تازا ترين
  • *حڪومت مخالف تحريڪ ۾ استعيفائن جو آپشن آخري هوندو، گرفتاريون معنيٰ نٿيون رکن: يوسف رضا گيلاني*
  • *نيب هٿان گرفتار شهباز شريف لاهور جي احتساب عدالت آڏو پيش*ليگي اڳواڻ ۽ وڏي تعداد ۾ ڪارڪن به عدالت پهچي ويا، پارٽي قيادت جي حمايت ۾ مظاهرو*
  • شهباز شريف جي گرفتاري بعد مخالف ڌر سرگرم: پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جو اجلاس اڄ ٿيندو

جوڳي جادو لائي ويا……!!!

اڄ لاڙ جي پٽيءَ ۾ مينهوڳيءَ جي موسم آهي ڪوٽڙيءَ جي هيلوڪي ٿڌي هير وقت اڳ سرءُ ۾ ڇڻي ڪرندڙ سڪل پنن کي اڏاري ۽ ان شخص کي ساري ٿي جنهن کي نه دولت جي تمنا ۽ نه وري مشهور ٿيڻ جو مرض هو. پاپولرٽيءَ جو ڊوڙ واري دنيا ۾ هو عجيب ڪردار هو جنهن جو ڪل اثاثو ڪتاب، لکيل ناول ۽ ڪجهه بي ترتيب ڪهاڻيون هيون جنهن وٽ صرف ڀڃ ڊاهه ۽ ٽوڙڦوڙ واريون ڪهاڻيون نه هيون پر هن وٽ جوڙجڪ ۽ ٺاهه ٺوهه جا ڪيترائي ڊراما ۽ ناول جنهن ۾ ڪيترائي تعميراتي ڪردار به شامل هئا. هو هن ديس جو درويش صفت انسان جنهن 1940ع ۾ محمد يوسف بلوچ جي ڪوٽڙي واري غريباڻي گهر ۾ جنم ورتو جنهن کي پڙهڻ جا عادي سنڌي نوجوان علي بابا جي نالي سان سڃاڻيندا آهن. علي بابا جا وڏا بلوچستان کان لڏي پهرين سيوهڻ، پوءِ ڪوٽڙيءَ ۾ رهيا سندس والد ڪوٽڙيءَ ۾ ريلوي جو ننڍڙو ملازم هو. پاڻ ڇهه درجا انگريزي پڙهيو پهرين ريلوي ۾ ڪلارڪ طور هڪ سال نوڪري ڪيائين پوءِ هڪ ٽيڪسٽائيل مل ۾ اسسٽنٽ مئنيجر طور 4 سال گذاريائين. 1952ع کان لکڻ شروع ڪيائين. علي بابا هڪ سٺو ناٽڪ نويس ۽ ناول نگار هو. هن پهرين ڪهاڻي “پڃري جا پکي” 1954ع ۾ لکي جيڪا 1960ع ۾ شايع ٿي ته ان دور جي وڏن وڏن اديبن جا ڇرڪ نڪري ويا هئا ۽ پوءِ مسلسل لکڻ سبب سندس ڪهاڻين کي موٽ ملندي رهي. سندس ناٽڪ “دنگيءَ منجهه درياهه” 1981ع ۾ جرمنيءَ جي ناٽڪ واري ميلي ۾ ٽيون نمبر انعام کٽيو، جنهن ۾ هن سنڌو درياهه جي مهاڻن جو ذڪر ڪيو آهي. سندس ناول “موهن جو دڙو” قسطن ۾ هليل آهي جيڪو بعد ۾ ڪتابي صورت ۾ ڇپجي مارڪيٽ ۾ آيو. هن جي لکڻيءَ ۾ ماحول، موضوع ۽ مسئلا گهڻو ڪري ديس ۽ ديس واسين جا ئي آهن. هو جيڪي لکندو هو ته سندس هر لکڻي ڪنهن نه ڪنهن پسمنظر ۽ حقيقت تي مدار رکندي هئي. پنهنجن همعصرن کان بلڪل جدا، نرالو انسان علي بابا جنهن شهرت کان پري ڀڄي گمناميءَ واري زندگي اختيار ڪئي. اديبن جي اليڪشنن، گڏجاڻين، اعلانن احتجاجي گوڙ ۽ گهمسان کان گهڻو پري رهندو هو هن نه ڪڏهن پاڻ پڏايو نه پنهنجي ذات بابت ڪا وڏي دعويٰ ڪئي توڙي سندس پڙهندڙن ۽ چاهيندڙن جي قطار تمام وڏي آهي پر هن عام اديبن وانگر پنهنجا مريد نه ٺاهيا نه وري ميڊيا جو سهارو وٺي اجائي شهرت واري مرض ۾ مبتلا ٿيو.
هو بنيادي طور نثرنگار هو پر هن جي نثر ۾ شاعريءَ جو چس شامل هوندو هو. تمام گهٽ ماڻهن کي خبر آهي ته هن ٿوري گهڻي شاعري به ڪئي هن جي لکيل ڊرامي “دنگي منجهه درياءُ” ۾ سندس ئي لکيل گيت “اسين ماڻهو لاڙ جا، درياءُ جي پاڇاڙ جا، اترڙو ٿو لڳي” سنڌ ۾ اڃان تائين مقبول آهي. “موهن جو دڙو” هن جو لازوال ناول هو پر هن ڪيتريون ڪمال جون اهڙيون ڪهاڻيون لکيون جيڪي عام طور سنڌي ادب جو سڀ کان ڏکيو سبجيڪٽ سمجهيون وينديون آهن پر هن تي ڪلا مهربان هئي ادب ۾ ڪهاڻيءَ بابت جتي نسيم کرل جهڙو قهر جو ڪهاڻيڪار پنهنجين ڪهاڻين “ڪافر” ۽ “چوٽيهون در” ۽ “پهرين مراد” بابت ڳالهائيندي اهو چوندو هو ڪهاڻي لکڻ لاءِ رت ولوڙڻو پوي ٿو. ڪڏهن ٻه ٻه ڪڏهن وري ٽي ٽي ۽ چار مهينا به لڳي ٿا وڃن اتي علي بابا سادگيءَ سان کلي چوندو هيو ته مونکان ڪهاڻيون پاڻمرادو لکجي وڃن ٿيون ان ڳالهه مان سندس مشاهدي جي قوت ۽ سندس دور انديشيءَ جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته سنڌ بابت سوچيندي هن کي محسوس ٿيندو هو ته سنڌ مٿان مذهبي تنگ نظري ۽ انتهاپسنديءَ جو خطرناڪ حملو ٿيندو ان جي لاءِ هو لفظن کي جملن جي مالها ۾ پوئي ڪتابي شڪليون ڏئي اڳواٽ اهي علمي ۽ ادبي هٿيار ڪٺا ڪري رهيو هو، جن جي سنڌ کي ڪالهه کان وڌيڪ اڄ ضرورت آهي. علي بابا سئو کان مٿي سنڌي ڊراما لکيا. علي بابا جي سٺي ۽ سڀ کان وڌيڪ متاثر ڪندڙ ڳالهه اها ته هو کلي دل سان اعتراف ڪرڻ جو عادي هيو وڏي فراخدليءَ سان چوندو هيو ته اگر شمشيرالحيدري منهنجي ڪهاڻي مهراڻ رسالي ۾ نه ڇاپي ها ته منهنجي لکڻ جو جنون بي موت مري وڃي ها مان اديب نه هجان ها. علي بابا چوندو هو منهنجو ڪوبه تعارف ناهي پر جيڪو ڪجهه آهيان سو پنهنجي ماءُ، چاچي ڇٽي خان، مامي عبدالله خان ۽ شمشيرالحيدريءَ جي ڪري ئي آهيان. انڪري علي بابا جي ڀيٽ انهن اديبن سان نه ٿي ڪري سگهجي جن سون تي سيڻ مٽايا جن مراعتن خاطر پاڻ کي سرڪار وٽ گروي رکيو هو اهڙو خوددار انسان هئو جنهن ملڪ جي سڀ کان مهانگي ۽ وڏي ايوارڊ کي ان وقت لت هڻي ڇڏي هئي جڏهن وٽس ڪوٽڙيءَ کان حيدرآباد اچڻ لاءِ بس جو ڀاڙو به نه هو. جڏهن هن هڪ انٽرويو ۾ ايئن چيو هو ته مونکي اخبار پڙهڻ جو شوق هوندو آهي پر پئسا ناهن ته اخبار وٺي سگهان. علي بابا اهو خوددار انسان هئو جنهن پنهنجي نوجوان پٽ کي پنهنجي اکين اڳيان مرندي ڏٺو پر سرڪار کان سهائتا جي خيرات ڪونه گهري اهڙا باڪردار فرد قومن جي ڳچيءَ ۾ نو لکا هار ٿيندا آهن جيترو سنڌ سان هن کي پيار آهي، ايترو پيار ته فقط هڪ عاشق پنهنجي محبوب سان ڪندو آهي، ان جو چٽو ثبوت آهي ته ملڪ جي سڀ کان وڏي ايوارڊ کي ٺوڪر هڻي ڇڏي ۽ آخري ڏينهن ۾ ڪسمپرسيءَ واري زندگي گذارڻ واري آدرشي انسان علي بابا جي ورسيءَ واري ڏينهن تي سنڌ سرڪار جو نالي ماتر ڪم ڪندڙ ثقافت کاتو کيس ياد ڪري يا نه پر ڪوٽڙيءَ لڳ خدا جي بستيءَ واري قبرستان ۾آرامي هن قدآور انسان کي ياد ڪري سنڌ جي سيبتي شاعر ادل سومري چيو هو.
سنڌ جي مٽيءَ مان ڳوهيل آدمي،
ليکا چوکا لوڪ جا لاهي ويو.
ڪوٽڙيءَ مان موڪلائي ناکئو،
هو دنگي درياهه مان ڪاهي ويو
يا وري علي بابا جهڙن مست الست ڪردارن کي سامهون رکي لطيف سان چيو هو ته
گيڙو رتڙيون گودڙيون،
 ڪالھه ڪلهن ۾ پائي ويا،
سمجهائي ويا
جوڳي جوان جبل جي پاسي،
جي ۾ جادو لائي ويا ، 
سمجهائي ويا۔
جوڳي جادو لائي ويا….!!

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *