تازا ترين
  • *حڪومت مخالف تحريڪ ۾ استعيفائن جو آپشن آخري هوندو، گرفتاريون معنيٰ نٿيون رکن: يوسف رضا گيلاني*
  • *نيب هٿان گرفتار شهباز شريف لاهور جي احتساب عدالت آڏو پيش*ليگي اڳواڻ ۽ وڏي تعداد ۾ ڪارڪن به عدالت پهچي ويا، پارٽي قيادت جي حمايت ۾ مظاهرو*
  • شهباز شريف جي گرفتاري بعد مخالف ڌر سرگرم: پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جو اجلاس اڄ ٿيندو

جڏهن مون سنڌ جي ڳوٺن ۾ هوائي جهاز هلائڻ شروع ڪيو!

اڄڪلهه جا ڇوڪرا گهتون هڻندي،پاسا ڦيرائيندي موٽرسائيڪل تي سمهندي، بيهندي، ون ويلنگ ڪندي اهڙي تيز موٽرسائيڪل ٿا هلائين، جهڙو سندن پٺيان ڪتا لڳل هجن. کين نه پوليس وارا ٿا پادر هڻن نه مائٽ ٿا ڪن مروڙ ڪن. دنيا جي ڪنهن به ملڪ ۾ بجلي ڪا نه ويندي آهي. دنيا جا ننڍڙا ملڪ فجي، ڪويت، ڀوٽان ۽ سنگاپور آهن جيڪي ايراضي جي حساب سان پنهنجي ماتلي، ميروخان ۽ مانجهند جيترا مس آهن اتي به بجلي ڪا نه وڃي. اسان جو هيڏو سارو ملڪ بجلي اوچتو ڪلاڪن جا ڪلاڪ گم ٿيو وڃي. گهڻو ڪري ٻارن جي سمهڻ وقت! واپڊا وارن کي الائي ڪيئن ٿي خبر پوي سي چنيج اوور جو ليور مٿي ڪريو ڇڏين پوءِ ته ٻارڙن ۾ ڪيڪڙاٽ شروع ٿيو وڃن.
مون واپڊا جي هڪ وڏي آفيسر کي فون ڪري پڇيو ته توهان آڌين جو بجلي ڇو بند ڪندا آهيو؟ چيائين ان ڪري جو اوهان نڀاڳ جي ننڊ ڇڏي اٿي عبادت ڪريو! چيم ننڊ مان اٿارڻ جو ڪم ته ڪتا به ڪندا آهن! چيائين اڳي برابر اهي ڪندا هئا پر جڏهن کان سرڪار ڪتا مار مهم ۽ ڪتن کي خصي ڪرڻ جو پروگرام شروع ڪيو آهي تڏهن کان انهن ڊيوٽي کان بائڪاٽ جو اعلان ڪيو آهي. هاڻي اهي فرائض به اسين سرانجام ڏيندا آهيون. چيومانس بروبر! جڏهن  ڪو صارف واڌو بل جي شڪايت کڻي توهان جي آفيس ايندو آهي ته توهان ان کي ڏاڙهيندا به آهيو! وڏو ٽهڪ ڏيئي چيائين واهه جو سڃاتو اٿئي! اسان جي ملڪ ۾ بسن ۽ وينن وارن به ڪورونا جي بچاءُ جي اصولن کي ٿڏي ڇڏيو آهي. آئون هڪ دفعي 1950 ماڊل جي هڪ کٽارا بس ۾ چڙهي ٺري کان کري پئي ويس. بس ۾ 140 مسافر سٿيل هئا. سڀ بنا ماسڪ جي. بس جا در ۽ دريون هيون ئي ڪو نه، چئني پاسي ڦاٽڪ کليل هئا. سيٽون واڏڻ سان ٻڌل هيون، استاد سندس سيٽ تي رڪشا جو ٽائر رکي ان مٿان ويٺل هو. بريڪ وري اهڙا هئا جو هڻڻ سان بس جو ٻوٿ هڪڙي پاسي ۽ پڇ ٻئي پاسي ڦري ويندو هو. بس جي نراڙ تي وري هي شعر لکيل هو “ نه انجن ڪي خوبي نه ڪمال ڊرائيور بس چلي جارهي هي خدا ڪي سهاري!” اهو پڙهي مون کي کل اچي ويئي. سوچيم اسان وارو ملڪ به انهي کٽارا بس وانگر پيو هلي. مون پاڪستان جي نقشي هيٺان هي شعر لکي ڇڏيو “نه صوبون مين خوبي نه وفاق مين لچهن بس چلا جا رها هي خدا ڪي سهاري” اسان وٽ جعلسازي به عروج تي آهي. ڊاڪٽر، ڊاڪٽرياڻيون، نرسون جعلي، حڪيم، عامل، مرشد ۽ فال وجهڻ وارا جعلي، ڊوميسائيل، ڊگريون، يونيورسٽيون، ليسن ۽ پرمٽون جعلي، پيٺل مرچ، ڌاڻا، بيدا، ڪوڪنگ آئل، ميڪ اپ جعلي، پيٽرول، آئل ۽ گاڏين جا پرزا جعلي، دوائون، ميڊيڪل رپورٽون ۽ بجلي جا بل جعلي، ڪوڙي شهريت ۽ ڪوڙين ڊگرين وارا چونڊجي آيل اسيمبلي ميمبر به جعلي! ٻيو ته ٺهيو پر جهاز اڏائيندڙ پائلٽن جا ليسن ۽ ڊگريون به جعلي. سڄي دنيا ۾ پي آءِ اي خوار!
هڪ دفعي مون کي به شوق ٿيو ته آئون به جهاز اڏاريان ۽ خوبصورت ايئر هوسٽس سان ڪچهريون ڪريان. ننڍي هوندي مون ڪاغذ مان ٺهيل الاهي جهاز اڏاريا هئا. انهي جو مون کي وسيع تجربو هو. انهي آڌار تي مون پنهنجي ڀلوڙ سئا مينهن وڪڻي، پئسا ور ۾ هنيا ۽ عمران خان کي راضي ڪرڻ لاءِ مون حليم عادل شيخ ۽ فردوس شميم نقوي کان سفارشي خط ورتا. واضح رهي ته فردوس شميم نقوي مرد آهي ان کي عورتاڻي نالي جي ڪري عورت نه سمجهيو وڃي. پوءِ مٺو مهيري کان اٺ وٺي ان تي چڙهي آئون وڃي اسلام آباد پهتس. مون اتي پئسا ڏيئي پائلٽ جي جعلي ڊگري ۽ ليسن ورتو. پوءِ وڃي عمران خان سان مليس. کيس سفارشي خط ڏيئي پائلٽ واريون سندون ڏيکاري، هڪ عدد جهاز گهريم. اول هن انڪار ڪيو پوءِ چيومانس يار دنيا وارن جي لڳايل پابندين کانپوءِ تو وٽ سوين جهاز واندا بيٺا آهن. هڪ مون کي ڏي ته وڃي اڊوڙي کان ڊاسوڙي، راڄي خاناڻي کان راڄي نظاماڻي، ڳيريلو کان ٻٻرلوءِ، غوث پور کان ڪرمپور، انڍالي کان دمبالي، ٻاگهلي کان ڏاهلي، کري کان ٺري، دٻهڙي کان کڏهڙي، جهڙن روٽن تي هوائي سروس هلائي جام پئسا ڪمايان. انهن پئسن مان چار آنا منهنجا چار آنا شوڪت خانم اسپتال کي فنڊ ڏيندس ۽ اٺ آنا توکي ڏيندس. انهن پئسن مان تون ڀلي وڃي ڪروڙ وڻ پوک، ملڪي معيشت کي مضبوط ڪر ته تنهنجي خلاف پيپلن، ليگلن ۽ ٻين مخالفن جو وات بند ٿئي. اهو ٻڌي عمران خان ڏاڍو  خوش ٿيو هن مون کي هڪ عاليشان جهاز ڪاهي ڏنو. مون کيس ٿينڪ يو چئي جهاز جا ڏانوڻ کوليا. کيس اسٽارٽ ڪري گيئر هڻي رن وي تي ڊوڙائي فلائنگ گيئر هنيو ته ابا جهاز آسمان تي پيو اڏامي آئون جهاز اڏاري ڳوٺ آيس ۽ رئيس گلڻ خان گول باڊي جي اوطاق جي وڏي گرائونڊ تي لاٿم. جهاز ڏسي ڳوٺ وارا ڏاڍا خوش ٿيا. سڀني مبارڪون ڏنيون جهاز جو ٻڌي کتيجان کلڻي به گهران نڪري آئي جيڪا نڀاڳي چار مهينا ڪورونا جي ڊپ کان گهر ۾ قرنطينه ٺاهيو ويٺي هئي تنهن ڪلام ٻڌايو آيا اڱڻ عجيب اهو اڱڻ چمان يا عجيب چمان! چيومانس عجيب کي تو  چار مهينا سڪايو هاڻي وڃي جهاز کي چم جنهن جي ڪري تون ٻاهر نڪتي آهين. ابا کتيجان وڃي جهاز کي چميون ڏنيون سندس وات مئن پڙين وارو هو سو جهاز تي داغ ٿي پيا. اهي مون قميص جي آڳنڌ سان اگهي ڇڏيا. مون واري ازلي دشمن قادن ڪوراڙ جهاز ڏٺو ته سڙي صفا ڪارو ڪوئلو ٿي ويو. مون جهاز تي ڏاڙهون ڏکايل کي ڪنڊيڪٽر ۽ نورل نماڻي کي ڪلينر ڪيو. گهڻا پئسينجر کڻڻ لاءِ مون سيٽن جي وچ ۾ کٽون رکرايون انهن جي واڏڻ ڇڪڻ لاءِ کجو کنڀڙاٽي کي مقرر ڪيو.
ٻئي ڏينهن اسان هوائي سروس شروع ڪري ڏني پر مٿي ذڪر ڪيل شهرن ۽ ڳوٺن ۾ هوائي اڏا هئا ئي ڪو نه. اسان مسافرن کي هدايتون ڏنيون ته پکين وانگر وڻن جي چوٽين تي چڙهي ويهن. اتي آئون جهاز آهستي ڪريان ته ڏاڙهون ڏکايل ۽ نورل نماڻو پئسينجرن کي بغلن مان ڇڪي اندر ڪن،. پئسينجرن جو ڳوٺ ويجهو اچي ته اتي بهه ۽ پراڙ جي دن مٿان کين ڌڪو ڏيئي لاهيون. پوءِ ته پئسن جا مينهن وسڻ شروع ٿي ويا. مون عمران خان وارا 12 آنا سلوار جي کيسي ۾ گڏ ڪيا ۽ پاڻ وارا چار آنا گڏ ڪري ڀنڊارين ۾ وڌا. پوءِ ٽي مسئلا پيدا ٿي پيا هڪ ته يار دوست ۽ مٽ مائٽ فري ۾ سفر ڪرڻ لڳا ٻيا پئسينجر وري اوڌر تي پيا سفر ڪن. ٽيون اخبارن ۽ ٽيوين ۾ خبر آئي ته جعلي ليسن وارن پائلٽن تي وٺ وٺان شروع ٿي وئي آهي. سوچيم متان آئون مسڪين ماڻهو به ٻڌجي وڃان. سو جهاز ڪاهي واپس وڃي عمران خان کي ڏنم ۽ سندس حصي جا پئسا به سلوار جي کيسي مان ڪڍي کيس ڏنم. عمران خان پئسا ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو. مون کانئس موڪلائي وڃي مٺو مهيري وارو اٺ کوليو جيڪو آئون هڪ ڄار ۾ ٻڌي آيو هئس ته ڀٽارو ڀلي پيو چري ان تي چڙهي اچي ڳوٺ پهتس. سوچيم ته صبح جو اٿي ڀنڊارين مان پئسا ڪڍي آئون قرض لاهيندس ۽ گهر لاءِ جام سيڌو سامان وٺي ايندس. صبح جو ننڊ مان اٿيس ته ڪاري وارا ڪک هئا. جهاز اڏارڻ وارا ڪارناما سڀ مون هڪ حسين خواب ۾ ڪيا هئا. اوچتو گهر ۾ سيڌو سامان نه هئڻ ڪري طوطن ماءُ، احسن اقبال، شاهد خاقان، سعيد مراد ۽ سعيد غني وارو روايتي ٽرڪو شروع ڪري ڏنو. مون کيس ڪنٽار ڪري اخبار پڙهڻ شروع ڪري ڏني.
هڪ خبر مون کي ڇرڪائي وڌو. جمعي 17 جولاءِ جي پنهنجي اخبار ۾ خبر شايع ٿي هئي ته ٺري ميرواهه جي وحشي صفت رٽائرڊ استاد سارنگ شر جي 8 سالن جي معصوم ٻار وقار جانوري ۽ ٽيوشن تي ايندڙ ٻين معصوم ٻارڙن سان بدفعلي، بليڪ ميلنگ ۽ سندن اگهاڙيون فلمون ٺاهڻ! خبر پڙهي منهنجا وار ڪانڊارجي ويا دل ۾ آيو ته هينئر ئي وڃي دونالي بندوق هڻانس. هل ڙي! استاد جهڙي پيغمبري پيشي کي هن بي رحم بي شرم ۽ بيغيرت انسان ڪيئن ته لڄايو آهي. شام جو پنج ٿيا ته طوطن ٿيلهو کڻي ٽيوشن تي وڃڻ لڳو. مون کانئس ٿيلهو ڦري ورتو ۽ چيومانس “پٽڙا ٽيوشن تي نه وڃ اڄڪلهه جا استاد وحشي ٿي پيا آهن تو جهڙن گلاب جي گلن جهڙن ٻارڙن سان بدفعلي ٿا ڪن”. طوطن روئي پيو چائين بابا توهين به ننڍي هوندي اسڪول ويندا هئا! چومانس ها پٽڙا! ان وقت جا استاد شفيق پيءُ جهڙا هئا. اڄڪلهه به هزارين استاد باڪردار آهن پر انهن ۾ سارنگ شر جهڙا ڪجهه مرون صفت استاد به پيدا ٿي پيا آهن. تنهن ڪري تون ٽيوشن تي نه وڃ! طوطن روئڻهارڪو ٿي ويهي رهيو. مون کي ڇو ٿي ڄڻيئي اهڙيون ڌيئر امان وارو ڪلام ڪجهه هن ريت ٻڌڻ ۾ آيو.
ڇو ٿي ڄڻيئي اهڙا پٽڙا امان!
هت پٽڙن کي استاد، رتورت ڪن ٿا امان!

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *