تازا ترين
  • پ پ تاريخي اي پي سي ڪوٺرائي، نواز شريف واضع۽ تفصيلي تقرير ڪئي: پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري*گلگت بلتستان معاملي تي ڳالهائڻ لاءِ رابطو ڪيو ويو، ملڪ ۾ جمهوري آزادي چاهيون ٿا:بلاول *
  • *اسلام آباد: جعلي بئنڪ اڪائونٽس اسڪينڊل ۾ سنڌ روشن پروگرام ڪيس جي جاچ وارو معاملو *نيب راولپنڊي فرنٽ مين اياز صديقي کي ڪراچي مان گرفتار ڪري ورتو: ذريعا *اياز صديقي جعلي اڪائونٽ ۾ ڪروڙين رپيا جمع ڪرايا: نيب ذريعا*
  • *ڄام نواز علي: ڇتو ڪتو مارڻ جي ڪوشش دوران نوجوان مارجي ويو *ڳوٺ ديوان گلاب راءِ ۾ ڳوٺاڻي ڇتي ڪتي کي مارڻ لاءِ فائر ڪيو ته گولي نوجوان مادو ڪولهي کي لڳي: پوليس *پوليس واقعي واري هنڌ پهچي نوجوان جو لاش تحويل ۾ وٺي جاچ شروع ڪري ڇڏي*
  • *گهارو شهر ۾ واپاريءَ کان ڦر ڪندڙ جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف شٽربند هڙتال *2ڏينھن اڳ واپاري گڊو کان 9لک رپيا ڦر ڪرڻ بعد جوابدارن گوليون هڻي زخمي ڪيو هو *واقعي کي 48 ڪلاڪ گذرڻ باوجود پوليس جوابدار گرفتار نه ڪري سگهي آهي: احتجاج ڪندڙ واپاري*
  • *اسلام آباد: العزيزيه ۽ ايون فيلڊ ريفرنسز ۾ سزا خلاف نواز شريف جي اپيل تي ٻڌڻي *مريم نواز ۽ ڪيپٽن (ر) صفدر احتساب عدالت ۾ پهچي ويا *عدالت نواز شريف کي بري ڪرڻ واري فيصلي خلاف نيب جي اپيل تي به ٻڌڻي ڪندي *ن ليگ جي نائب صدر مريم نواز جي پيشيءَ جي موقعي تي عدالت ٻاهران سڪيورٽي جا سخت انتظام *
  • *ڀان سيدآباد: قومپرست اڳواڻ مولا بخش لغاري بيماري وگهي لاڏاڻو ڪري ويو *مولابخش لغاري جي جنازي نماز اڄ سخي سيد سليمان شاهه عيدگاهه تي ادا ڪئي ويندي*
  • *پنوعاقل پوليس جي نجي ٽارچر سيل ۾ مبينا طور تي فيصل آباد واسي وڪيل ميان اعجاز آرائين جي قتل وارو معاملو *ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو عرفان بلوچ پوليس اهلڪارن ۽ ڪجهه خانگي ماڻھن کي وڪيل جي قتل ۾ ملوث قرار ڏئي ڇڏيو *ڊي آءِ جي لاڙڪاڻي پاران ايڊيشنل آءِ جي سکر ڏانھن انڪوائري رپورٽ موڪلي ڇڏي *وڪيل ميان اعجاز آرائين کي ڊي ايس پي مسعود مهر جي حڪم تي گرفتار ڪيو ويو: انڪوائري رپورٽ *وڪيل پوليس جي غيرقانوني حراست ۾ فوت ٿيو ۽ لاش پنجاب ۾اڇلايو ويو : انڪوائري رپورٽ *انڪوائري رپورٽ ۾ اي ايس آءِ غلام مصطفيٰ ميراڻي، ڪانسٽيبلز درگاهه ڏنو، نصير ۽ سرمد يعقوب بيگناھه قرار*
  • *سنجهورو ۾ شهرين پاران بجلي جو سڙيل ٽرانسفارمر تبديل نه ٿيڻ خلاف ڌرڻو، ٽريفڪ معطل *ڌرڻي سبب ڪيترن ئي ڪلاڪن کان شهدادپور، سانگهڙ ۽ سنجهورو روڊ تي ٽريفڪ معطل، مسافر پريشان *4مهينن کان بجلي جو ٽرانسفارمر خراب آھي، ڪيترائي ڀيرا دانهڻ باوجود تدارڪ نه ٿيو: مظاهرين*
  • *ڪراچي: سنڌ سرڪار جي 6کاتن ۾ 3 سيڪريٽريز مقرر ٿيل *اهم کاتا من پسند سيڪريٽرين کي اضافي چارج طور حوالي ڪيا ويا *تعليم، لائيو اسٽاڪ ۽ فاريسٽ کاتو مستقل سيڪريٽري کان محروم *زراعت جي سيڪريٽري رحيم سومروکي فاريسٽ جي سيڪريٽري جي اضافي چارج مليل *ثقافت کاتي سيڪريٽري اڪبر لغاري وٽ لائيو اسٽاڪ کاتي جي سيڪريٽري جي اضافي ذميواري *سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ جي چيئرمين احمد بخش ناريجو کي سيڪريٽري تعليم جي اضافي چارج مليل *20هين گريڊ جا ڪامورا بحران باوجود سائيڊ پوسٽن تي ويهاريل*

خراب حڪمراني جي سزا ڀوڳيندڙ سنڌ

ان سچ کان ته ڪو به ساڃاهه وند، سڄاڻ، باشعور ۽ حقيقت پسند ماڻهو انڪار نٿو ڪري سگھي ته سنڌ سان وفاق جو ٻٽو معيارآهي. پاڻي، ناڻي، نوڪرين سميت سمورن حقن تي ڌاڙن ۽ وسيلن جي ڦرلٽ سان گڏ ٻيون به کوڙ ساريون بيواجبيون ۽ ناانصافيون گھڻيون آهن. جيڪي اڄڪلھه جون ناهن پر پاڪستان ٺهڻ جي پهرين ڏينهن کان وٺي بنا ڪنهن روڪ ٽوڪ جي ڏينهن ڏٺي جو وڏي دليريءَ سان جاري آهن.
حڪومتون چونڊيل هجن يا اڻ چونڊيل، جمهوري هجن يا غيرجمهوري ۽ آمريتي هجن، پر، سڀني جو مکيه ۽ اهم مقصد هڪڙو ئي رهيو آهي ته ڪهڙي به طرح پنجاب جي مفادن جو خيال رکڻو آهي. ملڪ جي پهرين وزيراعظم لياقت علي خان، ذوالفقار علي ڀٽو، بينظير ڀٽو، ميان نواز شريف ۽ عمران خان تائين چونڊجي آيل حڪمران هجن يا جنرل ايوب، جنرل يحيٰ،جنرل ضياءَ ۽ جنرل مشرف تائين سمورا آمر ڊڪٽيٽر، سڀني جي ڪوشش اها رهي آهي ته ڪيئن به ڪري هر حال ۾ پنجاب کي راضي ۽ خوش رکڻو آهي باقي ملڪ ۾ شامل ٻين قومي وحدتن سان سندن حاڪماڻي ۽ ظالماڻي انداز حڪمراني کي ختم ڪري سڀني کي برابري جي بنياد تي گڏ وٺي هلڻ جي ڪوشش نه ڪبي! هتان جي مقتدر قوتن جي ان هٺ ڌرمي، غرور ۽ تعصباڻي سوچ جي ڪري ڊسمبر 1971ع ۾ بنگلاديش الڳ ملڪ جي حيثيت سان دنيا جي نقشي تي ظاهر ٿيو. پر ساڳيون قوتون تاريخ جي هيڏي وڏي بيرحم فيصلي مان سبق سکي پنهنجون جارحاڻيون ۽ غاصباڻيون پاليسيون درست ۽ عوام دوست بنائڻ بجاءِ اڃان به ان ساڳي انڌ جي گھوڙي تي سوار آهن. اهي ته ٿيون وفاق جون ناجائزيون، پر اسان جي اڄوڪي هن مضمون جو موضوع سنڌ سرڪار جي ڪارڪردگيءَ جو مختصر جائزو وٺڻ آهي.
بينظير ڀٽو جي شهادت کانپوءِ 2008ع جي اليڪشن جي نتيجي ۾ آصف علي زرداري جي قيادت ۾ پيپلزپارٽي کي وفاق توڙي سنڌ ۾ اقتدار مليو. وفاق ۾ ته سندن حڪومت مشڪل سان پنج سال پورا ڪيا، پر سنڌ ۾ پيپلزپارٽيءَ جي حڪمراني کي لڳاتار خيرن سان تيرهن ورهيه گذري چڪا آهن. ڇا حڪمراني جي تيرهن ورهين واري ان طويل عرصي ۾ پيپلزپارٽي سنڌي ماڻهن جي زخمن جو مرهم بڻجي سگھي آهي؟ ڇا پيپلزپارٽي سنڌ مان بک، بدحالي، بيروزگاري، بدامني، اقرباپروري، ڪرپشن ۽ ڪميشن ڪلچر جي خاتمي لاءِ ڪا ڪوشش ورتي آهي؟ ڇا تعليم توڙي صحت جي ڪرندڙ معيار ۽ ناڪاره انتظامن جو نوٽيس وٺي انهن جي حل لاءِ ڪڏهن ڪي سنجيده ۽ عملي اپاءَ ورتا آهن؟ يا ڪوس گھر بڻيل سرڪاري اسپتالن ۽ وڏيرن جي اوطاقن ۽ مال جي وٿاڻن ۾ تبديل ٿيل سرڪاري اسڪولن جي بحالي ۽ بهتري لاءِ ڪڏهن ڪا تڪليف ڪئي آهي؟ ڇا روينيو توڙي ايريگيشن جي سسٽم کي ٺيڪ ڪرڻ جي ڪنهن زحمت ڪئي آ؟ ڇا پوليس جي قهري ڪاررواين کان عام ماڻهن کي بچائڻ لاءِ ڪڏهن ڪا قانون سازي ڪرڻ لاءِ سوچيو ويو آهي؟ اهي مٿيان سمورا کاتا ۽ وزارتون تيرهن ورهين کان پيپلزپارٽي جي سنڌ حڪومت ۽ سندن وزيرن جي حوالي آهن، جن ۾ وفاق جي ڪنهن به قسم جي مداخلت ۽ روڪ ڪونهي. پر سچ اهو آهي ته مٿين سمورن کاتن سميت سنڌ حڪومت جو ڪو هڪڙو به کاتو يا ڪو ادارو اهڙو ڪونهي جتي حڪومتي وزيرن، مشيرن، خصوصي صلاحڪارن، چونڊيل نمائندن ۽ مقامي ڀوتارن جي بيجا مداخلت ۽ سندن ڪميشن مقرر ٿيل نه هجي. ڪرپشن ۽ ڪميشن جي ڪلچر سبب ڪو به بيوروڪريٽ ۽ ادارو پنهنجو صحيح ڪم ڪو نه پيو ڪري، جنهن ڪري سڀ کان وڌيڪ بي پهچ ۽ عام ماڻهو انتهائي مشڪلاتن ۽ ڏکيائن کي منهن ڏئي رهيا آهن. جھڙي طرح سنڌ حڪومت جي کاتن ۽ ادارن ۾ جيڪا تباهي، بربادي، ڪرپشن، اقرباپروري ۽ لاقانونيت آهي شايد ٻئي ڪنهن صوبي ۾ اهڙو ناحق هجي. اٽي، لٽي، اجھي، پورهيت عوام، جمهوريت، شهيدن ۽ سنڌ جي نالي تي اقتدار ماڻيندڙ پيپلزپارٽي پنهنجن تيرهن ورهين جي سموري حڪومتي عرصي دوران سنڌ جي پاڻي۽ ناڻي سميت سمورن قومي اجتماعي حقن، وسيلن ۽ مفادن جي نگهباني ۽ قومي وحدت جي تحفظ ڪرڻ ۾ مڪمل طور تي ناڪام وئي آهي. اهو ئي سبب آهي ته ڪڏهن سنڌ جي ورهاست جا نعرا پيا لڳن ته ڪڏهن وري برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ کي بنياد بڻائي ڪراچي کي وفاق حوالي ڪرڻ جا مطالبا ٿي رهيا آهن.
گھڻو پري ڇو وڃجي، رڳو سنڌ ۾ تازي برساتن جو ئي مثال وٺو ته ڪجھه ڪلاڪن جي برسات حڪومت جي سموري ڪارڪردگي ۽ دعوائن کي لوڙهي ڇڏيو آهي. ڪراچي جي روڊن ۽ ڪچين آبادين جي گھرن اندر پاڻي ڪاهي پيو آهي. جوهي ۽ سنڌ جي ٻين ڪيترن ئي علائقن ۾ ٻوڏ واري صورتحال آهي. ماڻهن جا گھر، مال، اناج ۽ پئسي ڏوڪڙ سميت فصل لڙهي تباھه ٿي ويا آهن. مسڪين ۽ بي پهچ ماڻهو بي يار مددگار بڻيا کليل آسمان هيٺان ننڌڻڪائي ۽ بيوسي واري حالت ۾ حڪومتي امداد جي آسري تي ويٺا آهن. پر، فوٽو سيشن کان علاوه، سندن حقيقي پرگھور ۽ سار لهڻ وارو ڪو به حڪومتي نمائندو نظر ڪو نه ٿو اچي. هوڏانهن بلوچستان کان ايندڙ پاڻي سنڌ بلوچستان جي بارڊر واري علائقي قبوسعيدخان ڀرسان ايف پي بند سان ٽڪرائجي چڪو آهي، جتي صورتحال وڌيڪ ڳنڀير ٿيڻ جو پڻ انديشو ڏيکاريو پيو وڃي. پر انتظاميا اتي به ڏيکاءُ ۽ فوٽو سيشن کان علاوه اڃان تائين ڪي به جوڳا اپاءَ وٺڻ ۾ سنجيده نظر ڪو نه پئي اچي. شايد، انتظاميا جي اها حڪمت عملي هجي ته صورتحال اڃان ڪجھه وڌيڪ خراب ٿئي ته ان آڙ ۾ ڪجھه وڌيڪ ڪمائي سگھجي. حڪومتي بي ڌياني، نااهليت ۽ خراب حڪمراني جي انتها اها آهي ته هڪڙي پاسي ٻوڏ واري صورتحال ته ٻئي پاسي وري ماڻهو پاڻي جي کوٽ خلاف احتجاج ڪري رهيا آهن.
ان ۾ ڪو به شڪ ڪونهي ته صوبن سان (خاص ڪري سنڌ سان) وفاق جو زيادتيون پنهنجي جاءِ تي ضرور آهن ۽ تمام گھڻيون آهن، جن مان ڪجھه جو پهريان ئي مٿي ذڪر ٿي چڪو آهي پر جيڪي ذميواريون سنڌ حڪومت جون آهن يا جيڪي سڌا سنوان صوبائي کاتا آهن، جن ۾ وفاق جي ڪا به مداخلت ڪونهي، اتي سنڌ حڪومت جي ڪارڪردگي ڇو خراب آهي يا اتي سنڌي ماڻهن سان بيواجبيون، ناانصافيون ۽ زيادتيون ڇو آهن؟ انهن ۾ سڌارو ڇو ڪو نه ٿو اچي. ان لاءِ لازمي طور تي سنڌ حڪومت ۽ پيپلزپارٽي ذميوار آهي ۽ سنڌ جي عوام کي اهو پورو پورو حق پهچي ٿو ته هو سنڌ حڪومت کان پڇاڻو ڪن. ڇو ته اها ڳالھه صاف ۽ چٽي ٿي چڪي آهي ته سنڌ جي سمورن سورن ۽ اهنجن جي ذميوار پيپلزپارٽي ۽ سنڌ حڪومت آهي. جيڪا سمورن حڪومتي اختيارن ۽ لاتعداد وسيلن جي باوجود به تيرهن ورهين جي هن طويل حڪومتي دور ۾ سنڌي ماڻهن جي معيار زندگي ۾ ڪا مثبت تبديلي ۽ خوشي ناهي آڻي سگھي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *