تازا ترين
  • *ڏاهلي تعلقي ۾ ڪورونا وائرس جا وڌيڪ 14ڪيس ظاهر، متاثر گهرن ۾ آئيسوليٽ *ڇاڇرو ۽ ڏاهلي تعلقن ۾ ڪورونا جي متاثرن جو انگ143ٿي ويو*
  • *ٻانڌي ۾ ڪورونا جا وڌيڪ 7ڪيس ظاھر، متاثرن جو انگ وڌي11 ٿي ويو *سمورا متاثرن پنهنجي گهرن اندر آئيسوليٽ *3ڏينھن اڳ رورل ھليٿ سينٽر جي ملازمن سميت 50ماڻھن جا سيمپلز ورتا ويا هئا *7ڄڻن ۾ ڪورونا جي تصديق ٿي آهي: صحت کاتو*
  • *سکر: سرڪاري ڪڻڪ ۾ خرد برد ۽ اسمگلنگ ۾ ملوث جوابدارن خلاف نيب جي ڪارروائي *ڪڻڪ اسمگلنگ جي الزام ھيٺ نوشھرفيروز مان 3 ڄڻا گرفتار: نيب ذريعا *گرفتار ٿيلن ۾ عظيم آرائين، جمعا خان ۽ منور شامل آهن: نيب ذريعا *گرفتار جوابدارن تي ڪروڙين رپين جي ڪڻڪ اسمگل ڪرڻ جو الزام آهي: نيب ذريعا *
  • *جيڪب آباد ۾ مقتول نوجوان اسلم شاهه جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ ڪيل احتجاج تي پوليس جي ڪاهه *پوليس مقتول نوجوان جي وارث عورتن ۽ ٻارڙن کي موبائل ۾ کنڀي کڻي وئي *
  • *ڪي اليڪٽرڪ کي واڌو گئس جي فراهمي باوجود بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جاري *ملير، شاهه فيصل، ڪورنگي، قائد آباد، ناظم آباد، ڊفينس ۽ ٻين علائقن ۾ لوڊشيڊنگ *
  • *قاضي احمد ۾ وڌيڪ19 ڄڻن کي ڪورونا جي تصديق، متاثرن ۾ 5 عورتون به شامل *هڪ ڏينهن اڳ 86 ماڻهن جا سيمپلز ورتا ويا هئا، 19ڄڻن ۾ وائرس جي تصديق ٿي *
  • *نئون ڪوٽ: مٺي روڊ تي ٻن چنگچي رڪشائن وچ ۾ ٽڪر، 4 ڄڻا زخمي *اعواڻ پيٽرول پمپ ڀرسان ٻن چنگچي رڪشائن ۾ ٽڪر ٿيو، زخمي اسپتال منتقل *زخمين ۾ عمران راجپوت، عاقل، دانش راجپوت ۽ صداقت راجپوت شامل *

جڏهن آئون علم پرائڻ لاءِ چين وڃي پهتس!

سئوٽ صدوري موٽرسائيڪلون وڪڻڻ جو ڪاروبار شروع ڪيو. 45000 جي موٽرسائيڪل اوڌر ۾ 85000 ۾ وڪڻندو هو. چيومانس سئوٽ اهو ناجائز ڌنڌو آهي! چيائين اهو وياج ڪونهي، منافعو آهي جيڪو شريعت ۾ جائز آهي. پوءِ ته ٻين به کيس انهي ڪاروبار جي منع ڪئي. ڪونه مڃيئين. ناجائز ڪاروبار مان لکين رپيا ڪمايائين ته پنهنجا ڏوهه معاف ڪرائڻ لاءِ همراهه عمرو ڪري آيو. پوءِ ته اسين موالي لڏي وارا منجهانئس لوهه ٿي وياسين. رات ڏينهن اسان کي نماز پڙهڻ لاءِ جٺ ڪندو هو. هڪ ڏينهن ڪنهن مذهبي جماعت جي بزرگ کي وٺي آيو، تنهن ڏاڍي پيار ۽ فضيلت سان اسان کي نماز جي اهميت ۽ فائدن تي ليڪچر ڏئي نماز پڙهڻ لاءِ قائل ڪيو. ٻئي ڏينهن جمعو هو. آئون به وهنجي سهنجي، پاڪ پوتر ٿي، ڌوتل ڪپڙا پائي، ڪنن ۾ عطر جا ٻڙا هڻي جمعي نماز پڙهڻ ويس. اتي خطبي ۾ مولوي صاحب علم پرائڻ جي اهميت تي ڳالهائيندي ٻه حديثون ٻڌايون، هڪ ته پينگهي کان وٺي قبر تائين علم پرايو ٻي هئي علم پرايو چاهي توهان کي چين وڃڻو پوي. ٻي حديثت جو مون تي ڏاڍو اثر ٿيو. مون فيصلو ڪيو ته آئون علم پرائڻ لاءِ چين ويندس. نماز پڙهي گهر آيس ته مون طوطن ماءُ کي خوشخبري ٻڌائي ته آئون علم پرائڻ لاءِ چين ٿو وڃان!
چين وڃڻ لاءِ پئسا کپندا هئا. پئسن لاءِ اسان جي هڪ سکي مائٽياڻي هئي ماسي ممتاز! آئون ان کان مدد وٺڻ لاءِ وڃي ڪراچي پهتس. ماسي ممتاز ننڍي هوندي ئي ڏاڍي سهڻي هئي. چوطرف سندس سونهن جي هاڪ ٿي وئي. ان ڪري هڪ وڏي جاگيردار مير منور موٽڻائي ساڻس شادي ڪري کيس ڪراچي جي عاليشان بنگلي ۾ وڃي رهايو. هن ٻه ڏينهن ترسڻ جو چيو جيئن هوءَ مير منور موٽڻائي کي پئسن لاءِ راضي ڪري سگهي. آئون اتي رهي پيس. صبح جو باٿ روم ۾ ويس. اتي باٿ روم جي گينڊين کي صاف ڪرڻ لاءِ تيزاب جي عاليشان ۽ سهڻي شيشي  پيل هئي. مون سمجهيو ته شيمپو آهي سو لپ ڀري وارن ۾ وڌم ته مٿو ايئن سڙڻ لڳو جهڙو ڀنڀور کي باهه لڳي هجي. وار سڀ سڙي هيٺ اچي ڪريا. آرسي ۾ ڏٺم ته منهنجو ٺوڙهو مٿو ايئن پئي چمڪيو جهڙو ٽڀو اونڌو ٽنگيل هجي. مٿان مصيبت وري اها پيدا ٿي جو منهنجي ڪريل زلفن باٿ روم جو گٽر بند ڪري ڇڏيو. مون وائيپر جي ڳن سان گٽر کولڻ جي ڪوشش ڪئي ته ابا ڳن به ٽٽي پيو. مون کي پڪ ٿي ته هي صورتحال ڏسي ماسي ممتاز وجهندي گهاڻي! اتي شينڪ تي ماسي ممتاز جي سوني منڊي پئي هئي اها کڻي وڌم ابداڻي ۾ ۽ بنا موڪلائڻ جي گولي ٿي ويس. بازار وڃي منڊي اڌ موڙي ۾ وڪڻي چار پئسا وٺي وڌم سلوار واري کيسي ۾. پوءِ ويس پاسپورٽ ٺهرائڻ. انهن شناختي ڪارڊ، ڊوميسائل، ڄم سرٽيفڪيٽ سميت 500 کن ڪاغذ گهريا، کين 499 ڪاغذ ڏنم باقي سڃاڻپ ڪارڊ ڪونه هو. سڃاڻپ ڪارڊ منهنجي پرس ۾ هوندو هو ۽ پرس سدائين لليجا ڪڍي ويندا هئا. مون 12 دفعا ڪارڊ ٺهرايو هو. 13 دفعي ويس ته نادرا وارن مون کي تريون هڻي آفيس مان ڪڍي ڇڏيو. پوءِ مون فيصلو ڪيو ته انڌن وڃي ملتان ڏٺو، آئون پنڌ چين ويندس.
مون ڳوٺ وڃي منڊي وارن پئسن مان گهر لاءِ سيڌو سامان ورتو. طوطن ۽ طوطن ماءُ کان روئيندي ايئن موڪلايم جهڙو حج تي پيو وڃان. ڪپڙن جو ٿيلهو ڳچي ۾ وجهي، بڪين کي تيل هڻي آئون اتر طرف منهن ڪري پنڌ ئي پنڌ نڪري پيس. هلندي هلندي وڃي مقبوضه ڪشمير پهتس. ابا اتي ڪرفيو لڳو پيو هجي. ماڻهو سڀ گهرن ۾ بند هجن، هندستاني فوجي آدم بو آدم بو ڪندا پيا هلن. مون هڪ گهر جي ٻاهران بيهي نعرو هنيو “ڪشمير بني گا پاڪستان” انهن در کولي مون کان خبرون پڇيون. چيم، “پاڪستاني آهيان اوهان جي مدد لاءِ مون کي عمران خان ڊائريڪٽ موڪليو آهي.” انهن خوش ٿي در کوليو اندر وٺي هليا. ڏاڍيون خدمتون ڪيائون. سي سي ٽي وي جي ڪئميرا ۾ هندستاني فوج کي خبر پئجي وئي. هڪ فوجي آيو. مون کيس اندر گهرائي احوال ورتا. چيائين توکي مارڻ جو آرڊر مليو آهي. چيومانس مون کي ڀلي شهيد ڪر پر پهرين ڀاڪر پائي مون سان مل، پاڻ ٻئي ڏکڻ ايشيا جا رهواسي آهيون. هو مون سان ڀاڪر پائي مليو. آئون ملهه جو ڪاريگر رانديگر هئس. مون کاٻي اڙ ڏيئي سادو انگڙو هڻي کيس مٿي کڻي دسي وڌو. پوءِ ته مون وارا ڪشميري ميزبان مٿس چڙهي ويا. کيس ماري گهر ۾ پوري سندس وردي ۽ بندوق کڻي آئون رات جو نڪري وري چين ڏانهن وڃڻ لڳس. گس ۾ شاهي جبل ايورسٽ اچي ويو. جنهن جي پرئين پاسي چين هو، اهو ٽپڻ منهنجي بابي کان به زور هو. مون هندستاني فوجي جا ڪپڙا لاهي پنهنجا ڪپڙا پاتا. جبل ٽپڻ لاءِ دماغ جي دٻلي ڇڻڪائي ته ڪجهه عقل جا داڻا ڊوڙي آيا. انهي آڌار تي مون هڪ ڪنگ سائيز ڳجهه کي گولي هڻي ڪيرائي وڌو. ان جا کنڀ ڪٽي ٻانهن تي ٻڌا ۽ پڇ ڪٽي چيلهه سان ٻڌو ڊوڙ پائي اڏاميس ته ڪيا بات هي جهڙو ڊرون جهاز هجان. اڏامي اڏامي وڃي چين پهتس. مون ڳجهه وارا کنڀ ۽ پڇ لاهي ٿيلهي ۾ وڌا. اتي چينين واري ٻولي مون کي سمجهه ۾ نه اچي رڳو چينگ چانگ ۽ شين شانگ پيا ڪن. مون چيني ٻولي سکڻ لاءِ اتي جي پرائمري اسڪول ۾ داخلا ورتي. اتي چيني ٻار صفا پتڪڙا هئا. آئون انهن ۾ اهڙو ڏاگهه هئس جهڙو جهرڪين جي وچ ۾ بگو پيو هلي. هوٽل تي ماني کائڻ ويس. پڇيم ماني ۾ ڇا آهي؟ چيائون ڪتا ڪڙهائي ٻڌي منهجو هانءُ ڪچو ٿي پيو. نيٺ ڦودني جي پنن سان ماني کائي مون ٽيم پاس ڪيو. پوءِ آهستي آهستي چينن مون کي نانگن، وڇوئن، ڪمين، سوپيرين ۽ چمڙن کائڻ تي هيرائي ڇڏيو. وڌيڪ تعليم پرائڻ لاءِ آئون وڃي ووهان جي شهر پهتس. اتي ڪو ڪورونا وائرس هو. مون هڪ چمڙو فرائي ڪري کاڌو ته ڪورونا وائرس ان مان نڪري مون تي حملو ڪري ڏنو. مون وڃي ڦهڪو ڪيو. شابس هجي چين وارن کي تن باقاعدي منهنجو علاج ۽ خدمتون ڪري مون کي ٺيڪ ڪيو. ٺيڪ ڪيل پاڪستاني شاگردن کي روانو ڪرڻ لاءِ انهن هڪ جهاز جو بندوبست ڪيو. مون وٽ نه پاسپورٽ نه سڃاڻپ ڪارڊ نه ڪنهن تعليمي اداري جو ڪارڊ! سو مون لاءِ جيل جو انتظام ڪيائون. آئون به ڪانگ ماڻهو هئس سو آهستي آهستي ڪري اتان کسڪي وڃي جهاز جي ڊگي ۾ لڪي ويس.
جهاز اسان کي اچي ڪراچي ايئرپورٽ تي لاٿو ته ڊاڪٽرن اسان کي گهيري ورتو. اسان لاٿل ماسڪ پاتا اسان کي ڪورونا جي تصديق لاءِ اچي اسپتال جي آئسوليشن وارڊ ۾ داخل ڪرايائون. هنن مولائين کي ڳالهه سمجهه ۾ ڪانه اچي سو ٽيسٽ مٿان ٽيسٽ منهنجون 350 ٽيسٽون ٿيون. منهنجي هٿن پيرن جون نسون ئي ڪم ڇڏي ويون. وري هڪ ٽيسٽ لاءِ رت ڪڍڻ واسطي هڪ کڙپيل نرس اچي منهنجي نسن کي لڳي ٽنگون ٻانهون ڏنڀي ڇڏيائين، نس هٿ ڪانه آيس ته ڍڳي کي هڻڻ وارو شاهي ڀالو ڳچي واري نس ۾ هنيائين ته مون ايڏي رڙ ڪئي جو طوطن ماءُ جاڳي پئي. اصل ۾ مون سان  اها ويڌن خواب ۾ ٿي هئي. طوطن ماءُ چيو مئا وري ڇا ٿيو؟ چيم خواب ۾ ڪورونا وائرس حملو ڪيو چڱو جو تو اٿاريو نه ته گذاري وڃان ها. آئون چين ويو هئس! چيائين شرم ئي ڪونه اٿئي گهر ۾ اٽو ڪونهي، تون خوابن ۾ پيو چين گهمين! مون کڻي ماٺ ڪئي پوءِ هن مون کي پاڻي پياريو، پاسيرو ڪري سمهاريو. هوءَ وڃي ستي منهنجي ننڊ ڦٽي پئي. سوچيم چيني عظيم قوم آهن. دنيا جي ڪنهن به ملڪ جي مالي توڙي طبي مدد کانسواءِ ايڏي خطرناڪ وائرس سان وڙهي پيا آهن. هزارن ماڻهن جون زندگيون بچايون اٿن. 10 ڏينهن ۾ هزار بسترن واري اسپتال ٺاهي ورتي اٿن. ماڻهو نه هجن جهڙا جن هجن. سلام آهي انهي عظيم قوم کي، سلام آهي انهن جي عظيم ڊاڪٽر لي ليانگ کي جنهن ڪورونا وائرس کي دريافت ڪيو هو ۽ ان خلاف ويڙهه ڪندي جان جو نذرانو ڏنائين. ٻئي پاسي اسين نڌڻڪا  غريب ماڻهو پاڪستان ۾ ايڊز، پوليو، ڪاري ڪامڻ، ٽي بي، مدي ۽ ڇتن ڪتن جي ور چڙهيل آهيون نه علاج آهي نه داد فرياد آهي. روز پيا مرون روز پيا جيئون نه بيمارين تي ڪنٽرول آهي نه مهانگائي تي. هاڻي ته ٻه ويلا رکي ماني کائڻ کان لاچار ٿي پيا آهيون. آئون لڙڪ هاري هاري وري سمهي پيس.

Bookmark the permalink.

One Response to جڏهن آئون علم پرائڻ لاءِ چين وڃي پهتس!

  1. Javed Sahar Qureshi says:

    As usual a wonderful and very interesting and funny piece of literature. What a write-up….

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *