پاپولر پوليٽڪس ھن دور جو وڏو ڪرمنل ڌنڌو آھي. ان قسم جي سياست ۾ پيزا ۽ برگر ڏيکاري وات مان ماني جو گرھ کسيو وڃي ٿو! ھڪ جي بک تي ٻيو عياشي ڪري ٿو. هن سماجي ۽ معاشي بيهڪ ۾ پورهيت تي جيڪو ظلم ٿئي ٿو ان ۾ سرمايه دار جو سڌي يا اڻ سڌي طرح هٿ آهي. غريب مزور سان جيڪا زيادتي ٿئي ٿي، ان جي سرپرستي ڪير ٿو ڪري؟ ان باوجود به اڄ ڪير ڪٿي بيٺو آهي، اهو ڄاڻڻ ضروري آهي. ڇو ته سڀاڻي جيڪا به زيادتي ٿي ان ۾ سرمايه دارن جا هي ڇاڙتا به ڌر هوندا. انهن جو اڄوڪو ڪردار سڀاڻي جي حالتن جو ذميوار هوندو. پورھيتن کي ڊڪٽيٽ ڪري، ونگار وھندڙ پٽيل بڻيل ڪردار ئي اصل ۾ ان طبقي سان ٿيندڙ ڏاڍ ۾ برابر جا ڏوھاري آھن. ماڻهو مري ويندا آهن: نه صرف امر ڪردار پر ڪانئر به صدين تائين تاريخ جي پني تي زندھ رهندا آهن. اها عوامي تاريخ لکجي پئي. ماڻهو ڀلي لکن ۾ وڪرو ٿئي، پر ان جي اهميت ٽڪي جي هوندي آهي. [email protected]

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *