تازا ترين
  • *حڪومت مخالف تحريڪ ۾ استعيفائن جو آپشن آخري هوندو، گرفتاريون معنيٰ نٿيون رکن: يوسف رضا گيلاني*
  • *نيب هٿان گرفتار شهباز شريف لاهور جي احتساب عدالت آڏو پيش*ليگي اڳواڻ ۽ وڏي تعداد ۾ ڪارڪن به عدالت پهچي ويا، پارٽي قيادت جي حمايت ۾ مظاهرو*
  • شهباز شريف جي گرفتاري بعد مخالف ڌر سرگرم: پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جو اجلاس اڄ ٿيندو

خاندان کان ٻاهر عورت جي شادي سرداري کي لوڏي ڇڏيو

جيتوڻيڪ گهوٽڪي ضلعو قبائلي هجڻ ڪري ماڻهو سرداري سسٽم ۾ جڪڙيل آهن ۽ پراڻي ريتن رسمن جون پاڙون پختيون آهن ۽ هتان جو عوام سرداري سسٽم جي اثر هيٺ آهي، جنهن جي ڪري اڃان تائين سرداري نظام جي ريتن رسمن تحت اڪثرماڻهو پنهنجي سردارن وٽ وڃي پٽ تي ويهڻ کي ترجيح ڏين ٿا ته ٻئي طرف گهوٽڪي جو پڙهيل لکيل باشعور طبقو سرداري نظام کان باغي بڻيل آهي. ڪجهه وقت اڳ سوشل ميڊيا تي  گهوٽڪي مان اهڙيون تصويرون منظرعام تي آيون هيون جنهن ۾ علائقي جا سردار عذر خواهين دوران صوفن تي ويهي پٽ تي ويٺل پنهنجي برادري جي ماڻهن سان تعزيتون ڪري رهيا آهن، ان کان علاوه سندن نوڪر سردارن جا بوٽ لاهي ۽ پارائي رهيا آهن، اهڙي تنقيد ٿيڻ کانپوءِ سردارن پاران اهو موقف اختيار ڪيو ويو هو ته اها اسان سان ماڻهن جي محبت آهي ۽ اسان پنهنجي راڄ ڀاڳ کي ملڻ دوران پٽ تي ويهڻ لاءِ ناهيون چوندا. گهوٽڪي ضلعي ۾ سڀ کان پهريون سردار نادر اڪمل لغاري پنهنجي راڄ کي ڪرسين تي ويهارڻ جو فيصلو ڪيو هو، جنهن بعد علي محمد مهر جي لاڏاڻي بعد خالي ٿيل قومي اسيمبلي جي سيٽ تي ننڍي چونڊ دوران مهر برادري جي چيف سردار محمد بخش مهر قبائلي ريتن رسمن کان بغاوت ڪندي پنهنجي راڄ کي پٽ تي ويهڻ کان منع ڪيو ۽ مهر برادري پاران پنهنجي سردار کي پري کان سلام ڪرڻ کان روڪيندي انهن سان هٿ ملائڻ جو اعلان ڪيو هو، جنهن تي برادري جي ماڻهن سردار محمد بخش مهر جي اهڙي فيصلي کي ساراهيندي کيس ننڍي چونڊ ۾ علي گوهر مهر جي مقابلي ۾ ڪامياب ڪرائي پارليامينٽ ۾ پهچايو. چوڻ وارا اهو چون ٿا ته محمد بخش مهر جي اهڙي فيصلي تي علي گوهر مهر ناراضگي جو پڻ اظهار ڪيو هو، جڏهن ته محمد بخش مهر جي ايم اين اي ٿيڻ کان علاوه پيپلزپارٽي پاران سندس ننڍي ڀاءُ بنگل مهر کي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جو صلاحڪار مقرر ڪرڻ کانپوءِ مهر برداري جي ماڻهن  جي اچ وڃ گوهر پيلس بجاءِ موتي بنگلي ڏانهن ٿي،جنهن جي ڪري گوهر پيلس جون رونقون اجڙي ويون پر هاڻ جڏهن ايم اين اي سردار محمد بخش مهر پراڻي ريتن رسمن کان بغاوت ڪندي ڪجهه ڏينهن اڳ پنهنجي ڀيڻ جي شادي ڏهرڪي جي ڀرچونڊي پير ميان عبدالخالق جي پٽ ميان عبدالمالڪ عرف ميان مجن سان ڪرائي ۽ اهڙيون تصويرون سوشل ميڊيا تي ظاهر ٿيون ته مهر برادري جي ماڻهن جو سخت رد عمل آيو ۽گوهر پيلس تي مهر برادري جي چڱن مڙسن جو ڪٺ منعقد ٿيو جنهن ۾ علي گوهر مهر کي چيف سرداري جي پڳ ٻڌڻ جي اپيل ڪئي وئي، جيتوڻيڪ منعقد ٿيل ڪٺ ۾ چڱن مڙسن کي روڪڻ لاءِ خانڳڙه ويندڙ پوليس کي بيهاريو ويو هو، پر ان باوجود مهر برادري جي چڱن مڙسن جو وڏو تعداد گوهر پيلس پهچڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو.  ان موقعي تي علي گوهر مهر پير سائين پاڳاري سان مشاورت ڪرڻ لاءِ مهلت طلب ڪئي، جنهن کانپوءِ علي گوهر مهر ڪراچي ۾ پير سائين پاڳاري سان ملاقات ڪري انهي معاملي تي مشاورت به ڪئي آهي جڏهن ته محمد بخش مهر پاران ڀيڻ جو نڪاح ميان مجن سان ڪرائڻ کانپوءِ مهر برادري جي اڪثريت محمد بخش مهر جي فيصلي تي ناراضگي جو اظهار ڪيو آهي، اهڙي صورتحال کانپوءِ علي گوهر مهر شادي واري معاملي تان برادري کي هڪ پليٽ فارم تي گڏ ڪري ورتو آهي جيڪي انهي شادي کي ڪنهن به ريت قبول ڪرڻ لاءِ تيار ناهن، مهر برادري جي ماڻهن پاران ناراض ٿيڻ توڙي ڪٺ باوجود محمد بخش مهر خانڳڙهه ناهي آيو ۽ نه وري هن جو ڪو بيان سامهون آيو آهي،گهوٽڪي جي قبائلي سسٽم تي نظر رکندڙن جو چوڻ آهي ته شادي واري مامري تي مهر برادري جي  چڱن مڙسن جون همدرديون علي گوهر مهر سان گڏ آهن ۽ علي گوهر مهر پنهنجي هٿن مان وڃايل طاقت واري توازن کي ٻيهر پنهنجي هٿن ۾ ڪري ورتو آهي،جڏهن ته شادي واري معاملي تي درگاهه ڀرچونڊي شريف جي انتظاميا به پنهنجي خاص خليفن جو ڪٺ گهرائي ورتو آهي، جنهن ۾ اهم فيصلا ڪيا ويندا، درگاهه ڀرچونڊي شريف جو گادي نشين ميان عبدالخالق توڙي علي گوهر مهر سياسي حوالي سان هڪ ٻئي جا اتحادي رهيا آهن، پر هاڻي واري صورتحال کانپوءِ سياست جي ميدان ۾ سندن گڏ هلڻ مشڪل نظر اچي رهيو آهي. گهوٽڪي جي سياست تي نظر رکندڙن جو چوڻ آهي ته علي گوهر مهر ننڍي چونڊ هارائڻ کانپوءِ هاڻ پنهنجي پوزيشن بهتر بڻائي ويو آهي جڏهن ته شادي واري مامري تي برادري کي محمد بخش مهر کان باغي بڻائي ويو آهي ۽ هو هاڻ پنهنجي اتحادي ميان عبدالخالق سان گڏ هلي نه سگهندو، جنهن جي ڪري علي گوهر مهر جي ڏهرڪي ۾ سياسي پوزيشن ڪمزور ٿيڻ جو انديشو آهي،جڏهن ته فنڪشنل ليگ جي ضلعي صدر ميان مجن جي حوالي سان افواهه هلي رهيا آهن ته هو به پ پ جي ٻيڙي ۾ سوار ٿي ويندو، مهر سردار پاران پهريون ڀيرو پنهنجي خاندان کان ٻاهر پنهنجي ڀيڻ جي شادي ڪرائڻ واري معاملي تان سوشل ميڊيا تي ماڻهن پاران محمد بخش مهر جي فيصلي کي ساراهڻ کانسواءِ مٿس تنقيد به جو سلسلو جاري آهي جڏهن ته لنڊ، پتافي توڙي گهوٽڪي ضلعي سان تعلق رکندڙ ٻين سردارن پنهنجي برادري جي ماڻهن کي شادي جي معاملي تي ڪابه راءِ ڏيڻ کان روڪي ڇڏيو آهي، ان باوجود شادي وارو معاملو ماڻهن جي زبانن تي عام آهي ۽ اهو چيو پيو وڃي ته مهر سردارن ۾ پيدا ٿيل اختلاف هاڻ وڌي وڻ ٿي ويا آهن ۽ انهن جو هاڻ گڏ هلڻ مشڪل ٿي ويو آهي ۽ محمد بخش مهر توڙي علي گوهر جون  سياسي راهون ته اڳ ۾ الڳ هيون پر هاڻ خانداني اختلاف به چوٽ چڙهي ويا آهن، علي گوهر مهر ۽ محمد بخش مهر مان برادري ڪنهن جي چونڊ ڪندي ان لاءِ ڪجهه وقت انتظار ڪرڻو پوندو.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *