تازا ترين
  • *ڌرڻن دوران اڌ رات جو پيغام مليو ته استعيفيٰ ڏيو نه ته مارشلا لڳي سگهي ٿو، مون چيو استعيفيٰ نه ڏيندس، جيڪو ڪرڻو اٿو ڪيو: نواز شريف*سليڪٽيڊ وزيراعظم کي آڻيندڙ اصل ذميوار آهن، اليڪشن ۾ ڌانڌلي کي لکئي جو ليک سمجهي ماٺ ڪري نٿا ويهي سگهون*اڄ پارليامينٽ کي چونڊيل نمائندن بدران ڪو ٻيو هلائي رهيو آهي: نواز شريف جو لنڊن مان پارٽي جي سي اي سي کي وڊيو خطاب*
  • *نواز شريف هڪ ڀيرو ٻيهر گرفتاري وارنٽس وصول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو*
  • *اسان نواز شريف کي پورو موقعو ڏنو، جوابدار سڄي نظام کي شڪست ڏئي پرڏيهه هليو ويو: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ*هاڻي جوابدار ٻاهر ويهي کلندو هوندو ته ڪيئن سموري نظام کي دوکو ڏنو، هي انتهائي شرمناڪ رويو آهي*

دادو کي برسات ٻوڙيو يا بدانتظامي ؟

دادو ۾ اڱاري ڏينهن صبح کان شروع ٿيل برسات اربع جي ڏينهن صبح تائين جاري رهي جنهن دادو کي ٻوڙي ڇڏيو آهي، نه رڳو شهر جا روڊ رستا برسات جي پاڻي سان ٻڏل آهن پر سول اسپتال ، آبپاشي کاتي سپرنٽنڊنٽ انجنيئر ، ايگزيڪيوٽو انجنيئر ، ايس ڊي او آفيس ۾ برسات جو پاڻي ڏيڍ فوٽ کان ٻه فوٽ تائين بيهي ويو آهي ان سان گڏ پبلڪ هيلٿ انجنيئر آفيس سميت  ڪيتريون ئي سرڪاري عمارتون پاڻي هيٺ اچي ويون آهن سورج آباد ، ملاح چوڪ ، غريب آباد ، ورڪشاپ ، شمس آباد ، مڇي مارڪيٽ ، شاهاڻي پاڙو ، بٺ پاڙو ، مزدورآباد ، ڪاليج روڊ ، اسٽيشن روڊ ، شاهي بازار ، ايس پي چوڪ سميت شهر جي اڪثر پاڙن ۽ ڪالونين جي روڊن رستن تي پڻ ڏيڍ فوٽ کان ٻه فوٽ تائين پاڻي بيهڻ سبب هيٺاهين وارن پاڙن ۾ برسات ۽ گٽرن توڙي نالن جو پاڻي سوين ماڻهن جي گهرن ۾ ڪاهي پيو.
موسميات کاتي پاران ٻه ڏينهن اڳ برسات سبب دادو ضلعي ۾ ٻوڏ بابت دادو انتظاميا کي آگاھه ڪيو هو جنهن جي باوجود دادو انتظاميا توڙي ميونسپل انتظاميا پاران گٽرن توڙي نالن جي صفائي نه ڪرائڻ سبب برسات جي وسڪاري کانپوءِ گٽر ۽ ناليون پڻ اٿلي برسات جي پاڻي سان گڏ روڊن رستن تي وهڻ لڳيون پر دادو انتظاميا توڙي ميونسپل پاران پاڻي نيڪال لاءِ جوڳا اپاءِ نه وٺڻ توڙي ڊسپوزل نه هلائڻ سبب شهر جي مٿي ذڪر ڪيل پاڙن ، ڪالونين جي روڊن رستن تي پاڻي بيٺل آهي جيڪو شهرين لاء عذاب بڻجي ويو آهي. ساڳئي وقت کير ٿر جي جابلو پٽي تي زوردار وسڪاري کان پوءِ نئين گاج ، نئين نلي ، نئين سول ۽ ٻيون نيون وهي اچڻ ڪري ٻيهر نئين گاج پهريان 10 فوٽ وهي آئي جنهن کانپوءِ ان وهڪري ۾ 20 فوٽن تائين واڌ اچي وئي جيڪو وهڪرو 18 ڏينهن جي وقفي کانپوءِ ڪاڇي جي سوين ڳوٺن کي ٻوڙيندو ايف پي بند سان ٽڪرائجي ويو آهي ۽ ايف پي بند تي ان جو دٻاءُ وڌي وڃڻ کانپوءِ هاءِ الرٽ ڪندي پاڪ آرمي کي طلب ڪري امدادي ڪمن توڙي ڳوٺن ۾ ڦاٿل ماڻهن کي ريسڪيو ڪرڻ لاءِ مقرر ڪيو ويو آهي. 18 ڏينهن اڳ 8 آگسٽ تي نئين گاج جيڪا ڪاڇي ۾ تباهي مچائي هئي اڃان انهي مان ماڻهن جان آجي نه ڪرائي هئي ته مٿان ٻيهر نئين گاج وهي اچڻ سبب ويتر ڪاڇي جي سوين ڳوٺن جي هزارين ماڻهن جا اهنج ٻيڻا ٿي ويا آهن جيڪي ٻيهر بي يارو مدد گار بڻجي تڪليفن ۽ مصيبتن کي منهن ڏيڻ تي مجبور ٿي ويا آهن.
ساڳئي وقت ڪاڇي جو وڏي آبادي رکندڙ واهي پانڌي شهر پڻ پاڻي جي گهيري ۾ اچي ويو آهي نئين گاج جي وهي اچڻ کانپوءِ واهي پانڌي توڙي حاجي خان وارا بحال ڪرايل روڊ ٻيهر نئين گاج جي وهڪري هيٺ اچي ويا آهن جنهن سبب ڪاڇي جي ڪنڊو ٻٻر ، حاجي خان ، واهي پانڌي ، ڇني ، ٽنڊو رحيم خان ، گاجي شاھه سميت سوين ننڍن وڏن شهرن توڙي ڳوٺن جو دادو توڙي جوهي سان رابطو ڪٽجي ويو آهي.
اهڙي طرح دادو ، جوهي جي بئراجي علائقن جي سوين ننڍن وڏن شهرن توڙي ڳوٺن ۾ وري برسات تباهي مچائي ڇڏي آهي جن ننڍ آبادگارن کي پنهنجون زمينون آباد ڪرڻ لاءِ بااثر منڍ جي آبادگارن توڙي آبپاشي عملدارن پاران زرعي پاڻي نه پئي ڏنو ويو برسات کانپوءِ انهن ئي بااثر آبادگارن پنهنجا واٽر بند ڪرائي شاخن جو سمورو پاڻي پڇڙي طرف ڇڏي ڏنو آهي جنهن ڪري دادو ۽ جوهي جي ننڍن آبادگارن توڙي کاتيدارن جا سوين ايڪڙن تي بيٺل وونڻئن جو فصل ٻڏي ويو آهي ۽ برسات جي پاڻي سان گڏ زرعي پاڻي پڻ ڳوٺن کي گهيري ۾ آڻي ڇڏيو آهي جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته برسات سان گڏ دادو کي بد انتظامي واري روش ٻوڙي ڇڏيو آهي .

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *