تازا ترين
  • *اين سي او سي جي هدايت تي سنڌ ۽ پنجاب سرڪار عوامي اجتماعن جي حوالي سان اخلاقي ضابطه جاري ڪري ڇڏيا*
  • *ٻنهي جهانن جَي سردار حضرت محمد ﷺ جن جِي ولادت جو اڄ جشن ملهايو پيو وڃي، عاشقن طرفان دُرود ۽ سلام سان نبي ڪريم ﷺ کي ڀيٽا پيش*

حڪومت مخالف تحريڪ ،ڪمزور سپاهي ڪير آهي؟

 مخالف ڌر جي اي پي سي کي هڪ هفتو گذري چڪو آهي. گذريل هڪ هفتي دوران پاڪستان جي سياسي وايو منڊل ۾ ملڪ جي ماڻهن کي ان ڳالهه ۾ منجهايو ويو آهي ته ڪهڙي ريت سياستدان  خاموشي سان رات جو آرمي چيف سان وڃي ملندا آهن. اها ڳالهه به پهرين اسٽيبلشمينٽ پاڻ کولي. سبب اهو هو ته اي پي سي ۾ ميان نواز شريف  جيڪا اسٽيبلشمينٽ مخالف سخت تقرير ڪئي هئي ان جو اثر ختم ڪري سگهجي. سياستدانن جي آرمي چيف سان ملاقات واري خبر ظاهر ڪرڻ  جو اثر ابتو نڪري پيو آهي. هاڻي معاملي کي ٿڌو ڪرڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي. هڪ طرف حڪومت مخالف سياستدان ته ٻئي طرف عمران خان ٿڌو ٿيڻ لاءِ تيار ناهي. مخالف ڌر پاران حڪومت خلاف جنهن جنگ جو طبل وڄايو ويو آهي، ان جي ڪل ملائي ڄمار پنج  مهينا آهي، ان بعد جيڪڏهن حڪومت ان جنگ مان پاڻ بچائي وئي ته پوءِ مخالف ڌر کي ڪيترن مهينن تائين هن حڪومت مان جان ڇڏائڻ جو موقعو نه ملي سگهندو، يعني ڪمپني هلندي رهندي!
هن  جنگ جو ڪمزور سپاهي ڪير آهي، ان جو ذڪر مضمون جي آخر ۾ ڪنداسين. پهرين ان ڳالھه جو ذڪر ضروري آهي ته اي پي سي ۾ نواز شريف جي تقرير ايتري سخت ڇو هئي ؟ اهڙي ڪهڙي صورتحال پيدا ٿي، جنهن معمول جي اي پي سي کي غير معمولي بڻائي ڇڏيو، نواز شريف ، جنهن جي ملڪ واپسي جا امڪان ناهن، اهو سڀ ٻيڙيون ساڙڻ تي مجبور ڇو ٿيو؟
پهرين ان ڳالھه جو ذڪر ته  اي پي سي ۾ نواز شريف لکت ۾ ايتري سخت تقرير ڇو ڪئي؟ ڇا هن ان ڳالھه جو اندازو لڳايو هو ته اها تقرير خود سندس ڀاءُ ۽ ن ليگ جي صدر ميان شهباز شريف جي نه رڳو سياسي پر اسٽيبشليمنٽ آڏو جيڪا پوزيشن آهي، ان کي به ڪمزور ڪري ڇڏيندي؟  ان سوال جو پس منظر سمجهڻ ضروري آهي.
 گذريل ڳچ عرصي کان شهباز شريف ۽ ن ليگ اندر فوج سان ويجهڙائي رکندڙ اڳواڻن جون ملڪ جي اسٽيبلشمينٽ سان ڳالھيون هلندڙ هيون ته ڪهڙي ريت ن ليگ جي اهم اڳواڻن کي رليف ڏياريو وڃي. پردي جي پويان هلندڙ ان قسم جي سرگرمين جي اينٽليجينس اطلاعن جي بنيادن تي ئي وزيراعظم عمران خان چوندو رهيو آهي ته هو ڪنهن به صورت ۾ مخالف ڌر کي اين آر او نه ڏيندو. نتيجي ۾ ن ليگ ۽ ٻي مخالف ڌرين پاران اهو ردعمل ايندو رهيو ته هو اين آر او ڪهڙي ريت ڏئي سگهي ٿو. وٽس اختيار ڪهڙو آهي؟
گذريل ٻن سالن دوران وزيراعظم عمران خان ۽ مخالف ڌر جي وچ ۾ جيڪا وڇوٽي پيدا ٿي آهي ان جي نتيجي ۾ ان ڳالھه جو ڪٿان گمان ئي نظر نٿو اچي ته حڪومت ۽ مخالف ڌر جي اعليٰ قيادت هڪ ٻئي جي روبرو ويهي ملڪ جي اهم مسئلن لاءِ قانون سازي ڪري سگهن. تحريڪ انصاف اڳي ئي قومي اسيمبلي ۾ معمولي اڪثريت رکندڙ آهي، جڏهن ته سينيٽ ۾ هو اقليت ۾ آهي، ان ڪري وڏي قانونسازي لاءِ هن کي  هر ڀيري ملڪ جي اسٽيبلشمينٽ جو ئي سهارو وٺڻو پوي ٿو، نتيجي ۾ هن وقت تائين جيڪا به غير معمولي قانون سازي ٿي آهي، ان ۾ مخالف ڌر حڪومت کي محفوظ رستو فراهم ڪيو آهي، ايف اي ٽي ايف واري قانون سازي دوران به ايئن ئي ٿيو هو.
 16 سيپٽيمبر ،جنهن ڏينهن پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس هو، ان ڏينهن ن ليگ جا اڪثر ميمبر سرها نظر پئي آيا، هڪ ميمبر جي خوشي ڏسي ايئن ٿي لڳو ته ڄڻ ڪنهن غريب جي لاٽري ۾ نڪري آئي هجي، خوش ٿيڻ واري کي خبر هئي ته اڄ سندس قيادت جي ايڇ ڪيو ۾ رات جي ماني تي گهرايل آهي، هن کي لڳو ٿي ته شايد ڏينهن مٽجڻ وارا آهن.
رات جو جي ايڇ ڪيو ۾ اها ملاقات ٿي، جيڪا ڪنهن به صورت خوشگوار نه هئي. هن ملاقات جي ايجنڊا بظاهر رڳو گلگت بلتستان هئي. اهم سياسي اڳواڻن ان ڳالھه کي محسوس ڪري ورتو ته وزيراعظم جي غير موجودگي ۾ آرمي چيف کين چئي رهيو هو ته گلگت بلتستان کي صوبو بڻائڻ لاءِ قانون سازي ڪئي وڃي. ان موقعي تي انيڪ سوال به اٿيا ۽ اهو به پڇيو ويو ته هن اهم موقعي تي وزيراعظم ڇو موجود ڪونهي. ذريعا ٻڌائين ٿا ته گلگت واري معاملي تي گهڻا سوال اٿڻ ڪري ميزبان خوش نه هو. ان رات ئي سياسي ڌرين جي آرمي چيف سان ملاقات واري خبر مفروضن جي صورت گردش ڪرڻ لڳي. هاڻي پاڪستان ۾ اسٽيبلشمينٽ سان لاڳاپيل خبر “ذريعن” جي حوالي سان هلائڻ جو تصور ختم ٿي ويو آهي. اي پي سي بعد خود اسٽيبلشمينٽ  اها خبر جاري ڪئي، ان بعد اهو قصو هاڻي بحث جو موضوع بڻيل آهي.
ان رات جڏهن ان سڄي قصي کي مولانا اسعد محمود پنهنجي والد مولانا فضل الرحمان کي ٻڌايو ته مولانا جو ردعمل انتهائي سخت هو. ڇاڪاڻ ته آرمي چيف مولانا جي حوالي سان به سندس پٽ کي کريون کريون ٻڌايون هيون.  بلاول ڀٽو زرداري جيڪو آرمي چيف سان ملاقات ۾ موجود هو، هن جي سوالن جي نتيجي ۾ به دعوت جو مزو ٻاڙو ٿي ويو، ايندڙ ٽن ڏينهن ۾ مولانا فضل الرحمان ۽ بلاول ڀٽو جي حڪمت عملي سان اي پي سي جو رخ تبديل ٿيو، گهڻو عرصو ٿيو مولانا ۽ شهباز شريف جي تعلق ۾ گرمجوشي موجود ناهي رهي. بي اعتباري سبب بلاول ڀٽو زرداري به انيڪ معاملن تي  شهباز شريف مٿان اعتبار ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. ان حد تائين جو مريم نواز به گهڻا معاملا شهباز شريف سان شيئر نٿي ڪري. اهو سڀ ڪجھه ان ڪري به ٿيو آهي ته نواز شريف ۽ مريم نواز کي خاموش ڪرائي ،سياسي نقصان ڏئي شهباز شريف ڪي نتيجا نه ڏئي سگهيو آهي، مولانا ۽ نواز شريف جي وچ ۾ انهن ٽن ڏينهن دوران 3 ڀيرا فون تي ڳالھيون ٿيون، جنهن ۾ جي ايڇ ڪيو ملاقات، ۽ ان جي روئي تي سخت ردعمل ڏيکارڻ جو فيصلو ٿيو. اي پي سي کان هڪ رات  اڳ ۾ چند ڪلاڪن اندر مولانا ۽ بلاول ڀٽو زرداري جي وچ ۾ ٻه ملاقاتون ٿيون، چيو وڃي ٿو ته ان دوران مريم نواز به رابطي ۾ رهي، پر ان ڳالھه کي لڪايو ويو. بلاول ڀٽو جي ميان نواز شريف جي رابطي جي پيپلزپارٽي پاران باقائده خبر جاري ڪئي وئي، ان بعد اها به خبر جاري ڪئي وئي ته نواز شريف اي پي سي ۾   ورچوئل شريڪ به ٿيندو ۽  ويڊيو لنڪ ذريعي خطاب ڪندو. هتي اها ڳالھه ذهن ۾ رهي ته اي پي سي لاءِ ن ليگ جيڪو پهرين وفد تشڪيل ڏنو هو ان ۾ مريم نواز شامل نه هئي، بلاول ڀٽو زرداري جي فون رابطي بعد نواز شريف مريم نواز جو نالو اي پي سي جي وفد ۾ شامل ڪرايو، جڏهن پيپلزپارٽي پاڻ نواز شريف جي اي پي سي ۾ خطاب ڪرڻ جو اعلان ڪيو ته احسن اقبال ان جي ترديد ڪئي، هن وايو منڊل ۾ جيڪا ڳالھه اهم هئي اها هي هئي ته ن ليگ ، ن ليگ سان خاموش جهيڙي ۾ هئي، نواز شريف فيصلو ڪري چڪو هو ته کين آسري ۾ رکيو پيو وڃي، ان ڪري هاڻي بس ڪجي. جڏهن ته شهباز شريف کي ان ڳالھه تي يقين هو ته جهيڙي بدران مفاهمت ذريعي رستو نڪري پوندو.
اي پي سي ۾ نواز شريف جي تقرير ملڪ جي سياسي منظرنامي کي تبديل ڪري ڇڏيو. ٻئي ڏينهن مجبوري ۾ اسٽيبلشمينٽ اها خبر جاري ڪئي ته سياستدانن کي گلگت بلتستان کي صوبو بڻائڻ لاءِ گهرايو ويوهو، بيان ۾ اهو به چيو ويو ته سياستدانن کي چيو آهي ته هو فوج کي سياسي معاملن ۾ نه گهلين . ان بيان اندران اهو سوال اٿي رهيو هو ته گلگت بنيادي طور تي سياسي معاملو هو ان ۾ سياستدانن کي گهليو ويو يا اسٽيبلشمينٽ پاڻ انهن کي سڏائي هدايت ڪئي ته اهو ڪم ڪريو. نتيجي ۾ هاڻي ڳالھيون کوليون پيون وڃن ته رات جي اونداهي ۾ ڪير ڪير جي ايڇ ڪيو وڃي ملاقاتون ڪري ٿو. مولانا غفور حيدري جي انڪشاف جي اڃان تائين اسٽيبلشمينٽ ترديد جاري نه ڪئي آهي. جنهن ۾ هن چيو هو ته گذريل سال آزادي مارچ دوران جنرل باجوه مولانا فضل الرحمان کي گهرائي چيو هو ته اوهان مارچ  ڪري نواز شريف کي نه بچايو.
نواز شريف جي تقرير ئي هڪ طرف  پاڪستان جي سياسي وايو منڊل ۾ هلچل مچائي ته ٻئي طرف خود ن ليگ ۽ طاقتور حلقن اندر به ڳڻتي پيدا ڪري ڇڏي آهي. هن وقت سڄي ملڪ ۾ اسٽيبلشمينٽ مخالف جيڪا سوچ موجود آهي، ان کي اي پي سي ذريعي جنم وٺندڙ پي ڊي ايم جي تحريڪ ۾ وڌيڪ اڀاريو ويندو ، جيڪا ڪنهن به صورت ۾ پاڪستان جي اسٽيبلشمينٽ کي وارو نٿي کائي.
ٻيو سوال ته اپوزيشن جي اعلانيل تحريڪ جي ڄمار پنج مهينا ڇو آهي؟ ان جو جواب هي آهي ته ايندڙ سال مارچ ۾ سينيٽ چونڊون ٿينديون، جنهن ۾ تحريڪ انصاف اڪثريت حاصل ڪري وٺندي. ان کانپوءِ قانونسازي لاءِ حڪومت کي اپوزيشن جي جيڪا محتاجي آهي، هو ان مان نڪري ويندي. ان ڪري هن دفعي مخالف ڌر پنهنجي تحريڪ ذريعي سڌي ريت اسٽيبلشمينٽ کي نشانو بڻائيندي، جيئن ان کي مجبور ڪري ته هو تحريڪ انصاف مان هٿ ڪڍي. جيڪڏهن مخالف ڌر جي حڪمت عملي ڪامياب ٿي وئي ته تحريڪ انصاف جي حڪومت لاءِ گهڻا چئلينج پيدا ٿي پوندا. اهو ئي سبب آهي ته مخالف ڌر جي قيادت خلاف ڪارروائي جون تياريون شروع ٿي ويون آهن.
ٽيون سوال ، جنهن جو پاڻ شروعات ۾ ذڪر ڪيو هو اهو هي آهي ته   حڪومت مخالف تحريڪ جو ڪمزور سپاهي ڪير آهي؟  
اي پي سي واري ڏينهن اسان ڏٺو ته نواز شريف سندس حڪومت ۾ ٿيل سازشن تان پهريون دفعو پردو کنيو. اوهان کي به ياد هوندو ته ن ليگ جي حڪومت ۾ بلوچستان جي صوبائي اسيمبلي ختم ڪرائڻ ۾ اهم ڪردار آصف علي زرداري ادا ڪيو هو. ن ليگ جي صوبائي حڪومت ختم ڪرائي پنج سئو ووٽن واري قدوس بزنجو کي وزيراعليٰ بلوچستان بڻايو ويو ، ان بعد  بزنجو ڪابينا سميت بلاول هائوس ڪراچي پهتو جتي هن آصف زرداري جا ٿورا مڃيا، وزيراعليٰ بلوچستان جي ظاهري اڳواڻي ۾ سينيٽ چونڊن ۾ وڏو آزاد گروپ ڪامياب ٿي آيو، جنهن اسلام آباد ۾ اچي خيما کوڙيا، بلوچستان هائوس ۾ آصف زرداري اچي کين پهنجي غير مشروط حمايت جو يقين ڏياريو. ان بعد عمران خان به وٽن اچي پهتو، هن به ايئن ئي ڪيو ، جيئن آصف زرداري ڪيو هو. انهن ڏينهن ۾ ميان نواز شريف پيپلزپارٽي کي آڇ ڪئي هئي ته هو رضا رباني کي ٻيهر چيئرمين بڻائي ته غير مشورط حمايت لاءِ تيار آهيون، پر زرداري  هائوس اسلام آباد ۾ پارٽي جي هڪ اجلاس ۾ وڏي بحث مباحثي بعد  چيئرمين سينيٽ لاءِ صادق سنجراڻي جو حمايت جو اعلان ڪيوويو، نواز شريف جي اي پي سي واري تقرير ۾ اهو انڪشاف ڪيو ويو ته بلوچستان جي صوبائي حڪومت ختم ڪرڻ ۽ سينيٽ چونڊن ۾ ڪاميابي لاءِ جيڪا جوڙ توڙ ڪئي وئي اها ان وقت جي سدرن ڪمانڊر جنرل عاصم سليم باجوه ڪئي هئي. جيڪڏهن نواز شريف سچو آهي ته ان مان ثابت ٿيو ته پيپلزپارٽي ان وقت عاصم سليم جي هدايت تي اهو سڄو ڪم ڪيو هو. انهن ڏينهن ۾ ن ليگ به واضح طور آصف زرداري مٿان پنهنجي صوبائي حڪومت ختم ڪرائڻ جو الزام هنيو هو. پر هاڻي جڏهن نواز شريف اها ڳالھه ڪئي ته ان باري ۾ ڪٿي به ڪو سوال نه اٿاريو ويو.
مخالف ڌر جي ايندڙ مهيني کان شروع ٿيندڙ تحريڪ، جنهن ۾ اسٽيبلشمينٽ مخالف جذبات گهڻا اڀريل هوندا، ان ۾ پيپلزپارٽي ڇا ڪندي؟ خاص ڪري اي پي سي کانپوءِ بلاول ڀٽو زرداري جيڪا پريس ڪانفرنس ڪئي ان ۾ به اسٽيبلشمينٽ لاءِ اها سختي نه هئي جيڪا نواز شريف جي لهجي ۾ هئي. اها ڳالھه ته واضح آهي ته مخالف ڌر جون جماعتون هن حڪومت خلاف عارضي بنيادن تي گڏ ٿيون آهن، پر ان باجود سڀني جا پنهنجا پنهنجا مفاد آهن، پيپلزپارٽي جيستائين سنڌ حڪومت قربان ڪرڻ لاءِ تيار نٿي ٿئي تيستائين هي تحريڪ نتيجه خيز نه ٿي سگهندي، ۽ ان ڳالھه جو امڪان تمام گهٽ آهي، ڇاڪاڻ ته پيپلزپارٽي کي اندازو آهي ته نواز شريف، شهباز شريف يا مولانا لاءِ هو ايترو اڳتي ڇو وڃي، جتان واپسي جو رستو به نه هجي!  ان ڪري هن تحريڪ جي ڪمزور سپاهي آصف زرداري آهي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *