تازا ترين
  • *ڌرڻن دوران اڌ رات جو پيغام مليو ته استعيفيٰ ڏيو نه ته مارشلا لڳي سگهي ٿو، مون چيو استعيفيٰ نه ڏيندس، جيڪو ڪرڻو اٿو ڪيو: نواز شريف*سليڪٽيڊ وزيراعظم کي آڻيندڙ اصل ذميوار آهن، اليڪشن ۾ ڌانڌلي کي لکئي جو ليک سمجهي ماٺ ڪري نٿا ويهي سگهون*اڄ پارليامينٽ کي چونڊيل نمائندن بدران ڪو ٻيو هلائي رهيو آهي: نواز شريف جو لنڊن مان پارٽي جي سي اي سي کي وڊيو خطاب*
  • *نواز شريف هڪ ڀيرو ٻيهر گرفتاري وارنٽس وصول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو*
  • *اسان نواز شريف کي پورو موقعو ڏنو، جوابدار سڄي نظام کي شڪست ڏئي پرڏيهه هليو ويو: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ*هاڻي جوابدار ٻاهر ويهي کلندو هوندو ته ڪيئن سموري نظام کي دوکو ڏنو، هي انتهائي شرمناڪ رويو آهي*

خانڳڙهه کان شڪارپور پهتل سرداري پڳ جا اثر

گهڻن ڏينهن کان اليڪٽرانڪ، پرنٽ ميڊيا توڙي سوشل ميڊيا تي خان ڳڙهه جي مهر سردارن ۾ اختلافن جون خبرون بحث جو موضوع بڻيل آهن ڇوته خانڳڙهه جي ٻن سئوٽ سردارن ۾ 2018ع واري چونڊن ۾ پيدا ٿيل ڇڪتاڻ ان وقت اڃان به شدت اختيار ڪري وئي جڏهن اڳوڻي سنڌ جي وزيراعليٰ علي محمد خان مهر جي وفات کانپوءِ خالي ٿيل سيٽ تي پ پ محمد بخش خان مهر کي ٽڪيٽ ڏني ان جي مقابلي ۾ ظاهري طور ته علي گوهر مهر پنهنجي ڀاءُ علي محمد مهر جي پٽ احمد علي مهر کي ميدان ۾ لاٿو هو پر اصل ۾ ننڍي چونڊ جو وڏو مقابلو علي گوهر خان ۽ محمد بخش خان وچ ۾ ٿيو جنهن ۾ محمد بخش خان مهر وڏي اڪثريت سان چونڊجي قومي اسيمبليءَ جو ميمبر بڻيو هو. ان وقت چاچي جي ساٿ ۾ پنهنجي مامي سان اليڪشن وڙهندڙ نوجوان احمد علي خان مهر جيڪو هاڻي سرداري پڳ واري معاملي تي پنهنجي مامي جي کلي حمايت ڪري رهيو آهي سندس چوڻ آهي ته منهنجو والد صاحب علي محمد خان زندهه هو ته ان جو به سردار محمد بخش خان هو ۽ اسان جو به سردار محمد بخش ئي آهي. اختلافن جي اٽڪل اڍائي سال پراڻي دکندڙ دونهين ان وقت وڏي ڀڀڙ ۾ تبديل ٿي آهي جڏهن محمد بخش مهر جي ڀيڻ ۽ درگاهه ڀرچونڊي شريف جي گادي نشين پير ميان عبدالخالق جي فرزند پير عبدالمالڪ عرف ميان مجن جي ٿيل نڪاح ۽ سادگيءَ سان ٿيل شاديءَ جون خبرون ميڊيا جون زينت بڻيون. ٻنهي خاندانن ۾ سٺو تعلق رهيو آهي جيڪو هاڻي رشتيداري ۾ تبديل ٿيو آهي پر سردار غلام محمد خان مهر ۽ علي انور خان مهر جي پٽن ٻن سڳن سئوٽن وچ هلندڙ سياسي ڇڪتاڻ “سرداري پڳ” تائين وڃي پهتي آهي. ٻه ڏينهن اڳ علي گوهر خان مهر پاران چيف سرداريءَ واري پڳ ٻڌڻ کانپوءِ جتي ڪجهه ماڻهن جو خيال آهي ته ٻن سڳن سئوٽن ۾ مهر برادري جي سرداريءَ واري پڳ جو تڪرار پنهنجي پڄاڻيءَ کي پهچي چڪو آهي اتي ٻنهي سردارن کي ويجهو رهندڙ جهونن جو خيال آهي ته تڪرار شروع ئي هاڻي ٿيو آهي جيڪو جلد خانڳڙهه کان ٻاهر نڪري مختلف ضلعن ۾ رهندڙ مهر قبيلي جي ٻين ماڻهن ۾ پڻ ظاهر ٿيڻ شروع ٿيندو جنهن جو سڌو اثر شڪارپور ضلعي ۾ به ظاهر ٿيڻ لڳو آهي. هوڏانهن اتر سنڌ جي روحاني درگاهه سومراڻي شريف جي گادي نشين مولانا عبدالله مهر عرف ڏاڏا سائين، رستم هائوس جي اڳواڻ پ پ سنڌ ڪائونسل جي ميمبر ڪامران مهر ۽ ڀٽائي آباد هائوس جي محمد يوسف مهر پاران پڻ سردار محمد بخش خان مهر جي حمايت ڪئي آهي ته ٻئي پاسي مهر هائوس وزيرآباد کي ويجهو رهندڙ ماڻهو پڻ ٻڏتر جو شڪار ٿي پيا آهن ڇاڪاڻ ته ڪيترن ئي ڏهاڪن کان هر سياسي فيصلو گڏيل صلاح سان ڪندڙ وزيرآباد هائوس جا مهر سرداري پڳ معاملي تي ورهايل نظر اچي رهيا آهن. سياسي مبصرن موجب معاملن جي اندروني ڪهاڻي ڪهڙي به هجي پر ظاهري طور پيءُ نئين چيف سردار ۽ وڏو پٽ پراڻي چيف سردار جي حمايت ۾ هڪٻئي سامهون بيٺل آهن. ڳالهائڻ ۽ ميڊيا کي موقف ڏيڻ جي حوالي سان تمام گهڻي احتياط کان ڪم وٺندڙ لکي،ڳڙهي ياسين واري تڪ تان چونڊيل ايم اين اي غوث بخش خان مهر گوهر پئلس ۾ ٿيندڙ پڳ واري رسم ۾ ماڻهن جي وڏي ميڙ سامهون نه صرف سردار علي گوهر خان مهر جي وڏي واڪ حمايت ڪئي پر پهريون ڀيرو سردار محمد بخش خان مهر جي کلي مخالفت ڪندي نهايت سخت موقف اختيار ڪندي چيو ته سردار غلام محمد خان مهر جي وڇوڙي کانپوءِ اسان سردار محمد بخش خان مهر کي وڏي اميدن سان پڳ ٻڌرائي پر هو راڄ جي اميدن تي پورو نه لٿو. هن پنهنجي تقرير ۾ ميار واري انداز ۾ اها ڳالهه به ڪئي ته سردار غلام محمد خان مهر مهيني ٻئي مهيني پنهنجي راڄ ڏانهن چڪر ضرور هڻندو هو شڪارپور ضلعي ۾ راڄ جو ڪو چڱو ماڻهو مرندو هو ته سردار پاڻ تڏي تي پهچي ويندو هو پر نوجوان سردار راڄ کي ٽائيم نه ڏنو جنهن ڪري راڄ هي ڏکيو فيصلو ورتو آهي، اڄ کانپوءِ اسانجو سردار علي گوهر خان مهر آهي ۽ اسان مضبوط هٿن ۾ آهيون جڏهن ته ٻئي طرف سندس وڏي پٽ شڪارپور جي اڳوڻي ضلعي ناظم عارف خان مهر گوهر پئلس تي ٿيندڙ پڳ واري رسم کان ٻه ڏينهن پهرين خانپور ۽ هڪ ڏينهن بعد وزيرآباد پنهنجي اوطاق تي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته مهرن جي سردار غلام محمد خان مهر جي پڳ محمد بخش خان مهر تي آهي جيڪڏهن ڪنهن کي به اها پڳ کسڻ جو وهم گمان آهي ته اهڙو خيال پنهنجي دماغ مان ڪڍي ڇڏي سندس وڌيڪ چوڻ هو ته رات جي اونداهيءَ ۾ پاڻ مرادو پڳ ٻڌڻ واري انتهائي غلط روايت وڌي وئي آهي اگر ڪوئي پنجاهه سو نوڪر گڏ ڪري چئي ته مان پڳ ٻڌندم ته اها انهن جي مرضي باقي مهرن جو سردار محمد بخش خان مهر آهي. اهڙي سخت موقف بعد شڪارپور جي سياست تي باز جي نظر رکندڙ ماڻهو اهو به چون ٿا ته هر سياسي قدم گڏيل صلاح سان کڻندڙ وزيرآباد واسي پيءُ پٽ جي سرداري پڳ واري معاملي تي ورهايل ڇو آهن؟
ايم آر ڊي تحريڪ جو حصو رهندڙ جيالن ۽ لکيءَ جي پراڻن ڪامريڊن موجب ان سوال جتي چڪ کان رستم، لکي کان خانپور ۽ عبدو کان ڀرڪڻ جي ماڻهن کي منجهائي ڇڏيو آهي اتي سموري تڪ جي ماڻهن اڳيان ان ئي تڪ تان اليڪشن کٽيندڙ جي ڊي اي اڳواڻ ايم پي اي شهريار مهر جي پڳ رسم توڙي پوءِ واري جڙيل تازي منظر تان غائب هجڻ وارو ڪر کنيو بيٺو آهي ته آخر ڪهڙو سبب آهي جو پيءُ پٽن پاران ٻن سئوٽ سردارن جي الڳ الڳ حمايت ۽ سرگرميءَ واري مهل موقعي تي شهريار مهر خاموش آهي ان سوال ضلعي شڪارپور جي مختلف مهر هائوسز کي منجهائي ڇڏيو آهن. ان  معاملي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي چڪ هائوس جي ڊاڪٽر نويد مهر پاران مهر سردارن ۾ هلندڙ اختلافن کي گهري سازش قرار ڏيندي شڪارپور جي مهرن کي ان جو ذميوار قرار ڏنو آهي نالو کڻڻ کانسواءِ ته شڪارپور جا مهر پيءُ پٽن جي ڊپلوميسيءَ ۽ موقعي پرستيءَ واري پاليسي سبب مهر سردارن ۾ اختلاف پيدا ٿيا آهن. سندس چوڻ هو ته ڪجهه نادان ۽ ناسمجهه ماڻهو سالن کان مهر سردارن جي نجي معاملن جي آڙ ۾ هلندڙ اختلاف کي هوا ڏيڻ جي ڪوشش ڪن پيا جنهن جا خطرناڪ نتيجا سامهون آيا آهن. هوڏانهن سردار محمد بخش خان مهر جي ويجهن ۽ انتهائي بااعتبار ذريعن موجب سردار محمد بخش خان مهر تمام جلد پنهنجي رهائش گاهه تي بلوچستان سميت سنڌ جي مختلف برادرين جي سردارن جي ڪٺ جون تياريون شروع ڪري ڇڏيون آهن جنهن جي تاريخ مقرر ٿيڻي آهي بهرحال مهر سردارن ۾هلندڙ اختلاف ڪنهن ٽياڪڙي تي ختم ٿين ٿا يا اختلافن ۾ شدت اچي ٿي اهو ايندڙ وقت ئي ٻڌائيندو.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *