تازا ترين
  • *ڌرڻن دوران اڌ رات جو پيغام مليو ته استعيفيٰ ڏيو نه ته مارشلا لڳي سگهي ٿو، مون چيو استعيفيٰ نه ڏيندس، جيڪو ڪرڻو اٿو ڪيو: نواز شريف*سليڪٽيڊ وزيراعظم کي آڻيندڙ اصل ذميوار آهن، اليڪشن ۾ ڌانڌلي کي لکئي جو ليک سمجهي ماٺ ڪري نٿا ويهي سگهون*اڄ پارليامينٽ کي چونڊيل نمائندن بدران ڪو ٻيو هلائي رهيو آهي: نواز شريف جو لنڊن مان پارٽي جي سي اي سي کي وڊيو خطاب*
  • *نواز شريف هڪ ڀيرو ٻيهر گرفتاري وارنٽس وصول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو*
  • *اسان نواز شريف کي پورو موقعو ڏنو، جوابدار سڄي نظام کي شڪست ڏئي پرڏيهه هليو ويو: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ*هاڻي جوابدار ٻاهر ويهي کلندو هوندو ته ڪيئن سموري نظام کي دوکو ڏنو، هي انتهائي شرمناڪ رويو آهي*

جڏهن ريڊيو ۽ ٽيوي جي خبرن مطابق آئون مري ويو هئس!

اخبارن، ريڊين ۽ ٽيوين ۾ هر هر اهو اشتهار ٿي آيو ته ڪورونا کان بچڻ لاءِ گهر ۾ رهو ۽ محفوظ رهو.آئون به لڏو لاهي گهر ۾ ويهي رهيس پر بيروزگاري جي ڪري هڪ ته بک جي ڏائڻ تنگ ڪيو ٻيو طوطن ماءُ به ٽرڪو ڪري سک جو ساهه کڻڻ نه ڏي. چيئي مئا! گهر ۾ رهندين ته پاڻ به بک مرندين ۽ اسان کي به بک ۾ ماريندين! طوطن ماءُ جي ڳالهه 16 آنا صحيح هئي. آئون نوڪري لاءِ وڃي تلهار شگرمل پهتس. اتي جي وڏي صاحب مسڪرائيندي فرمايو ته “اسين نوڪريون ڏيون ڪو نه پيا ماڳهين اسٽاف کي نوڪرين مان ڪڍون پيا! اهو ٻڌي ڏک ۾ منهنجو منهن لهي صفا چڪن چٽڻي رول جهڙو ٿي ويو. تلهار جي اسٽاپ تي بيٺو هئس ته سول اسپتال مٺي جي عاليشان، وڏي سائي رنگ جي ايمبولنس اچي پهتي. ان جي چوطرف لکيل هو ڪورونا کان بچڻ لاءِ گهر ۾ رهو، محفوظ رهو. مون ان جملي ۾ مارڪر سان هي اضافو ڪيو “گهر ۾ رهو ۽ بک ۾ مرو. اهو پڙهي ڊرائيور ڪاوڙجي پيو چئي اهو ڇو لکيو اٿئي؟ چيومانس صحيح ته لکيو اٿم گهر ۾ ويهون ٿا ته بک ٿا مرون اسان کي صبح جو سائين مراد شاهه ۽ شام جو عمران خان خالي رکيون مانيون ڏيئي وڃن. اسين بصر ڳڙ ۽ ڏڌ سان کائي ڇڏينداسين ۽ گهر مان ٻاهر ڪو نه نڪرنداسين. تون به ٽيهه هزار پگهار واري ڊرائيوري ڇڏي وڃي گهر ۾ محفوظ ٿي ويهه ته ڏينهن جو تارا ڏسڻ ۾ اچي ويندئي!
آئون تلهار جي باري ۾ سوچڻ لڳس منهنجي بدين جي هڪ اديب دوست الله بچائي جمالي تلهار جي باري ۾ هڪ زبردست ڪتاب لکيو هو. جنهن موجب تلهار ذري گهٽ پئرس هو. هن تلهار جي نالي جي باري ۾ لکيو هو ته اڳي تلهار ۾ گهوڙن جا ڀلا تل ۽ هار وغيره ملندا هئا تڏهن هن شهر تي تلهار نالو پيو. تلهار ۾ تمام ڀلاماڻهو رهندا آهن.پر آڱرين تي ڳڻڻ جيترا ماڻهو به بيڪار به آهن جيڪي ڪنهن کي آسرو ڏئي پوءِ ڌڪ ڪڍندا آهن ان ڪري ڪو ماڻهو ڪم کان لنوائيندو آهي ته ان کي به تلهاري چوندا آهن. تلهار جي ڀرسان سعيد پور ٿيٻا جو هاءِ اسڪول، زبردست اسڪول هو! جيڪو پيٽاري ۽ پبلڪ اسڪول لطيف آباد وانگر وڏي هاڪ وارو هو. اتي پشاور، ڪنڌڪوٽ، لاڙڪاڻي ۽ بنگلا ديش جا شاگرد به پڙهندا هئا. مون به ان اسڪول مان 1969ع ۾ ميٽرڪ فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ڪئي هئي. تلهار جي عادل موري به مشهور آهي جتان ان وقت جي بادشاهه گذرندي، هڪ پوڙهي سان عدل و انصاف ڪيو هو. اڄڪلهه تلهار وڏين ڊگهين ديسي مرچن جي ڪري مشهور آهي جنهن کي تلهاري مرچ چوندا آهن. مون به هڪ ڪلو تلهاري مرچ وٺي پوتڙي ۾ ٻڌا جيئن بک ۾ اندر وڃي ساڙيان! پوءِ بس ۾ جڏهن بدين ويجهو تلهار چوڪ وٽ پهتس اتي هڪ روڊ ايڪسيڊنٽ ٿيو جنهن ۾ واپڊا جو لائين سپرنٽينڊنٽ  انڍالي جو همراهه گذاري ويو هو. اهو منهنجو نالي ڀائي به هو ته ذات ڀائي به هو. فرق رڳو اهو هو جو مرحوم سرڪاري ملازم هو مون وٽ نه سرڪاري نوڪري هئي نه خانگي نوڪري!
انهي اوچتي دکدائڪ واقعي جي خبر ريڊيئي ۽ ٽيوي تي هلڻ لڳي پوءِ ته سائين پري پري کان مٽن مائٽن ۽ دوستن يارن فونن جا ڪڙڪا لائي ڏنا. چون “اسان ٻڌو آهي ته تون گذاري ويو آهين!” چيم نه ادا آئون جيئرو آهيان گذاري ويل منهنجو نالي ڀائي ۽ ذات ڀائي هو. هڪ همراهه ته ضد ڪري بيهي رهيو چئي نه! تون گذاري ويو آهين ڪوڙ پيو ڳالهائين ؟ چيم “ها ادا ٺهيو ڀلا آءُ گذاري ويو آهيان” چيائين ،گذاري ويو آهين ته پوءِ ڳالهائين ڪيئن پيو ؟چيم “ اڄڪلهه سائسنسدانن روح سان ڳالهائڻ واري مشين ايجاد ڪئي آهي ان مشين تان منهنجو روح پيو ڳالهائي”! روح جو ٻڌي همراهه ڊپ ۾ فون ئي بند ڪري ڇڏيو. ڳوٺ پهتس ته رئيس گلڻ خان گول باڊي جي اوطاق تي منهنجو تڏو وڇايو ويو هو. لاش کڻڻ لاءِ ڏولي اچي ويئي هئي تڙ ڏيڻ لاءِ  تختو صابڻ ۽ پاڻي جا دلا اچي ويا هئا. مون جڏهن زندهه سلامت وڃي سلام ورايو ته مون کي جيئرو ڏسي همراهن جا وات ڦاٽي ويا. چون اسان ٻڌو هو ته تون روڊ حادثي ۾ مري ويو آهين پر جيئرو ڪيئن ٿي وئين؟ چيم اهو منهنجو نالي ڀائي ۽ ذات ڀائي هو آئون ته جيئرو آهيان. چون تون ڪوڙ پيو  ڳالهائين. ايترن ريڊين ۽ ٽيوين ۾ آيو آهي ته تون مري ويو آهين اهي سڀ ڪوڙا آهن باقي تون سچو آهين! چيم ٺهيو ڀلا اهي سڀ سچا آهن آئون ڪوڙو آهيان منهنجا ڪپڙا لاهي تختي تي ليٽائي تڙ ڏيو پوءِ ڪفن پارائي هلي مقام ۾ پوريو! پوءِ ته سڀني کڻي ماٺ ڪئي. منهنجي موت جو ٻڌي منهنجي ازلي دشمن قادن ڪوراڙ ته خوشي ۾ ڊانسون پئي ڪيون. تنهن جو مون کي زندهه سلامت ۽ جيئرو جاڳندو ڏٺو ته مٿس ڏک جا پهاڙ ڪري پيا سندس منهن زرد، آهه سرد ۽ دل ۾ درد پيدا ٿي پيو ۽ سندس منهن صفا پاروٿي گول گپي جهڙو ٿي پيو هو. پوءِ آئون گهر ويس ته در تي طوطن پٽ کي روئيندي ڏٺم مون کي جيئرو ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو. ڳوڙها اگهي چيائين چڱو جو بابا تون جيئرو آهين هاڻي مون کي 10 روپيا ڏي ته آئون قلفي وٺان چيم ڪاش آئون مري وڃان ها ته تنهنجي 10 روپين مان جان ڇٽي وڃي ها! اندر گهر ۾ مائٽياڻيون اچي گڏ ٿيون هيون منهنجي مرتئي تي پار ڪڍي پئي رنيون. ٻيو ته ٺهيو مونواري ڇتي سس سڳوري ماسي ناٿي نانگڻ جنهن حياتي ۾ مون کي ٽانڊا ڏيئي ڇڏيا هئا. تنهنجي اک ۾ ڳوڙهو به ڪو نه هو باقي منهن مٿو پٽي اهڙا پئي پار ڪڍيائين جو وڃي ٿيا ست خير! وري ڏٺم ته کتيجان کلڻي به پار پيئي ڪڍي چيومانس کتيجان شابس اٿئي! ڪورونا جي ڊپ کان تو چار مهينا مون کي وڇوڙي جا درد ڏنا اڄ مون لاءِ هانءُ ٿو ڦاٽنئي انهي کي چوندا آهن جيئري نه سٺيا مئي دٻ دٻ پٽيا. چيائين مون ته توتي قل پڙهي سک جو ساهه کنيو هو مون کي ڪهڙي خبر ته تون وري موٽي ٿو اچين! پوءِ اندر ڪوٺي ۾ گهڙيس اتي طوطن ماءُ اڇا ڪپڙا پائي، غم ۾ غلطان ٿي عدت ۾ ويٺي هئي مون کي جيئرو  ڏسي ٺري پئي. اٿي ڀاڪر پائي مون کي چنبڙي ويئي. سندس اکين مان ڏک جي بجاءِ خوشي جا ڳوڙها وهڻ لڳا چيائين “مئا مون سمجهيو هو ته تون مري ويو آهين تو ته جيئرو اچي ٺڪاءُ ڪيو آهي” چيومانس تنهنجو خوفناڪ ٽرڪو ٻڌڻ لاءِ الله سائين اڃان مون کي جيئندان ڏنو آهي. سندس خوشي جي حد ئي ڪا نه هئي. چيائين ڪهڙو به آهين طوطن پيءُ تون منهنجو سرتاج، سهارو ۽ جيون ساٿي آهين. شال وڏي حياتي ماڻين! سوچيم غريب جي زال ڏک ۽ بک ۾ رهندي به مڙس سا وفا ۽ دل جي مڪمل سچائي سان پيار ڪندي آهي جڏهن ته وڏن ماڻهن جون زالون سک ۾ ته گڏ هونديون آهن پر ڏک ۾ ڌار ٿي وينديون آهن. پوءِ ته مون واري ڇا پرائي اوطاق تي فاتح لاءِ ماڻهو اچڻ شروع ٿي ويا. مون به اتي تڏو وڇايو. هنڌ بسترا ۽ وهاڻا رکيا. سڃاڻو دوست يار پري کان ٿي آيا ته مون کي جيئرو ڏسي ٿڪ لعنت ۽ ڀوڳ چرچا ڪري هليا ٿي ويا. گهڻن وري مون کي سڃاتو ڪو نه ٿي ان ڪري جو منهنجو اڌ ٻوٿ ماسڪ واري ٻوٿاڙي جي ڪري ڍڪيل هو ۽ اکيون اٿي پيون هيون سو انهن مٿان مون وري ڪارو چشمو پاتو هو. سو گهڻن ماڻهن سمجهيو ته آئون مرحيات  طوطن پيءُ جو وڏو ڀاءُ يا سئوٽ ماسات آهيان.
بحرحال آيل مهمانن لاءِ چانهه ۽ ماني جي بندوبست منهنجا لاهه ڪڍي ڇڏيا. سچي پچي گذاري وڃان ها ته مٽن مائٽن ۽ اوڙي پاڙي وارن کان ويلن جون مانيون ۽ چانهه جا ٿرماس اچن ها پر جيئرو هئس سو ڪنهن کي به مون تي قياس ڪو نه آيو. نيٺ سيٺ صوفن سودائي به اوڌر تي سيڌو سامان ڏيڻ بند ڪيو ته مون اوطاق تان تڏو کنيو. اوطاق ٻاهران هڪ وڏو پينافليڪس هڻي ڇڏيم جنهن تي لکيل هو “خدا جو قسم طوطن پيءُ جيئرو آهي! جيئرو آهي! جيئرو آهي! خدا جي واسطي فاتح لاءِ اچي مون مسڪين جي ڀينگ نه ڪريو. پاران سياسي سماجي پارٽيون ۽ حال حيات مسڪين ماڻهو طوطن پيءُ!” پوءِ مس مس وڃي منهنجي فاتحين مان جان ڇٽي. ٻئي ڏينهن “پنهنجي اخبار” ۾ تلهار جي هڪ خبر پڙهي منهنجو وات ڦاٽي ويو. خبر هئي ته 20 روپين ۾ چار سموسا نه ڏيڻ جي ڪري چانڊين ۽ لاشاري برادرين ۾ ٻي عالمگير جنگ شروع ٿي وئي، لٺيون، سروٽا ۽ انگڙا هڻي ڪيرائڻ جي ڪري هر ڌر جا 25-25 همراهه زخمي ٿي پيا. تلهار ۽ بدين جون اسپتالون زخمين سان چڪار ٿي ويون. آئون حيران ٿي ويس. اسين سنڌي ماڻهو ايترا بيوقوف ۽ نالائق ٿي پيا آهيون جو پنجن روپين جي سموسي تي 50 ماڻهن جا مٿا ڦاڙيو وجهون. هل ڙي! عادل موري جا قديم شهر تلهار! تو ۾ خصيص ڳالهه تان ايڏي جنگ عظيم لڳي ويئي! منهنجي ذهن تي هڪ شعر ڪجهه هن ريت تري آيو.
منهنجي تلهار جو حال جي پڇندين!
ته کلي کلي تون کيرو ٿي پوندين!

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *