تازا ترين
  • *اڳوڻو آسٽريلين بيٽسمين ڊين جونز دل جو دورو پوڻ ڪري لاڏاڻو ڪري ويو *ڊين جونز 59 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو *ڊين جونز پي ايس ايل ۾ اسلام آباد يونائٽيڊ جو ڪوچ رهيو هو*
  • *بدين ۾ پگهارون نه ملڻ خلاف ميونسپل عملي پاران ڪم ڇڏ هڙتال ڪري آفيس آڏو معصوم ٻارڙن سميت احتجاج *نااهل ۽ ڪرپٽ سي ايم او کي هٽائي فوري طور تي پگهارون جاري ڪيون وڃن: احتجاج ڪندڙ ملازم *
  • *بدين: ڪڍڻ رورل ھيلٿ سينٽر جو ايم ايس ڊاڪٽر شجاعت خواجا ڪورونا وائرس جو شڪار *ايم ايس ڊاڪٽر شجاعت خواجا جي ٽيسٽ پازيٽو اچڻ بعد رورل هيلٿ سينٽر سيل ڪيو ويو *
  • *ڀٽ شاھه: شاھ لطيف فائونڊيشن پاران عالمي مشائخ ڪانفرنس ملتوي ڪرڻ جو اعلان *درگاھ ڀٽائي جي سجاده نشين پاران ميلي جون غيرسرڪاري تقريبون ملتوي ڪرڻ جو اعلان *ڪورونا سبب سنڌ حڪومت جي فيصلي جو احترام ڪريون ٿا: سجاده نشين *رڳو عرس جون رسمون ايس او پيز تحت ادا ڪيون وينديون*
  • *ڪراچي ۾ سنڌي نوجوان جي قتل خلاف جروار ۾ احتجاجي ريلي، ڌرڻو *مختلف سياسي سماجي تنظيمن جي ڪارڪنن ۽ شهرين ريلي ڪڍي مين چوڪ تي ڌرڻو هنيو، نعريبازي *ڪراچي ۾ ڌرتي ڌڻين کي بيگناهه قتل ڪرڻ جو سلسلو جاري آهي: مظاهرين *عبدالحميد گبول جي قتل ۾ ملوث ٻين جوابدارن کي به گرفتار ڪري عبرتناڪ سزا ڏني وڃي: مظاهرين*
  • *سيوهڻ ويجهو ڪارنهن جي مبينا الزام هيٺ سهري هٿان ناري قتل، جوابدار ٿاڻي تي پيش *ڳوٺ بچل چنا ۾ جوابدار گلشير چنا پنهنجي ننهن 25 ورھين جي فائزا چنا کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو *جوابدار قتل ڪرڻ بعد پسٽل سميت گرفتاري ڏيئي ڇڏي، غيرت ۾ اچي قتل ڪيو: گلشير چنا جو اعتراف *پوليس پاران مقتولا ناري جو لاش ضروري ڪارروائي لاءِ سيوھڻ اسپتال پھچايو ويو*
  • رائونتي جي ڪچي ۾ پوليس جي مبينا مقابلي ۾ زخمي ٿيل ڏوهاري اسپتال ۾ دم ڏئي ڇڏيو *رات دير سان بچاءَ بند وٽ مقابلي دوران ڏوهاري محمد نواز سيال کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو هو: پوليس *زخمي ڏوهاري کي سکر اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي فوت ٿي ويو:پوليس *جوابدار محمد نواز سيال تي سنگين قسم جا ڪيس داخل آهن: پوليس*
  • *دادو ويجهو ٻن موٽرسائيڪلن ۾ آمهون سامهون ٽڪر، يعقوب پٽ ڦوٽو فوت ٿي ويو *
  • *ڪشمور: عدالت پاران3ڄڻن کي بلاجواز گرفتار ڪرڻ تي ٽن اهلڪارن تي ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم *ڪشمور جي عدالت ٽن ڄڻن کي بلاجواز گرفتار ڪرڻ بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي *ڪشمور: عدالت سي سيڪشن ٿاڻي جي ايس ايڇ اوسميت ٽن اهلڪارن تي ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو *
  • *اسلام آباد: احتساب عدالت ۾ آصف زرداري، نواز شريف ۽ يوسف رضا گيلاني خلاف توشه خانه ريفرنس تي ٻڌڻي *اڳوڻو وزيراعظم يوسف رضا گيلاني احتساب عدالت ۾ پيش *عدالت ٻڌڻي پهرين آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي *
  • *ڪنري ويجهو واپاري کان ڦر دوران هڪ ڦورو سوگهو، مارڪٽ *ڳوٺ شاھ بيگ چانڊيو وٽان ڦورو واپاري کان موٽرسائيڪل ڦر ڪري فرار ٿي رهيا هئا ته ڳوٺاڻا پهچي ويا * ڳوٺاڻن هڪ ڦورو کي پڪڙي مارڪٽ ڪرڻ بعد سندس هٿ پير ٻڌي ويهاري ڇڏيو، پوليس نه پهتي
  • *نوري آباد ويجهو مزدا ۽ ٽرالر ۾ ٽڪر، هڪ ڄڻو فوت *موٽر وي تي حادثي ۾ مزدا ڊرائيور پنجاب واسي محمد اسلم راجپوت فوت ٿي ويو *
  • *ڪنري ويجهو واپاري کان ڦر دوران هڪ ڦورو سوگهو، مارڪٽ *ڳوٺ شاھ بيگ چانڊيو وٽان ڦورو واپاري کان موٽرسائيڪل ڦر ڪري فرار ٿي رهيا هئا ته ڳوٺاڻا پهچي ويا *ڳوٺاڻن هڪ ڦورو کي پڪڙي مارڪٽ ڪرڻ بعد سندس هٿ پير ٻڌي ويهاري ڇڏيو، پوليس نه پهتي*
  • *نواب ولي محمد ڀرسان ملواهه شاخ وٽ نوجوان جو لاش هٿ، سڃاڻپ نه ٿي*لاش جي نِڪ ۽ وات مان رت وهي رهيو هو، لڳي ٿو هڪ ڏينهن پُراڻو آهي: پوليس *
  • *مورو: داد بئراج ۾ ٻڏي ويل ملير واسي محمد فاروق جٽ جو لاش هٿ *ٻڏي ويل ڊرائيور مزدا کي ڌوئي رهيو هو ته پير ترڪڻ سبب داد بئراج ۾ ڪري پيو*

خان صاحب جي الوداعي ٺمري

خان صاحب قومي اسيمبلي جي فلور تي راڳ الوداع جي ٺمري ۾ پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي چيو آهي ته”کيس مافيا هن جي حڪومت کي هلڻ ڪونه ٿيون ڏين، هو مائينس ون جي لاءِ زور ڀري رهيا آهن.” ڪجهه ڏينهن پهرين هن پنهنجي وزيرن کي ڪئبينيٽ ميٽنگ ۾ چيو ته ”اوهان وٽ باقي ڇهه مهينا آهن پنهنجي ڪاردگي بهتر ڪيو.” اسيمبلي فلور تي پنهنجي گهر ڀيڙو ٿيڻ جو کليو اظهار ڪرڻ ۽ ڪئبينيٽ ميٽنگ ۾ ڇهن مهينن جو الٽيميٽم ڏيڻ مان واضع اشارو ملي ٿو ته شايد خانصاحب جي سرڪار جا ڏينهن پڄاڻي طرف وڌي رهيا آهن، پر سمجهه ۾ اهو نه ٿو اچي ته ماضي ۾ پ پ سرڪار ۽ نواز ليگ سرڪار جي حڪومتن ڊهڻ پٺيان يا اسيمبلين جي برخواست ٿيڻ پٺيان ته جيڪي هٿ رهيا آهن انهي جي لاءِ هو عوام وٽ اها دانهن کڻي ويندا رهيا آهن ته کين اسٽيبلشمينٽ هلڻ ڪونه ٿي ڏئي جڏهن ته سندن سرڪار کي يا انهن اسيمبلين کي برخواست ڪندڙ صاحبان انهن جي حڪومتن جي ڊهڻ يا اسيمبلين جي ٽٽڻ پويان جواز وري اهو ڏيندا آهن ته انهن جي دور حڪومت ۾ بي انتها ڪرپشن ٿي. هي خانصاحب ته دعويٰ ئي اها ٿو ڪري ته هو ڪرپشن جو خاتمو ڪرڻ ٿو چاهي ته هن جي سرڪار جي پٺيان ڪهڙي طاقتور ڌر آهي جيڪا هن جي حڪومت کي ڪي الٽيميٽم ڏئي رهي آهي يا مائينس ون لاءِ راه هموار ڪري رهي آهي؟ سندس چواڻي ته ڪي مافيائون آهن جيڪي هن جي سرڪار جي آڏو رڪاوٽ آهن.
ڳاله ڪجهه سمجهه ۾ ڪونه ٿي اچي! هڪ ته اهي مافيائون ڪهڙيون آهن جيڪي سندس ايماندار سرڪار کي هلڻ ڪونه ٿيون ڏين، انهي سرڪار کي جنهن جي دعويٰ آهي ته هو چورن لٽيرن کي هٿڪڙيون هڻي ملڪ مان بي ايماني جو خاتمو آڻيندا! جي هن جي مافيائن مان مراد مخالف ڌر آهي ته پوءِ انتهائي حيرت جهڙي ڳالهه آهي ته جي مخالف ڌر ايتري ئي مضبوط آهي جو هن جي سرڪار جي لاءِ مشڪلاتون پئدا ڪري سگهي ٿي ته پوءِ اهي سينيٽ چيئرمين جي اليڪشن ۾ ناڪام ڇو رهيا، اهي سندس سرڪار جي هي بجيٽ اسيمبلي مان رد ڪرائي ڇو نه سگهيا؟ انهي مان ته لڳي ٿو ته سندس مخالف ڌر ايتري مضبوط ڪونهي جو هن کي مائينس ون جي فارمولي لاءِ زور بار وجهي گهر ڀيڙو ڪري سگهي !مخالف ڌر جي طاقت کي ته سندس ئي سرڪار جو سگهارو وزير ۽ پارلياماني سياست جو ڊگهو تجربو رکندڙ شاهه محمود قريشي ڪالهه ايوان ۾ گجگوڙ ڪندي اهو چئي چڪو آهي ته ”خانصاحب استعيفا ڇو ڏئي جي توهان استعيفا وٺڻ جي طاقت رکو ٿا ته روڊن تي اچو.“مطلب اها به هنن کي پڪ آهي ته مخالف ڌر روڊن تي به نڪرڻ جي سگه هنه ٿي رکي جو انهن جي فرمائش تي يا روڊن تي اچي خانصاحب کي مائينس ڪرائڻ لاءِ ڪو ماحول تيار ڪري سگهن ته پوءِ آخر اها ڪهڙي طاقت آهي جيڪا مافيا آهي؟
ٻئي ڳالهه جيڪا غور طلب آهي سا اها آهي ته شگر مافيا، اٽي مافيا ۽ تيل مافيا جو جيڪو سندس سرڪار ۾ ظهور ٿيو آهي جي اهي سندس ئي پارٽي جا ڪي جهانگيري، بابري ۽ خسرو جناب ايترا سگهارا آهن جو خانصاحب جي مائينس واري فارمولي لاءِ ڪا رٿا ڪري رهيا هجن ته انهي جو امڪان ڪيترو ٿي سگهي ٿو اها ته کيس ئي خبر هوندي، پر انهن جي خلاف ته خانصاحب ڪو قدم ئي ڪونه کنيو آهي نه ڪٿي ڪو ذڪر ڪيو آهي جو اهي سندس خلاف ڪا کڏ کوٽي رهيا هجن!. ڪالهه اسيمبلي فلور تي جتي تقرير ۾ اهو اظهار ڪيائين ته ”زرداري ۽ شريف شگر ملز ڇو ٿا لڳائين ڇاڪاڻ جو انهن کي ڪارو ناڻو اڇو ڪرڻو آهي” اتي هن جهانگير ترين، چوڌري برادران ۽ ملتاني مخدوم خاندان جو ته نالو ئي ڪونه ورتو ته پوءِ اهو ڪيئن سمجهجي ته اهي مافيائون آهن جن جي خلاف هن ڪو وڏو قدم کڻڻ جو فيصلو ڪيو هجي جنهن جي نتيجي ۾ هن جي مائينس ڪرڻ لاءِ اهي سرگرم ٿي ويا هجن.
ڳالهه ڪنهن به مافيا يا چور جي سگهاري هجڻ جي ڪونهي معاملو اصل ۾ اهو آهي ته خانصاحب جيڪي تمام وڏا خواب ڏيکاري حڪومت وٺڻ ۾ ڪامياب ٿيو هيو اهي سڀ خواب ته ساڀيان ٿيندي نظر ڪونه ٿا اچن، پر ملڪ جو رهيو سهيو به حال ابتر ٿيندو پيو وڃي. هن وعدا ڪيا ته اربين روپيا سوئيز بئنڪن مان چورن جا کڻي اچي ملڪ جي خزاني ۾ وجهندو هڪ رپيو به ڪونه موٽيو، هن چيو لکين نوڪريون ڏنيون وينديون، پر سندس سرڪار لکين بيروزگار پيدا ڪيا، هن چيو غريبن جي لاءِ لکين سستا گهر ٺهرائيندو هن وقت تائين ڪو هڪ به گهر ڪونه ٺهيو آهي .هن جي دعويٰ هئي ته مهانگائي ختم ٿيندي، اها ڏهوڻي ٿي وئي، مطلب هن جيڪي به خواب پاڻ ڏٺا اهي سليڪٽرز جي آڏو رکيا سندس چونڊ ته ٿي وئي، پر اهي خواب ڀيانڪ ٿيندا رهيا ۽ ملڪ جي معيشت زمين دوز ٿيندي رهي.
ماضي جي حڪومتن کي ته ڪرپشن جا چارجز هڻي گهر ڀيڙو ڪيو ويو، پر هن جي جيڪڏهن سرڪار وڃي به يا کيس ئي رڳو مسند تان هٽايو وڃي ته انهي لاءِ جواز يا چارج شيٽ هن جي خلاف ڪهڙي هوندي جيڪا کيس هٽائيندڙ پيش ڪندا؟ منهنجو خيال اهو آهي ته سندس ڪارڪردگي جي آڌار ئي هن جي چارج شيٽ تيار ٿي چڪي آهي جنهن جي خانصاحب کي ڪا ڀڻڪ پئجي وئي آهي يا کيس گهرائي ڏيکاري وئي آهي. هاڻ عوام جي آڏو ڪا ته هو به پنهنجي ڀرم رکڻ لاءِ ڳالهه ٺاهيندو ته کيس ڇو هٽايو ويو.”مجهي ڪيون نڪالا“ جو نئون ورزن هوندو ”مافيائون ني مارا“ ۽ انهي نئين سيريز جا ڪجه ٽيلر ڪالهه قومي اسيمبلي ۾ پيش ٿي چڪا آهن. وري جيڪڏهن غور ڪري ڏسجي ته خانصاحب جي سرڪار مان جيڪي ڌريون نا اميد ٿيون آهن انهن وٽ ٻيو آپشن ڪهڙو هوندو، ڇا هو جن کي ڪرپشن جي الزامن هيٺ گهر ڀيڙو ڪري چڪا آهن وري انهن ڏانهن هٿ وڌائيندا؟ موجوده وقت ۾ هڪ وڏو مونجهارو سليڪٽرز جي لاءِ اهو به آهي جنهن جو اظهار ڪجهه ڏينهن پهرين فواد چوڌري ڪري چڪو آهي ته ”ٻيو ڪو آپشن ڪونهي“ جنهن ڪري خانصاحب کي وقت ملندو ٿو وڃي. انهي مان مطلب اهو ٿيو ته يقينن سليڪٽرز ٻين آپشنز تي به غور فڪر ڪرڻ شروع ڪيو هوندو ۽ لڳي ٿو اهو آپشن اهڙو هوندو جيڪو خانصاحب جي چارج شيٽ جي پس منظر ۾ هوندو. جيڪڏهن ڪارڪردگي ئي سندس گهر وڃڻ جو سبب بڻجندي ته پوءِ ڪي اهڙا تيز ۽ تندرست کلاڙي ميدان ۾ ايندا جن جي لاءِ سليڪٽرز دعويٰ ڪري سگهندا ته اهي ملڪ جي قسمت تبديل ڪري سگهندا. اهڙن کلاڙين ۾ چونڊ ڪنهنجي ٿي ٿئي سو ته وقت ٻڌائيندو، پر مونکي لڳي ٿو ته جي خانصاحب کي مائينس ون واري فارمولي لاءِ مجبور ڪيو ويو ته هو پوري راند ڦٽوڙي ڪري اسيمبلين کي ئي ٽوڙڻ جو رستو اختيار ڪري سگهي ٿو. ڇاڪاڻ ته هن جي پارٽي جو سمورو مرڪز سندس قيادت تي بيٺل آهي ۽ هو پنهنجي ذات ۾ هڪ پارٽي آهي ته پوءِ اهڙي صورتحال ۾، جيڪڏهن هن کان سواءِ يا سندس پارٽي کان سواءِ، ڪنهن آپشن تي غور ڪري عمل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته هو به انتها جو ڪو اهڙو قدم کڻي سگهي ٿو جيڪو هن جي مزاج سان ٺهڪندڙ هجي. خانصاحب جي آخري راڳ جي راڳڻي گهٽ ۾ گهٽ ميان جي ملهار سان ملندڙ جلندڙ ته ڪونه هوندي ڪا مختلف ئي هوندي، هاڻي ڏسجي ته اها دلسوز آهي يا دلگير.

Bookmark the permalink.

One Response to خان صاحب جي الوداعي ٺمري

  1. Mohammed tarik Kanasero says:

    Sir khan would hardly dissolve the national assembly as to power corridors would have managed against this move if he do wish. Many cases are pending against ik and pti one of them is pti funding case and through this line he could be dismissed on technical basis as earlier done with gillani and mian sb.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *