تازا ترين
  • ڪراچي ڪميٽي جي نالي سان ڪابه ڪميٽي ناهي: وزيرن تي ٻڌل ڪميٽي صوبي ۾ منصوبن آڏو پيدا ٿيل رنڊڪون ختم ڪرڻ لاءِ ڪم ڪندي:وڏو وزير*ملڪ ۾ اڳ ئي مهانگائي چوٽ چڙهيل آهي، مٿان وري وفاقي حڪومت دوائون مهانگيون ڪري ڇڏيون: وڏو وزير مراد علي شاهه*ايم ڪيو ايم وٽ سياست لاءِ ڪجهه ناهي هوندو ته سنڌ ورهائڻ جون ڳالهيون ڪندي آهي، سنڌ جو عوام ورهاڱو ڪڏهن به برداشت نه ڪندو:مراد شاهه*
  • طلال چوڌري تي مبينا حملي جِي جاچ ۾ اڳڀرائي نه ٿي*پوليس جاچ ڪميٽي ڪوششن باوجود طلال چوڌري ۽ نون ليگ ايم اين اي عائشه رجب جا بيان رڪارڊ ڪرڻ ۾ ناڪام*

خاموش خدمتگار جو وڇوڙو

ڪورونا جي هلندڙ هن اڀاڳي وبائي سيزن دوران هونئن ته ڪيترن ئي انسانن جون قميتي جانيون ضايع ٿيون آهن پر موت جي ان اداس موسم دوران ڪي ڪي اهڙا ماڻهو به وڇڙي ويا آهن جن جي وفات تي هر طرف کان دانهن نڪري وئي آهي ته ابول ڪورونا اهو قهر به ڪري ڇڏيو.اهڙن ئي انسان جي وڇوڙي تي مير حسن مري پنهنجي ڪمينٽ ۾ لکيو هو ته اها نڀاڳي وبا سنڌ جا سمورا ڪم وارا ماڻهو پئي کسيندي وڃي.اهو ڪمينٽ هر ڪنهن جي وات تي انڪري به هيو جو نثار احمد صديقي بعد ڊاڪٽر يونس حيدر سومرو به وفات ڪري ويو.سندس خاندان موجب هن ڪورونا کي شڪست ڏني هئي ۽ وينٽيليٽر تان به لهي ڪمري ۾ منتقل ٿيو هو پر لاڳيتي وينٽيليٽر سبب سندس جسم اندر زخم ٿي پيا جيڪي ڀرجي نه سگهيا.ڊاڪٽر يونس حيدر سومرو کي ڪراچي کان شڪارپور، لاهور ۽ ڪوئيٽا تائين ماڻهن انڪري به ڀرپور احترام سان ياد ڪيو آهي جو هو چند اهڙن ماهر ڊاڪٽرن منجهان هيو جيڪي پروفيشنل هجڻ سان گڏوگڏ سماجي رشتا ناتا نڀائڻ ۽ پنهنجي آهر پنهنجي ماڻهن جي خاموشي سان خدمت ڪرڻ جو هنر ڄاڻيندا هئا.
اهڙو ئي هنر ڊاڪٽر يونس ۾ شايد سندس ڪيرئير جي شروعاتي ڏينهن کان هيو ڇو ته سندس شاگرد ٻڌائين ٿا ته ڊاڪٽر کي هميشه اهو فڪر هوندو هيو ته جيڪب آباد، شڪارپور يا سکر لاڙڪاڻي جو ماڻهو صرف هڏن جي بيماري جي علاج خاطر ڪراچي جو پنڌ ڇو ڪري؟ انکي اتي ئي سندس گهر ويجهو ڪو هڏن جو ماهر ڊاڪٽر ڇو نه مليل هجي.هو پنهنجي علم مان ونڊ ڪرڻ وارو ماهر هيو.چون ٿا ته ستر واري ڏهاڪي ۾ جڏهن ڊاڪٽر يونس سومرو ۽ ڊاڪٽر ممتاز مهر ايف آر سي ايس ڪرڻ انگلينڊ ويا ته کين اتي ئي پڙهائي مڪمل ڪرڻ بعد نوڪريون ملي ويون.اهي ٻئي جيئن ته روم پارٽنر به هئا تنهنڪري ٻنهي هڪ رات ويهي بحث ڪيو ته ڇا اسان جي علم حاصل ڪرڻ جو اهوئي مقصد هيو ته انگلينڊ جي موسم ۾ ويهي پئسا ڪمايون ته ٻنهي مان ڪنهن هڪ جواب ڏنو نه، اسان جو علم اسان جي ماڻهن جي ڪم اچڻ گهرجي.ٻنهي وچ ۾ان رات طئه ته الائي ڇا ٿيو پر ٻنهي ماهر ڊاڪٽرن پنهنجي بيگ تيار ڪيا ۽ واپس اچي ڪراچي لٿا.جتي هاڻي ته ٻنهي جي وڏي هاڪ آهي پر ابتدائي ڏينهن ۾ هڪ ڪمري واري عمارت وٺي هڪ ئي ڪلينڪ ۾ ٻئي ڄڻا پريڪٽس ڪندا هئا.هاڻوڪن ڊاڪٽرن کي ڪجهه عجيب لڳندو پر جڏهن ڊاڪٽر مهر جو مريض ايندو هيو ته ڊاڪٽر سومرو ٻاهر نڪري ويندو هو ۽ جڏهن ڊاڪٽر يونس جو مريض ايندو هو ته ڊاڪٽر مهر ڪمري کان ٻاهر هوندو هيو.پر اهي ڏينهن ڪي گهڻو وقت رهڻا نه هئا ۽ ڪجهه ئي سالن اندر ٻئي ڄڻا ڪراچي ۾ هڏن جي ماهر ڊاڪٽرن طور سڃاپجڻ لڳا. هونئن ته ڪيترائي ماهر ڊاڪٽر اسان جي آسپاس موجود آهن جن منجهان ڪجهه ته علم جا سخي هوندا آهن پر ڪجهه ماهر ڊاڪٽرن ۾ پراڻن حڪيمن واري اها بيماري عام هوندي آهي ته پنهنجو نسخو ڪنهن ٻئي شاگرد کي ناهي ڏيڻو.اهڙن ڪردارن جي المياتي زندگي تي وري ڪنهن ٻئي ڀيري لکبو ته ڪيئن نه انهن کي عمر جي آخري حصي ۾ پنهنجو اهو اولاد به اڪيلو ڇڏي ٿو وڃي جن خاطر هنن پنهنجو پاڻکي پئسي ڪمائڻ جي مشين بڻائي پنهنجي اولاد کي اي ٽي ايم ڪارڊ هٿ ۾ ڏئي ڇڏيو هو پر هن ڀيري ذڪر سنڌ جي ان سلڇڻي اولاد ڊاڪٽر يونس حيدر سومري جو جنهن پنهنجي علم جو خزانو پنهنجي شاگردن لاءِ هميشه کولي رکيو.جيئن ڊاڪٽر محمد صالح ميمڻ صاحب بابت چيو ويندو آهي ته دنيا ۾ ڪٿي به وڃو اگر ڪو سنڌي اکين جو ماهر ڊاڪٽر نظر اچي وڃي ته سمجهو ان جي تربيت ۾ ڊاڪٽر ميمڻ صاحب جو حصو پتي ضرور هوندو تيئن ئي هاڻي سنڌي نوجوان آرٿوپيڊڪ سرجنز جي جيڪا کيپ تيار ٿي هر علائقي ۾ ڪم پئي ڪري ان جي تربيت يا همٿائڻ ۾ ڪٿي نه ڪٿي پسمنظر ۾ ئي سهي پر ڊاڪٽر يونس حيدر سومري جو هٿ توهان کي نظر ايندو.
ڊاڪٽر يونس حيدر سومرو پاڻ ته 2008ع ۾ ڊائو يونيورسٽي آف هيلٿ سروسز مان آرٿوپيڊڪ سرجري شعبي جي سربراهه طور ريٽائر ٿيو پر سندس ڪم ڪنهن نه صورت ۾ جاري رهيو.ملڪ جي ٻين سرجنز يا ماهر ڊاڪٽرن جي طبيعت جي ابتڙ هي تمام سوشل ماڻهو هوندو هيو ۽ سندس ڪلينڪ تي اڌ کان وڌيڪ مريض مفت چڪاسيا ويندا هئا.انهن ۾ اڪثريت سندس ڄاڻ سڃاڻ وارن ماڻهن جي هوندي هئي.ڊاڪٽر يونس پنهنجي پروفيشن ۾ لاهور واري ڊاڪٽر عامر عزيز جيان واضح هيو ته مريض ڏسڻو آهي ڀلي ان جو تعلق ڪنهن به گروهه سان هجي پر اسان لاءِ اهو مريض آهي.لاهور واري ڊاڪٽر عامر عزيز اسامه بن لادن جي ڪرنگهي واري هڏي جو علاج ان دور ۾ ڪيو هيو جڏهن مشرف دور ۾ آمريڪا سندس ڳولا ڪري رهيو هو.بعد ۾ عامر عزيز گرفتار به ٿيو پر ڊاڪٽر يونس حيدر سومرو جيئن ته ڪنهن عسڪريت پسند جو فين نه هيو تنهنڪري وٽس سنڌ جا سياستدان عام جام علاج ڪرائڻ ايندا هئا.
ڊاڪٽر يونس حيدر سومرو جيئن ته سنڌ جي پهرئين وزيراعليٰ شهيد الله بخش سومري جو پوٽو هو تنهنڪري پنهنجي ماڻهن جي خدمت جي ڪشش هن جي طبيعيت ۾ به شامل هئي .شايد تڏهن ئي عمر جي آخري حصي ۾ هن سنڌ کي هڏن واري شعبي جو هڪ خودمختيار ادارو ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي.جيئن ڊاڪٽر اديب رضوي ايس آئي يو ٽي تيار ڪيو آهي تيئن ئي ڊاڪٽر يونس حيدر سومري سنڌ انسٽيٽيوٽ آف آرٿوپيڊڪس اينڊ ٽرامالوجي ٺاهڻ پئي چاهيو جنهن جي سموري ڪاغذي ڪارروائي ڪري اسيمبلي مان بل پاس ڪرائي گورنر تائين پهچايائين.ان وقت ايم ڪيو ايمي گورنر عشرت العباد تعصب جي بنياد تي اجايو سجايو اعتراض هڻي ڪاغذ واپس ڪيا ۽ اهو ادارو جڙي نه سگهيو.ڊاڪٽر يونس حيدر سومرو کي هاڻي ته سنڌ جي مختلف اسپتالن ۾ ڪم ڪندڙ هڏن جا ماهر ڊاڪٽر دل سان ياد ڪن ٿا پر ڇا سنڌ جي اها حڪمران پيپلزپارٽي جماعت به کيس ياد ڪندي جنهن کي هن ريٽائرمينٽ بعد باقاعده جوائن ڪيو هو.ڊاڪٽر يونس سومرو جهڙن ماهر ماڻهن کي هميشه ياد رکڻ جو هڪ بهترين طريقو اهو به آهي ته سندس ياد ۾ هڏن جي سرجري جو اهو ادارو بحال ڪجي جنهنکي هڪ تعصبي گورنر رد ڪيو هو.سنڌ انسٽيٽيوٽ آف آرٿوپيڊڪس اينڊ ٽرامالوجي سنڌ جي ماڻهن جي ضرورت ته آهي پر منصوبي جي بحالي سان ان سلڇڻي ۽ مخلص ڊاڪٽر يونس حيدر جو هڪ اڻپورو خواب مڪمل ٿي ويندو جيڪو هميشه پنهنجي علم جي سخا ڪندو رهندو هيو.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *