تازا ترين
  • پ پ تاريخي اي پي سي ڪوٺرائي، نواز شريف واضع۽ تفصيلي تقرير ڪئي: پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري*گلگت بلتستان معاملي تي ڳالهائڻ لاءِ رابطو ڪيو ويو، ملڪ ۾ جمهوري آزادي چاهيون ٿا:بلاول *
  • *اسلام آباد: جعلي بئنڪ اڪائونٽس اسڪينڊل ۾ سنڌ روشن پروگرام ڪيس جي جاچ وارو معاملو *نيب راولپنڊي فرنٽ مين اياز صديقي کي ڪراچي مان گرفتار ڪري ورتو: ذريعا *اياز صديقي جعلي اڪائونٽ ۾ ڪروڙين رپيا جمع ڪرايا: نيب ذريعا*
  • *ڄام نواز علي: ڇتو ڪتو مارڻ جي ڪوشش دوران نوجوان مارجي ويو *ڳوٺ ديوان گلاب راءِ ۾ ڳوٺاڻي ڇتي ڪتي کي مارڻ لاءِ فائر ڪيو ته گولي نوجوان مادو ڪولهي کي لڳي: پوليس *پوليس واقعي واري هنڌ پهچي نوجوان جو لاش تحويل ۾ وٺي جاچ شروع ڪري ڇڏي*
  • *گهارو شهر ۾ واپاريءَ کان ڦر ڪندڙ جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف شٽربند هڙتال *2ڏينھن اڳ واپاري گڊو کان 9لک رپيا ڦر ڪرڻ بعد جوابدارن گوليون هڻي زخمي ڪيو هو *واقعي کي 48 ڪلاڪ گذرڻ باوجود پوليس جوابدار گرفتار نه ڪري سگهي آهي: احتجاج ڪندڙ واپاري*
  • *اسلام آباد: العزيزيه ۽ ايون فيلڊ ريفرنسز ۾ سزا خلاف نواز شريف جي اپيل تي ٻڌڻي *مريم نواز ۽ ڪيپٽن (ر) صفدر احتساب عدالت ۾ پهچي ويا *عدالت نواز شريف کي بري ڪرڻ واري فيصلي خلاف نيب جي اپيل تي به ٻڌڻي ڪندي *ن ليگ جي نائب صدر مريم نواز جي پيشيءَ جي موقعي تي عدالت ٻاهران سڪيورٽي جا سخت انتظام *
  • *ڀان سيدآباد: قومپرست اڳواڻ مولا بخش لغاري بيماري وگهي لاڏاڻو ڪري ويو *مولابخش لغاري جي جنازي نماز اڄ سخي سيد سليمان شاهه عيدگاهه تي ادا ڪئي ويندي*
  • *پنوعاقل پوليس جي نجي ٽارچر سيل ۾ مبينا طور تي فيصل آباد واسي وڪيل ميان اعجاز آرائين جي قتل وارو معاملو *ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو عرفان بلوچ پوليس اهلڪارن ۽ ڪجهه خانگي ماڻھن کي وڪيل جي قتل ۾ ملوث قرار ڏئي ڇڏيو *ڊي آءِ جي لاڙڪاڻي پاران ايڊيشنل آءِ جي سکر ڏانھن انڪوائري رپورٽ موڪلي ڇڏي *وڪيل ميان اعجاز آرائين کي ڊي ايس پي مسعود مهر جي حڪم تي گرفتار ڪيو ويو: انڪوائري رپورٽ *وڪيل پوليس جي غيرقانوني حراست ۾ فوت ٿيو ۽ لاش پنجاب ۾اڇلايو ويو : انڪوائري رپورٽ *انڪوائري رپورٽ ۾ اي ايس آءِ غلام مصطفيٰ ميراڻي، ڪانسٽيبلز درگاهه ڏنو، نصير ۽ سرمد يعقوب بيگناھه قرار*
  • *سنجهورو ۾ شهرين پاران بجلي جو سڙيل ٽرانسفارمر تبديل نه ٿيڻ خلاف ڌرڻو، ٽريفڪ معطل *ڌرڻي سبب ڪيترن ئي ڪلاڪن کان شهدادپور، سانگهڙ ۽ سنجهورو روڊ تي ٽريفڪ معطل، مسافر پريشان *4مهينن کان بجلي جو ٽرانسفارمر خراب آھي، ڪيترائي ڀيرا دانهڻ باوجود تدارڪ نه ٿيو: مظاهرين*
  • *ڪراچي: سنڌ سرڪار جي 6کاتن ۾ 3 سيڪريٽريز مقرر ٿيل *اهم کاتا من پسند سيڪريٽرين کي اضافي چارج طور حوالي ڪيا ويا *تعليم، لائيو اسٽاڪ ۽ فاريسٽ کاتو مستقل سيڪريٽري کان محروم *زراعت جي سيڪريٽري رحيم سومروکي فاريسٽ جي سيڪريٽري جي اضافي چارج مليل *ثقافت کاتي سيڪريٽري اڪبر لغاري وٽ لائيو اسٽاڪ کاتي جي سيڪريٽري جي اضافي ذميواري *سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ جي چيئرمين احمد بخش ناريجو کي سيڪريٽري تعليم جي اضافي چارج مليل *20هين گريڊ جا ڪامورا بحران باوجود سائيڊ پوسٽن تي ويهاريل*

حيدرآباد کي برسات نه انتظامي نااهلي ٻوڙي ڇڏيو

“پاڻي مٿي جهوپڙا، مورک اڃ مرن.” عام طور اهو پهاڪو انهن حالتن ۾ ڏنو ويندو آهي جڏهن ماڻهو درياهه يا ڪنهن واهه مٿان گهر اڏي پر کيس پيئڻ لاءِ پاڻي نصيب نه ٿئي! سنڌ جي ٻئي نمبر وڏي شهر حيدرآباد سان به اها ئي ساڳئي ڪار آهي. شهر جي پاسي مان ڀاڪر ڀري گذرندڙ سنڌو درياهه ۽ شهر جي وچان وهندڙ صاف پاڻي جا سڄا سارا 3 واهه هوندي به هن شهر جا واسي اڪثر اڃ مرندا آهن. درياهه ۽ پاڻي جي لنگهه جا واهه هوندي به برساتن ۾ هي شهر ٻڏي ويندو آهي ۽ ذري گهٽ رستن تي ٻيڙيون هلائڻ جهڙي صورتحال پيدا ٿي ويندي آهي. تازين برساتن جي اڳڪٿي 4 مهينا اڳ کان ٿيل هئي ۽ موسميات کاتي بار بار خبردار پئي ڪيو ته ڪراچي جيان حيدرآباد ۽ لاڙ سنڌ جا ٻيا شهر برسات جي ڪري شهري ٻوڏ جو شڪار ٿي سگهن ٿا ان ڪري ان ٻوڏ کان بچڻ لاءِ اڳواٽ اپاءُ ورتا وڃن. مون کي ياد آهي ته برساتن جو الرٽ جاري ٿيندي حيدرآباد جي ڊويزنل ۽ ضلعي انتظاميا پاڻي نيڪال جي حوالي سان ساندهه گڏجاڻيون شروع ڪيون پر جڏهن سومر جي شام کان شروع ٿيندڙ هلڪي برسات رات جو 12 بجي کانپوءِ پنهنجا جلوا ڏيکارڻ شروع ڪيا تڏهن ٽن مهينن کان انتظاميا جي جڙندڙ حڪمت عملي ڪنهن به ڪم اچي نه سگهي ۽ نيٺ منو شهر برساتي پاڻي جي لپيٽ ۾ اچي ويو هو جيڪو پاڻي هي سٽون لکڻ تائين شهر مان نيڪال نه ٿي سگهيو هو. حيدرآباد شهر مان برساتي پاڻي نيڪال ڇو نٿو ٿئي؟ اهو گذريل 25 سالن جو هڪ اهڙو سوال آهي جنهن جو حل ڪميشن جا ڏکيا امتحان پاس ڪري وڏين ڪرسين تي ويهندڙ آفيسر صاحبان اڃان تائين ڳولي نه سگهيا آهن. ڏٺو وڃي ته حيدرآباد شهر ۾ ڊرينيج سسٽم نالي ڪا به آفت موجود ڪانهي جيڪا شهر جو پاڻي نيڪال ڪري کڻي وڃي. شهر ۾ برابر درجنن جي حساب سان ننڍا وڏا ڊرينيج نالا موجود آهن پر انهن جي صفائي سالن کان نه ٿيندي آهي جنهن ڪري برسات جو پاڻي ته ٺهيو پر شهر جي عام واهپي جو پاڻي به نيڪال ٿيڻ مشڪل هوندو آهي. بنيادي طور شهر جي صفائي سٿرائي رکڻ، گندو پاڻي نيڪال ڪرڻ ۽ شهر کي خوبصورت بڻائڻ لاءِ ادارا موجود آهن. انهن ادارن ۾ شهري ترقي وارو ادارو ايڇ ڊي اي، ان جي ماتحت ادارو واسا، حيدرآباد ميونسپل ڪارپوريشن ۽ ميونسپل ڪميٽي قاسم آباد شامل آهن. شهري ترقي واري اداري ايڇ ڊي اي وٽ اربين رپين جي بجيٽ موجود آهي پر ان جي ماتحت اداري واسا وٽ ملازمن کي پگهارون ڏيڻ لاءِ هڪ رپيو به موجود نه آهي. حيدرآباد ميونسپل ڪارپوريشن وٽ روينيو حاصل ڪرڻ لاءِ انيڪ منصوبا آهن جن مان هڪ اندازي مطابق ماهوار ڪروڙين رپيا آمدني ٿئي ٿي پر اها آمدني سرڪاري اڪائونٽ ۾ وڃڻ بدران ڀتي جي صورت ۾ ميونسپل جي مخصوص ماڻهن حوالي ٿي ويندي آهي. ميونسپل ڪميٽي قاسم آباد وٽ به آمدني جا کوڙ ذريعا هوندا ۽ وڌيڪ ذريعا پيدا به ڪري سگهجن ٿا پر هن تعلقي تي وڏيرڪي سياست جو راڄ آهي ان ڪري عام خلق سدائين سورن ۾ رهي ٿي. انهن ادارن کي مانيٽر ڪرڻ لاءِ ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد وٽ به اختيار آهن. ڊويزن جي معاملن کي ڏسڻ لاءِ ڊويزنل ڪمشنر جي آفيس به حيدرآباد ۾ قائم ٿيل آهي. اهي سڀئي ادارا هوندي به حيدرآباد پيئڻ جي پاڻي کان محروم هجي ٿو ۽ جڏهن برسات پوي ٿي ته ٻوڏ جهڙي صورتحال پيدا ٿي ويندي آهي. پاڻ انهن ادارن جي ماضي جي ڪارڪردگي تي نٿا ڳالهايون ڇاڪاڻ ته بحث ڊگهو ٿي ويندو ۽ هڪ مضمون ۾ ان موضوع سان انصاف به نه ٿي سگهندو. پاڻ رڳو ڊويزنل ۽ شهري انتظاميا جي ٽن مهينن جي سرگرمين تي ٿورڙو بحث مباحثو ٿا ڪريون. برسات جو الرٽ جاري ٿيندي ئي ڊويزنل انتظاميا شهر جا نالا صاف ڪرائڻ لاءِ هدايتون جاري ڪيون. سنڌ سرڪار 4 ڪروڙ رپيا فنڊ به ڏياري موڪليو. ڊويزنل ڪمشنر جو خيال هو ته شهري ادارا ڪرپٽ آهن ان ڪري نالن جي صفائي ايف ڊبليو او کان ڪرائي وڃي. ايف ڊبليو او کي اهڙو عرض به لکت ۾ ارسال ڪيو ويو. ايف ڊبليو او شهر جي نالن جي صفائي لاءِ سروي به ڪئي پر پوءِ اوچتو ان اداري شهري علائقن جا نالا صاف ڪرائڻ واري ڪم جو ٺيڪو کڻڻ کان معذرت ڪري ڇڏي. هڪ مهينو اڳ اها معذرت ڊويزنل انتظاميا کي موصول ٿي. پوءِ فيصلو ڪيو ويو ته نالن جي صفائي جو ڪم واسا کان ڪرايو وڃي ۽ ان جي نگراني ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد پاڻ ڪري. هنگامي صورتحال ۾ نالن جي صفائي جو ڪم واسا جي ذمي ڪيو ويو، جنهن ٺيڪيدار به گهرايا ۽ ڪم به شروع ڪرايو پر شهر جا نالا مڪمل طور صاف نه ٿي سگهيا جنهن ڪري جيترا به نالا صاف ٿيا تن جو شهرين کي ڪو لاڀ حاصل ٿي نه سگهيو. سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته جڏهن برسات جي آمد ۾ 3 مهينا وقفو هو تڏهن کان ئي جيڪر هڪ هڪ ڪري نالا صاف ڪرايا وڃن ها ته لڳ ڀڳ هڪ مهيني اندر شهري نالا صاف ٿي وڃن ٿا ۽ اهڙو هاڃو برپا نه ٿي ها جهڙي صورتحال هاڻي برساتن ۾ پيدا ٿي آهي. ان ڳالهه ۾ ڪو شڪ نه آهي ته واسا جون پمپنگ اسٽيشننز بجلي تي هلن ٿيون ۽ بجلي برسات جي ڦڙي پوندي ئي غائب ٿي ويندي آهي ان ڪري پاڻي جي نيڪال ۾ وڏا مسئلا پيش ايندا آهن. سومر ۽ اڱاري واري رات به ايئن ٿيو. هوڏانهن مينهن اک ڏيکاري ۽ هيڏانهن حيسڪو مينهن جون اکيون ڏسي شهر کي اونداهه جي ورچاڙهي ڇڏيو. ظاهر آهي ته بجلي نه هجڻ جي ڪري واسا جون پمپنگ اسٽيشننز متاثر ٿيون هونديون پر متبادل طور جڏهن ڊيزل تي پمپنگ اسٽيشنز هليون پئي تڏهن به آخر ايترو پاڻي نيڪال ڇو نه ٿي سگهيو جيترو ٿيڻ گهرجي ها. حيرت ته ڪمشنر حيدرآباد جي ان وڊيو بيان تي به ٿي جنهن ۾ هن حيسڪو جي ڪنٽرول روم ۾ ويهي اها دعويٰ ڪئي ته برسات واري رات حيسڪو جي ڪارڪردگي اڳي کان بهتر هئي ۽ بجلي ساندهه هلندي رهي جنهن ڪري شهر مان پاڻي نڪرندو رهيو ۽ هن اها به دعويٰ ڪئي ته 5-6 ڪلاڪن ۾ بيٺل پاڻي نڪري ويندو ۽ شهر صاف سٿرو نظر ايندو. حيرت، کل، افسوس ۽ ڏک جهڙي ڳالهه اها هئي ته جنهن وقت ڪمشنر حيدرآباد جو وڊيو بيان حيسڪو ترجمان پنهنجي گروپ ۾ رکيو تنهن مهل ان ترجمان اهو بيان به رڪارڊ تي آندو ته حيسڪو ريجن جا 88 ۽ حيدرآباد شهر جا 22 فيڊر بند پيل آهن جن جي بحالي جو ڪم هلندڙ آهي. حيدرآباد کي سنڀالڻ برابر موجوده ڊويزنل ڪمشنر جهڙن آفيسرن جي وس جي ڳالهه نه آهي. جيڪڏهن اهڙن آفيسرن کان شهر سنڀاليو نٿو ٿئي ته گهٽ ۾ گهٽ هو حيسڪو جي حمايت ۾ اهڙا بيان ته نه ڏين جنهن سان شهرين جي زخمن تي مرهم بدران لوڻ ٻرڪجي وڃي. ڪمشنر صاحب حيسڪو جي اعليٰ ڪارڪردگي جا ته ڳڻ ڳايا پر هن صاحب اهو نه ٻڌايو ته گذريل ٽن مهينن کان انهن جيڪا برسات جي تياري پئي ڪئي سا ڪهڙي ٻوڏ ۾ ٻڏي وئي؟ منهنجو پنهنجو خيال آهي ته جيڪڏهن برسات کي منهن ڏيڻ لاءِ ماڻهو وٽ ٽن مهينن جو وقت هجي ته اهو 140 ملي ميٽر برسات ته ٺهيو پر ڪنهن وڏي دريائي ٻوڏ کي به منهن ڏئي سگهي ٿو. جيڪڏهن ڪمشنر صاحب جي اها ڳالهه درست آهي ته حيسڪو بجلي چالو رکي ۽ پمپنگ اسٽيشنز به هلنديون رهيون ته پوءِ اهو به ٻڌايو وڃي ته اها ڪنهن جي نااهلي هئي جنهن جي ڪري شهر مان 140 ملي ميٽر برسات جو پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو؟ حيدرآباد ۾ 25 سال اڳ 200 ملي ميٽر کان وڌيڪ برساتون پونديون هيون ۽ پاڻي نيڪال ٿي ويندو هو. هاڻي ته 40 يا 50 ملي ميٽر جو پاڻي به خارج ڪرڻ وڏو مسئلو بڻيل آهي. اهو پاڻي خارج نه ٿيڻ جو بنيادي سبب پاڻي جا اهي لنگهه بند ڪرڻ آهي جن کي نيچرل وهڪرا سڏجي ٿو. شهر جو ماسٽر پلان ئي نه آهي ته پلاننگ ڪهڙي ٿي سگهندي. انهن برساتن دوران عزاداري جا ڏينهن به هلندڙ آهن. برسات ته سومر کان وسي پر ان کان هڪ ڏينهن اڳ به اڪثر ماتمي پڙن جا روٽ گندي پاڻي ۾ ٻڏل نظر آيا. شهر ۾ ايڇ ايم سي جا 3 هزار سوئيپرز مقرر ٻڌايا وڃن ٿا. انهن سوئيپرز مان ڪو هڪ سوئيپر به اسان کي شهر جا روڊ رستا ۽ گهٽيون صاف ڪندي نظر نٿو اچي. حيدرآباد مان پاڻي نيڪال ڪرڻ بنهه آسان آهي. بنيادي طور نيت جي سچائي جي ضرورت آهي جنهن جو پري پري تائين ڪو عڪس ۽ اولڙو نظر نٿو اچي. جنهن شهر جي وچ مان 3 واهه وهندا هجن ۽ پاسي کان درياهه به لنگهي ويندو هجي ان شهر جي برسات جي پاڻي جي نيڪال لاءِ ماڻهو پريشان هجن تنهن جي انتظاميا لاءِ ڪهڙا لفظ لکجن؟ ڪرڻو رڳو ايترو آهي ته هڪ دفعي شهر جو ماسٽر پلان تيار ٿئي، ان ماسٽر پلان تحت برساتي نالا کوٽي ڪنهن واهه ۾ ان جو ڇوڙ ڪرائجي، ڊرينيج جي نالن جي صفائي جو ڪم متواتر هلندڙ هجي، شهر جا روڊ رستا اهڙي طريقي سان ٺاهيا وڃن جو پاڻي روڊن تي بيهڻ بدران برساتي نالن ۾ هليو وڃي. جيڪڏهن بار بار ڪروڙين رپين جي رقم خرچ ڪرڻ بدران هڪ دفعي اربين رپين ۾ حيدرآباد تي رقم خرچ ڪئي وڃي ته ڪو سبب نه آهي جو سنڌ جو هي دلربا شهر برساتي پاڻي ۾ ٻڏي ڪنهن ڍنڍ جو ڏيک ڏيڻ لڳي. هڪ ڳالهه اها جيڪا هتي نه ڪرڻ گهرجي پر ڪرڻ ضروري به آهي، اها هي ته حيدرآباد شهر برسات نه پر انتظامي نااهلي ٻوڙي ٿي. انتظاميا اها ڳالهه قبول نه ڪندي پر حقيقت ڪجهه ان طرح ئي آهي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *