تازا ترين
  • پ پ تاريخي اي پي سي ڪوٺرائي، نواز شريف واضع۽ تفصيلي تقرير ڪئي: پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري*گلگت بلتستان معاملي تي ڳالهائڻ لاءِ رابطو ڪيو ويو، ملڪ ۾ جمهوري آزادي چاهيون ٿا:بلاول *
  • *اسلام آباد: جعلي بئنڪ اڪائونٽس اسڪينڊل ۾ سنڌ روشن پروگرام ڪيس جي جاچ وارو معاملو *نيب راولپنڊي فرنٽ مين اياز صديقي کي ڪراچي مان گرفتار ڪري ورتو: ذريعا *اياز صديقي جعلي اڪائونٽ ۾ ڪروڙين رپيا جمع ڪرايا: نيب ذريعا*
  • *ڄام نواز علي: ڇتو ڪتو مارڻ جي ڪوشش دوران نوجوان مارجي ويو *ڳوٺ ديوان گلاب راءِ ۾ ڳوٺاڻي ڇتي ڪتي کي مارڻ لاءِ فائر ڪيو ته گولي نوجوان مادو ڪولهي کي لڳي: پوليس *پوليس واقعي واري هنڌ پهچي نوجوان جو لاش تحويل ۾ وٺي جاچ شروع ڪري ڇڏي*
  • *گهارو شهر ۾ واپاريءَ کان ڦر ڪندڙ جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف شٽربند هڙتال *2ڏينھن اڳ واپاري گڊو کان 9لک رپيا ڦر ڪرڻ بعد جوابدارن گوليون هڻي زخمي ڪيو هو *واقعي کي 48 ڪلاڪ گذرڻ باوجود پوليس جوابدار گرفتار نه ڪري سگهي آهي: احتجاج ڪندڙ واپاري*
  • *اسلام آباد: العزيزيه ۽ ايون فيلڊ ريفرنسز ۾ سزا خلاف نواز شريف جي اپيل تي ٻڌڻي *مريم نواز ۽ ڪيپٽن (ر) صفدر احتساب عدالت ۾ پهچي ويا *عدالت نواز شريف کي بري ڪرڻ واري فيصلي خلاف نيب جي اپيل تي به ٻڌڻي ڪندي *ن ليگ جي نائب صدر مريم نواز جي پيشيءَ جي موقعي تي عدالت ٻاهران سڪيورٽي جا سخت انتظام *
  • *ڀان سيدآباد: قومپرست اڳواڻ مولا بخش لغاري بيماري وگهي لاڏاڻو ڪري ويو *مولابخش لغاري جي جنازي نماز اڄ سخي سيد سليمان شاهه عيدگاهه تي ادا ڪئي ويندي*
  • *پنوعاقل پوليس جي نجي ٽارچر سيل ۾ مبينا طور تي فيصل آباد واسي وڪيل ميان اعجاز آرائين جي قتل وارو معاملو *ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو عرفان بلوچ پوليس اهلڪارن ۽ ڪجهه خانگي ماڻھن کي وڪيل جي قتل ۾ ملوث قرار ڏئي ڇڏيو *ڊي آءِ جي لاڙڪاڻي پاران ايڊيشنل آءِ جي سکر ڏانھن انڪوائري رپورٽ موڪلي ڇڏي *وڪيل ميان اعجاز آرائين کي ڊي ايس پي مسعود مهر جي حڪم تي گرفتار ڪيو ويو: انڪوائري رپورٽ *وڪيل پوليس جي غيرقانوني حراست ۾ فوت ٿيو ۽ لاش پنجاب ۾اڇلايو ويو : انڪوائري رپورٽ *انڪوائري رپورٽ ۾ اي ايس آءِ غلام مصطفيٰ ميراڻي، ڪانسٽيبلز درگاهه ڏنو، نصير ۽ سرمد يعقوب بيگناھه قرار*
  • *سنجهورو ۾ شهرين پاران بجلي جو سڙيل ٽرانسفارمر تبديل نه ٿيڻ خلاف ڌرڻو، ٽريفڪ معطل *ڌرڻي سبب ڪيترن ئي ڪلاڪن کان شهدادپور، سانگهڙ ۽ سنجهورو روڊ تي ٽريفڪ معطل، مسافر پريشان *4مهينن کان بجلي جو ٽرانسفارمر خراب آھي، ڪيترائي ڀيرا دانهڻ باوجود تدارڪ نه ٿيو: مظاهرين*
  • *ڪراچي: سنڌ سرڪار جي 6کاتن ۾ 3 سيڪريٽريز مقرر ٿيل *اهم کاتا من پسند سيڪريٽرين کي اضافي چارج طور حوالي ڪيا ويا *تعليم، لائيو اسٽاڪ ۽ فاريسٽ کاتو مستقل سيڪريٽري کان محروم *زراعت جي سيڪريٽري رحيم سومروکي فاريسٽ جي سيڪريٽري جي اضافي چارج مليل *ثقافت کاتي سيڪريٽري اڪبر لغاري وٽ لائيو اسٽاڪ کاتي جي سيڪريٽري جي اضافي ذميواري *سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ جي چيئرمين احمد بخش ناريجو کي سيڪريٽري تعليم جي اضافي چارج مليل *20هين گريڊ جا ڪامورا بحران باوجود سائيڊ پوسٽن تي ويهاريل*

جي آءِ ٽيز رپورٽ ۾ ڦير ڦار جو الزام،حقيقت ڇا آهي؟

اسان جي ملڪ جي بدقسمتي رهي آهي ته جڏهن به جنهن به معاملي جي جاچ لاءِ ڪا ،ڪميٽي ،ڪا جي آءِ ٽي ،ڪا ڪميشن ٺهندي آهي ته اهو معاملو سلجهڻ بدران رهندو تڪرارن جي ور چڙهي ويندو آهي ،اهو معاملو ته ٺهيو پر ان لاءِ جيڪي ڪميٽيون،جي آءِ ٽيز،يا ڪميشنون ٺهنديون آهن انهن جي رپورٽ سرڪاري طور پڌري ڪرڻ جي روايت نه رهي آهي.اڪثر ڏٺو ويو آهي ته اهي رپورٽون ٻين ذريعن کان پڌريون ٿي ماڻهن آڏو اينديون آهن پوءِ انهن جي تصديق ٿيل هجڻ بابت تي تڪرار، شڪ ۽ بحث شروع ٿي ويندا آهن ايستائين جو جنهن معاملي جي جاچ لاءِ اهي ٺهنديون آهن اهو معاملو ته ڇٽو رهندو سڄو ملڪ هڪڙي ٻئي بحث ۾ ڦاسي پوندو آهي، جنهن جو مثال حمود الرحمٰن ڪميشن کانوٺي ايبٽ آباد ڪميشن ۽ ماڊل ٽائون سانحي بابت جوڙيل ڪميشن آهن جن جي سفارشن تي عمل ٿيڻ ته پري جي ڳالهه پر اهي ڪڏهن به سرڪاري طور جاري نه ٿي سگهيون ۽ ٻين هنڌن تان جاري ٿيل انهن رپورٽن تي بحث ٿيندا رهيا ۽ اهي سدائين تڪرار هيٺ ۽ شڪي رهيون.
اڄڪلهه وري هڪڙين جي آءِ ٽيز جون رپورٽون هر ڪنهن جي بحث جو موضوع بڻيل آهن، ڪراچي ۾ گينگ وار ۽ ڊهشتگردي جي ماحول وارن ڏينهن بابت جاچ لاءِ جوڙيل ٽن جي آءِ ٽيز جون رپورٽون توڙي جو سنڌ سرڪار پنهنجي ويب سائيٽ تي جاري ڪري ڇڏيون آهن پر انهن رپورٽن بابت هڪڙيون ٻيون دعوائون به مارڪيٽ ۾ اچي چڪيون آهن جن انهن رپورٽن جي حيثيت کي مشڪوڪ يا شڪي ڪري ڇڏيو آهي.
ڪراچي ۾ لياري گينگ وار جي اهم ڪردار عذير بلوچ جي گرفتاري کانپوءِ ڪجهه سياسي ماڻهن سان سندس لاڳاپن بابت خبرون هر ماڻهو جي زبان تي سدائين موجود رهيون پر انهي معاملي موڙ اتان کاڌو، جڏهن پي ٽي آءِ جي وفاقي وزير علي زيدي قومي اسيمبلي ۾ تقرير ڪندي عذير بلوچ ذريعي قتل ڪرائڻ جا اهم سياسي اڳواڻن تي الزام هنيا ۽ دعويٰ ڪئي ته اهي سڀ ڳالهيون عذير بلوچ بابت جوڙيل جي آءِ ٽي جي رپورٽ ۾ موجود آهن، جنهن جي جواب ۾ سنڌ حڪومت عذير بلوچ سميت بلديا فيڪٽري سانحي ۽ نثار مورائي بابت به جي آءِ ٽيز جي رپورٽس کي پڌرو ڪرڻ ۽ گهرو کاتي جي ويب سائيٽ تي رکڻ جو اعلان ڪيو. جڏهن سنڌ سرڪار طرفان اهي رپورٽون پڌريون ٿيون ته انهن ۾ اهڙي ڪابه ڳالهه نه هئي جن جو ذڪر وفاقي وزير علي زيدي قومي اسيمبلي ۾ تقرير دوران ڪيو هو.جنهن تي سنڌ جي صوبائي وزيرن به علي زيدي کي چئلينج ڪيو ته هو جي آءِ ٽي رپورٽ ۾ انهن سياسي اڳواڻن جا نالا ڏيکاري جن تي الزام هنيو ويو هو.وفاقي وزير ڪالهه وري پريس ڪانفرنس ڪري سنڌ سرڪار تي انهي کان ئي وڌيڪ خطرناڪ الزام هنيو آهي ته سنڌ سرڪار عذير بلوچ جي جي آءِ ٽي رپورٽ ۾ ٽيمپرنگ يا ڦير ڦار ڪئي آهي .هن اهو به الزام هنيو ته وٽس جيڪا رپورٽ آهي انهي تي وفاقي ادارن جي 4 آفيسرن جون صحيحون آهن جڏهن ته انهي تي سنڌ سان لاڳاپيل آفيسرن جون صحيحون ناهن .هن سپريم ڪورٽ کي اپيل ڪئي آهي ته اها انهي معاملي جو پاڻمرادو نوٽيس وٺي .
سياسي معاملن تي هڪٻئي خلاف بيانبازي ته سياستدانن ۾ ٿيندي رهندي آهي پر علي زيدي جي جيڪڏهن هن الزام تي ويچار ڪجي ته اهو ڪو ننڍو الزام ناهي جيڪو هو سنڌ حڪومت تي هڻي رهيو آهي.جنهن تي سنڌ حڪومت به جواب ڏيندي چيو آهي ته انهن طرفان جاري ڪيل رپورٽ تصديق ٿيل آهي جنهن تي جي آءِ ٽي ۾ شامل 7 آفيسرن جون نه رڳو صحيحون آهن پر انهن جا ٺپا به لڳل آهن، علي زيدي وٽ جيڪا رپورٽ آهي اهاڪٿان آئي ۽ ڪير پکيڙي رهيو آهي، هو وفاق ۽ سنڌ جي آفيسرن ۾ نفاق وجهڻ جي خطرناڪ راند کيڏي رهيو آهي.
اسان سمجهون ٿا ته وفاق ۾ پي ٽي آءِ جي حڪومت آهي ۽ علي زيدي انهي حڪومت ۾ وفاقي وزير آهي، جيڪڏهن کيس جي آءِ ٽي جي رپورٽ تي تيمپرنگ جو شڪ آهي ته هو سپريم ڪرٽ کي پاڻمرادو نوٽيس وٺڻ جي اپيل ڪرڻ بدران وفاقي حڪومت ذريعي ان معاملي جي جاچ لاءِ عدالتي ڪميشن جي سفارش ڪرائي سگهي ٿو ٻيو ته جيڪي جي آءِ ٽي ۾ آفيسر شامل آهن انهن کان ڪنهن رپورٽ جي گهرو وزارت ذريعي تصديق ڪرائي سگهجي ٿي. هاڻي ته اها وفاق سان گڏ سنڌ حڪومت جي به ذميواري ٿئي ٿي ته انهي معاملي کي توڙ تائين پهچائين ته حقيقي رپورٽ ڪهڙي آهي جيئن عوام مونجهاري مان نڪري سگهي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *