تازا ترين
  • *عادلپور ويجهو بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب نوجوان فوت *ڳوٺ رمضان ڪولاچي ۾ بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب 35ورهين جو عبدالقدوس ڪولاچي فوت ٿي ويو*
  • *حيدرآباد: ڪسٽم انٽيلينجس جي سعيد آباد ۾ ڪارروائي، انڊيا کان اسمگل ٿيل آرٽيفيشل جيولري هٿ *اسمگلر آرٽيفيشل جيولري کي چين جي ظاهر ڪئي: ڪسٽم: ذريعا *آرٽيفيشل جيولري اصل انڊيا کان اسمگل ڪئي وئي آهي:ڪسٽم ذريعا *آرٽيفيشل جيولري جي ماليت تقريبن 29ملين رپيا آهي:ڪسٽم ذريعا *
  • *ملڪاڻي شريف: ايل بي اوڊي سم نالي سميت ننڊن ٻين نالن کي لڳل گھارن جو پاڻي نيڪال نه ٿيو *گهارن سبب سوين ڪچا گھر ڪري پيا، سوين ايڪڙن تي بيٺل فصل تباهه *پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف سنڌ آبادگار ۽ عوامي تحريڪ جي ڪارڪنن جي اڳواڻي ۾ احتجاج *پاڻي نيڪال جا لنگھه بند ٿيڻ ڪري ھر سال برساتن دوران نقصان ٿيندو آهي: احتجاج ڪندڙ*
  • *ميرپورخاص ۾ ٻوڏ متاثرن جو واهر نه ٿيڻ خلاف احتجاج، راشن من پسند ماڻهن ۾ ورهائڻ جا الزام *فاقا ڪشي واري زندگي گهاري رهيا آهيون، واهر ڪئي وڃي: احتجاج ڪندڙ ٻوڏ متاثر*
  • *نوشهروفيروز: ڀرٽ ۽ سولنگي تڪرار کي ختم ڪرائڻ لاءِ وڪيلن جو منٿ ميڙ قافلو سولنگين وٽ پھتو *قافلو پهرين مرحلي ۾ سولنگي برادري وٽ مناهي پهتو، سولنگي برادري پاران مھلت طلب *سولنگي ۽ ڀرٽ ڌرين ۾ هلندڙ تڪرار ۾ هن وقت تائين ٻنهي ڌرين جا 4 ڄڻا قتل ٿي چڪا*
  • *کپرو: نوجوان شھريار قائم خاني جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف وارثن جو احتجاجي مظاهرو *هڪ مهينو گذرڻ باوجود پوليس جوابدار گرفتار ناهي ڪري سگهي: احتجاج ڪندڙ *پوليس قاتلن کي پروٽوڪول ڏئي رهي آهي: پيءُ علي قائمخاني*
  • *جوهي ۾ بدامني خلاف شهرين جو ٿاڻي آڏو احتجاجي مظاهرو *ٻوڏ جي ماريل ماڻهن جو ڏوهارين به جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي: احتجاج ڪندڙ *پوليس ۾ ساٿاري ۽ ڀوتارن جي پٺڀرائي هجڻ ڪري ڏوهاري سرعام گهمي رهيا آهن: احتجاج ڪندڙ *
  • *جاتي: برساتن کانپوءِ گندو پاڻي واپرائڻ سبب گيسٽرو جي مرش ۾ واڌ، اسپتال ۾ دوائن ۽ بيڊن جي کوٽ *اسپتال ۾ بيڊن جي کوٽ سبب مريض وارڊن ۾ فرش تي پيل، دوائون نه ملڻ جون به دانهون *
  • *ڄامشورو: بنيادي سهولتن جي کوٽ خلاف جدوجهد ڪميٽي پاران 24 ڪلاڪن واري علامتي بک هڙتالي ڪئمپ قائم *ڄامشورو اوور هيڊ برج هيٺيان لڳايل ڪئمپ ۾ وڏي انگ ۾ سياسي توڙي سماجي اڳواڻ ۽ شهري شريڪ *ڪامورن علمي درسگاهن جي شهرکي تباهه ڪري ڇڏيو آهي: اڳواڻ *شهر ۾ پاڻي جي کوٽ سميت رستن ۽ گهٽين ۾ گندگي جا ڍير لڳل آهن:احتجاج ڪندڙ *شهر مان اڃا تائين برساتي پاڻي نيڪال ناهي ٿي سگهيو، ضلعي انتظاميا ڪو ترقياتي ڪم ناهي ڪرايو: اڳواڻ*
  • *سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ پاران تيار ڪيل نائين ڪلاس جو بائلاجي ڪتاب ۾ ڇپيل سيليبس ۽ بورڊ طرفان ڏنل سيليبس ۾ فرق *بورڊ پاران جاري ڪيل ليٽر وارا سيليبس ڪتاب ۾ موجود ئي نه آهن: استاد *سيليبس ۾ فرق هئڻ ڪري اسڪولن جا شاگرد ۽ استاد پريشان *بورڊ پاران جاري ڪيل ليٽر وارا سنڌ ٽيڪسٽ بورڊ جي ڪتابن جي کوٽ*
  • *اسلام آباد: ام رباب جي ٽن گهرڀاتين جو قتل ڪيس، سپريم ڪورٽ پاران روپوش جوابدار گرفتار ڪرڻ جو حڪم *چيف جسٽس جي سربراهي ۾3 رڪني بينچ 24 سيپٽمبر جي ٻڌڻي جو حڪم نامو جاري ڪيو *عدالت پاران ڊي آءِ جي حيدرآباد پاران پيش ڪيل رپورٽ تي عدم اطمينان جو اظهار *ڊي آءِ جي ايندڙ ٻڌڻي تي روپوش جوابدارن کي گرفتار ڪري عدالت کي آگاهه ڪري: حڪم نامو*
  • *اسلام آباد: بحريا ٽائون ڪراچي پاران قسطن جي ادائيگي لاءِ 2 سال مهلت گهرڻ بابت ڪيس جو حڪم نامو جاري *سپريم ڪورٽ 16 سيپٽمبر جي ٻڌڻي جو تحريري حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو *بحريا ٽائون جي وڪيل پاران درخواست واپس وٺڻ جي بنياد تي ڪيس اڪلايو ويو آهي: حڪم نامو *بحريا ٽائون 460 ارب رپيا ادا ڪرڻ لاءِ قسطن ۾ٻن سالن تائين مهلت گهري هئي *
  • *عمرڪوٽ ويجهو زميندار جي نجي جيل تي ڇاپو، 27 هاري بازياب *ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج عمرڪوٽ جي حڪم تي پوليس ڪارروائي ڪئي *بازياب ڪرايل هاري فرسٽ ايڊيشنل سيشن جج عمرڪوٽ جي عدالت ۾پيش *
  • *حيدرآباد تعليمي بورڊ ڏهين جماعت جي 2020 جي نتيجا جاري ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو *ڏهين جماعت جي سائنس ۽ جنرل گروپ جا نتيجا اڄ شام 5وڳي جاري ڪيا ويندا*
  • *دادو: ميهڙ ۾ ٽن ڄڻن جي قتل ڪيس جي ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ ۾ ٻڌڻي *مقتولن جي وارث اِم رباب چانڊيو سميت سردار احمد چانڊيو، ايم پي اي برهان خان چانڊيو ۽ ٻيا جوابدار عدالت ۾ پيش *سردار احمد ۽ برهان کي جوابدارن واري ڪٽهڙي ۾ ويهاريو ويو، وڪيلن جا دليل جاري*

حڪمران سنڌ جي عوام کي سرڙيو هاري سمجهن ٿا

اسان جي ملڪ ۽ خاص ڪري سنڌ جي عوام جي بدقسمتي آهي جو هڪڙي وارڊ جي ڪائونسلر کان وٺي صوبائي ۽ قومي اسيمبلي جي جنهن نمائندي کي ووٽ ڏئي ٿي، اهي چونڊيل نمائندا مصيبت وارين گهڙين ۾ عوام جي ڪنهن به قسم جي واهر ڪرڻ لاءِ تيار نه هوندا آهن. ڄڻ ته نمائندا پاڻ کي ان ڪري چونڊرائيندا آهن ته ادارن جي بجيٽ ۽ فنڊ هڙپ ڪبا، پر عوام جي ڀلائي جا ڪم نه ڪبا. ٻي دنيا جي ملڪن جا حڪمران سئو سئو سالن لاءِ رٿائون جوڙيندا آهن ۽ پوءِ ان تي عمل ڪندا آهن، پر پاڻ وٽ چونڊيل حڪمرانن کي ڪوبه کٽڪو ناهي. سنڌ جي عوام سان اهڙو حشر گذريل 73 سالن کان جاري آهي. هن وقت جڏهن سنڌ ۾ زوردار برساتون پيون آهن، سڄي سنڌ ٻڏي ويئي آهي، سم نالن، ايل بي او ڊي، آر بي او ڊي، واهن، شاخن کي گهارا لڳا آهن، سوين ڳوٺ پاڻي هيٺ آهن ۽ هاڻي گهارن جي پاڻي شهرن ڏانهن رخ رکيو آهي، هزارين ماڻهن لڏ پلاڻ ڪئي آهي، متاثر ماڻهو روڊن جي ڪنارن سان بکيا ۽ اڃيا ويٺل آهن، مال مري ويا آهن، گهر ڊهي ويا آهن، ڪپهه، مرچ، ڪمند ۽ ٻيا فصل ٻڏي ويا آهن، اهڙي صورتحال ۾ چونڊيل نمائندا گم ٿي ويا آهن. ڪراچي لاءِ وزير اعظم عمران خان، صدر عارف علوي ۽ ويندي آرمي چيف نوٽيس ورتو آهي، نيشنل ڊزاسٽر مينجمينٽ اٿارٽي جو چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل محمد افضل صاحب به گڏجاڻيون ڪري پيو، اها سٺي ڳالهه آهي ته ڪراچي ۾ برساتي پاڻي جي نيڪالي لاءِ وفاق نوٽيس ورتو آهي، پر باقي سنڌ ڄڻ ته وفاق جي نظر ۾ ملڪ جو حصو ئي نه آهي. سنڌ جي ماڻهن سان وفاق جو اهڙو رويو نه رڳو افسوسناڪ آهي، پر سنڌ جي ماڻهن لاءِ پيغام آهي ته انهن پي ٽي آءِ جي نمائندن کي ووٽ نه ڏنا آهن، تنهن ڪري باقي سنڌ جي عوام جي واهر ڪرڻ وفاق جي ذميواري نه آهي. ڪراچي مان خاص ڪري ڊفينس ۽ ڪلفٽن جي علائقن مان گذريل ڇهن ڏينهن کان برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف ڊفينس ۽ ڪلفٽن جي رهواسين ڪالهه ڪنٽونمينٽ آفيس اڳيان احتجاج ڪيو آهي، آفيس جا دروازا ٽوڙي آفيس ۾ داخل ٿيا ۽ عملو ٻئي دروازي مان فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. اردو چئينلن جي ڪوريج جو به گهڻو زور ڪراچي تي آهي، جڏهن ته باقي سنڌ جي دربدر هزارين ماڻهن جو آواز گم آهي، اردو ميڊيا کي به ڪراچي کان سواءِ باقي ضلعن جا متاثر ماڻهو نظر نٿا اچن.
سنڌ سرڪار گذريل ڏينهن مڪاني ادارن کي ٽوڙڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي، ميئرز، ڊپٽي ميئرز ۽ چيئرمينز سميت لوڪل گورنمينٽ جي سمورن نمائندن کي گاڏين توڙي ٻيون سرڪاري رعايتون واپس ڪرڻ جو حڪم ڪيو آهي، لوڪل گورنمينٽ جي چونڊيل نمائندن جي حيثيت 31 آگسٽ کان ختمٿي وئي . هونئن به بلدياتي ادارن جو ڪوبه ڪردار نه رهيو آهي. گذريل چار سالن ۾ کربين روپيا ضلعن جي بلدياتي ادارن کي جاري ٿيا، پر شهرن جي حالت ڏسبي ته ڪاري وارا ڪک آهن. سنڌ جا سمورا شهر کنڊرن جو ڏيک ڏيئي رهيا آهن. هن وقت برسات واري صورتحال ۾ سمورن شهرن جي بلدياتي ادارن جي پت چڱي طرح وائکي ٿي چڪي آهي. برساتي پاڻي ماڻهن جي گهرن مان نيڪال نٿو ٿئي، ان کان اڳ عدالتي حڪم تي جوڙيل پاڻي ڪميشن رپورٽ ڪيو هو ته سنڌ جي 18 مک شهرن جا شهري گندو گٽرن وارو پاڻي پيئن ٿا. بلدياتي ادارا پنهنجي شهرين کي پيئڻ جو صاف پاڻي به فراهم ڪري نه سگهيا آهن. هڪ طرف بلدياتي ادارن جي صورتحال ان قسم جي آهي ته ٻئي طرف سنڌ جي آبپاشي کاتي به گهٽ نه ڪئي آهي. گذريل پيپلز پارٽي جي 13 سالن ۾ کربين روپيا واهن، شاخن، سم نالن، ايل بي او ڊي ۽ آر بي او ڊي جي کاٽين تي خرچ ڪيا ويا، پر صورتحال ساڳين بلدياتي ادارن واري آهي. سم نالن ۽ خاص ڪري ايل بي او ڊي جي صورتحال انتهائي خطرناڪ آهي. سم نالا ابتا وهي رهيا آهن. گهارا پوڻ سبب بدين، ميرپور خاص، عمر ڪوٽ، سانگهڙ، سجاول، دادو، ٽنڊو محمد خان سميت ٻين ضلعن جا سوين ڳوٺ ٻڏي ويا آهن. ڪٿي به ڪو آبپاشي جو عملو نظر نٿو اچي. ڄڻ ته آبپاشي جو کاتو وجود ئي نٿو رکي. وزير اعلى سيد مراد علي شاهه صاحب مهرباني ڪري ميرپور خاص، عمر ڪوٽ، بدين ۽ سجاول جي ڊي سيز کي فون ڪيا آهن، سيد مراد علي شاهه پاران سمورن ڊي سيز کي عوام جي هر طرح سان مدد ۽ تعاون ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي، وڏي وزير جو چوڻ هو ته متاثر ماڻهن کي محفوظ هنڌن تي منتقل ڪيو وڃي، متاثرن کي خوراڪ ۽ پيئڻ لاءِ پاڻي مهيا ڪيو وڃي، سمورا ڊپٽي ڪمشنرز مون کي هر ڪلاڪ کان پوءِ رليف جي ڪمن بابت آگاهه ڪن. وزير اعلى صاحب به فون تي ڪم هلائي رهيو آهي. ضلعن جا ڊپٽي ڪمشنر ماڻهن جي اهڙي ئي واهر ڪندا جهڙي انهن ڪورونا واري صورتحال ۾ ڪئي. لاڪ ڊائون واري صورتحال ۾ دعوى ڪئي ويئي ته ماڻهن کي گهر ويٺي راشن پهچايو ويو آهي ۽ پوءِ سڀني ڏٺو ته سپريم ڪورٽ ۽ سنڌ هاءِ ڪورٽ طرفان انگ اکر گهرڻ باوجود به سنڌ سرڪار نالا پيش نه ڪري سگهي ته راشن ڪنهن ڪنهن کي ڏنو ويو آهي. گهارن جا هزارين متاثر ماڻهو روڊن جي ڪنارن تي بي يار مددگار ويٺل آهن. انتظاميا کين کاڌو، پيئڻ لاءِ صاف پاڻي ۽ ٽينٽ به ڏيڻ لاءِ تيار نه آهي.  وفاق ۽ اردو ميڊيا جي دٻاءُ جي ڪري سنڌ جو وڏو وزير ڪراچي ۾ برساتي پاڻي ۾ فوٽو سيشن ڪري ٿو ۽ سڄي پاڪستان کي ٻڌائي ٿو ته آئون ڪراچي ۾ موجود آهيان، پر وزير اعلى صاحب بدين، ميرپور خاص، دادو، سجاول، سانگهڙ، ٽنڊو محمد خان ۾ سم نالن، شاخن، واهن ۽ ايل بي او ڊي جي گهارن ۾ اچي تصوير ڪڍرائڻ لاءِ به تيار نه آهي. جيڪڏهن اردو ميڊيا مسلسل بدين يا ميرپور خاص جي گهارن ۽ دربدر ٿيندڙ ماڻهن جي مسلسل ڪوريج ڪندي رهي ها ته وزير اعلى صاحب هنن ضلعن ۾ موجود رهي ها ۽ ماڻهن جي ڪجهه نه ڪجهه واهر به ٿئي ها. سنڌ جا حڪمران سنڌ جي ماڻهن کي سرڙيو هاري سمجهي ووٽ وٺي مصيبت وارين گهڙين ۾ گم ٿي وڃڻ بدران متاثر ماڻهن جي حقيقي واهر ڪن ۽ جاچ ٿيڻ گهرجي ته سم نالن، واهن، شاخن، ايل بي او ڊي ۽ آر بي او ڊي جون کاٽيون ڇو نه ٿيون، ماڻهن کي هٿ وٺي ڇو ٻوڙايو ويو آهي؟ ان عمل ۾ ملوث ڏوهارين کي وائکو ڪيو وڃي ۽ عوام جي تڪليفن ۽ اهنجن جو تدارڪ ٿيڻ گهرجي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *