تازا ترين
  • *حيدرآباد ۽ سجاول ۾ بجلي جي هٿرادو لوڊشيڊنگ شهرين جون متيون منجهائي ڇڏيون *حيدرآباد جي ماڻڪ ڀٽي ڳوٺ ۾ 5 ڏينهن کان بجلي بند، ٻوسٽ سبب پيرسن عورت دم ڏئي ڇڏيو، رهواسي سراپا احتجاج *سجاول جي مختلف علائقن ۾ ڊگهي لوڊشيڊنگ، شهري پريشان، اختيارين کان نوٽيس وٺڻ جي گهر*
  • *مدئجي ۾ ڳوٺاڻن پاران ڳاهيجا ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ ڦرلٽ جي وڌندڙ وارداتن خلاف احتجاجي ريلي *پوليس جي نااهلي سبب چوريون، ڦرون ۽ ڌاڙا وڌي ويا، رهواسي غير محفوظ آهن: مظاهرين*
  • *هالا ڀرسان ڇلگري وٽ ٽرالر جو ڪار کي ٽڪر، گمبٽ واسي 5 گهر ڀاتي زخمي *پوليس زخمين کي اسپتال منتقل نه ڪيو، خانگي گاڏي ذريعي زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو*
  • *ملير: نئين سبزي منڊي ويجهو گاڏي جو موٽر سائيڪل کي ٽڪر، هڪ ڄڻو فوت، 2 زخمي *فوتي جي سڃاڻپ 27 ورهين جي شامدار طور ٿي، زخمي اسپتال منتقل*
  • *سنڌڙي: سامارو شاخ کي ڳوٺ علي بخش مري وٽان گھارو *ڳوٺ علي بخش مري ۽ پانڌي مري جي رھواسين جو سامارو موري تي احتجاج *مٿان پرونمل کان برساتي پاڻي سامارو شاخ ۾ ڇوڙ ڪيو پيو وڃي: احتجاج ڪندڙ*
  • *پليجاڻي ريلوي اسٽيشن ويجهو ٽرين جي ٽڪر ۾ نوجوان فوت *پٽڙي ڪراس ڪندڙ 26ورهين جي غلام نبي ڏيٿو کي ملت ايڪسپريس جو ٽڪر لڳو *
  • *خانپومھر : شاھپورمھر ويجھو بمبلي مائينر مان 6 ورھين جي نينگر جو لاش ھٿ *بمبلي مائينر ۾ لاش لڙھندو ڏسي ڳوٺاڻن پوليس کي اطلاع ڏنو *نينگر جي سڃاڻپ ميرپورماٿيلو واسي اياز علي ڌوھو جي نالي سان ٿي *

جوهي جي اجڙي ويل شاخن جون يادگيريون!

جوهي جي انيڪ ٻين ماڻهن جيان جوهي برانچ سان منھنجيون به ننڍپڻ جون ڪيئي يادگيريون سلھاڙيل آھن. ننڍي ھوندي جڏهن سج نيزي تي لهي ايندو هيو تڏهن لڪن ۽ گرمين جي موسمن ۾ اسان جي سڀ کان وڏي عياشي جوهي برانچ ئي هوندي هئي. تڏهن جوھي برانچ ۾ جام پاڻي ھوندو ھو. برانچ مان نڪرندڙ سڀئي شاخون ۽واٽر پاڻي سان تار ھوندا ھئا، ان ڪري جوهي برانچ سان جڙيل ڪيتريون ئي جايون اسان جي عياشي جو مرڪز رھيون آھن.
جمعي جي ڏينھن اسين ڳوٺ جي اڀرندي پاسي نائين شاخ تي ڪاٺيون ڪرڻ جي بھاني سڄو ڏينھن مڇين وانگر پيا تڙڳندا ھئاسين، ساڳي شاخ مان نڪرندڙ واٽر جي پڇڙي تي اسان جي مامي جي کڏ جيڪا منھنجي گھر جي دروازي سان لڳو لڳ هوندي هئي، اسڪول وڃڻ کان اڳ ان کڏ ۾ صبح جو روزانو هڪڙي ٽٻي ضرور ھڻبي ھئي. منجھند جو وري اسڪول کان پوءِ اسان جي ڳوٺ جي بس اسٽاپ وٽ اڀرندي پاسي هڪ ٻي وڏي کڏ ھوندي ھئي ان ۾ٿينديون هيون ڏاھي ٻچي جون رانديون ۽ پڪڙپڪڙا..! راند روند کان سواءِ ڪانچ جا پانچا مٿي ڪري سٿڻ ۾ ھوا ڀري پاڻي ۾ ترڻ وارا مزا الڳ سان هوندا هيا. .
ڪڏھن ڪڏھن وري وڏن ڀائرن سان گڏجي ڳوٺ جي وچ ۾ موجود ڪورين جي وڏي کڏ تي به ويندا ھئاسين جنهن ۾ پڻ جام پاڻي ھوندو ھيو، ڪورين جي وڏي کڏ ۾ وري ٽٻيون هڻڻ جا مقابلا ٿيندا هئا.
اونھاري جي موڪلن ۾ مزن جي ته وري ڳالھه ئي ٻي هوندي هئي، جوھي برانچ تائين پنڌ وڃي بولاٽيون کائي پاڻي ۾ ٽپا ڏيڻ وارا ڪرتب ڪرڻ جي مهارت به اسان اتان ئي سکياسين .
اهوئي نه پر هر نار تي وڃي وھنجڻ کي پڻ پنھنجو بنيادي حق سمجھندا ھئاسين. ھڪ پاسي جوھي ڪاليج کان وٺي چنجاڻي تائين اھي ڪارناما ڪياسين ته ٻئي پاسي وري جوھي برانچ جي موري کان پٽ ڪانھري تائين رولاڪيون به پيون هلنديون هيون. جوهي جي سڄي علائقي ۾ ٽيوب ويل به جام ھئا ته بورنگ جو پاڻي به ھرھنڌ موجود ھئو. صبح جو گھران نڪرندا ھئاسين ته شام جو واپس ٿبو هو، سڄي علائقي جي سڀني ڳوٺن جي ماڻھن سان اسان جي وڏڙن جو سٺو تعلق ھجڻ ڪري ڪٿي نه ڪٿي ماني به ملي ويندي ھئي. .
پر اهي گذري ويل زماني جون ڳالهيون آهن، جيتوڻيڪ هاڻ به جوهي برانچ ته ساڳيو آهي ۽ ان مان نڪرندڙ سڀ جون سڀ شاخون ۽ واٽر پڻ ساڳيا آهن، پر ناهي ته فقط پاڻي ناهي…!
جن جاين تي اسين بولاٽيون کائي پاڻي ۾ ٽٻيون هڻدا هئاسين ان سڪل زمين تي ننڍپڻ جي رهجي ويل يادگيرين کان سواءِ ڪجھه به ڪونهي..!
جوهي براچ ۾ پاڻي جي موجودگي ۽ ورڇ جو اندازو ان ڳالھه مان لڳائي سگھوٿا ته منھنجو ھڪڙو مامو سڄو ڏينھن ان مسئلي ۾ ڦاٿل هوندو ھو ته برانچ ۾ جام پاڻي اچڻ ڪري سندس ڪچو واٽر ڪري پوندو ھو پوءِ پيوکاٽي لاءِ ماڻھو گڏ ڪندو ھو. سندس حياتي جا ڪيترا سال ان مسئلي کي حل ڪرڻ ۾ گذري ويا ۽ نيٺ برانچ جو پاڻي بند ٿيو ۽ منھنجي مامي جي جان به آزاد ٿي وئي! .
وقت گذرندو رھيو، 2007 ۾ مون کي ڪاڇي جي واٽر ويزن ٺاھڻ واري رٿابندي ۾ ڪجھه ڪم مليو، ان سلسلي ۾ طارق رند، مرحوم دوست بخت جمال سومرو به مون سان گڏ ھئا، اسان نئين گاج کان منڇر تائين پاڻي جي ورھاست واري ڪم جو سماجي، ماحولياتي ۽ سياسي جائزو ورتو. ان ڪم جي مڪمل رپورٽ سائين عبدالفتاح ڏاھري صاحب جي مدد سان ھڪ سيمينار جي ذريعي جوھي جي ماڻھن سان ونڊ ڪئي سين. ان رپورٽ ۾ اھو خدشو ظاھر ڪيو ويو ھو ته ايندڙ وقت ۾ جوھي جون زمينون آباد ڪرڻ ته ڇا پر سڄي علائقي ۾ پيئڻ لاءِ پاڻي به نه ھوندو…!
پر اسان جو ڪيل ڪم سياست جي ورچڙھي ويو. ھڪڙا گاج ڊيم جا حامي ٻيا وري ان جا مخالف، ھڪڙن تي سياسي طاقت جو استعمال ڪندي پاڻي چوري ڪرڻ جو الزام ته ٻئي پاسي وري رشوت وٺي پاڻي بند ڪرڻ ۽ کولڻ جا چوٻول، ڪاغذن ۾ برانچ جي کاٽي ڏيکاريل پر حقيقت ۾ اھڙي ڪم جي ڪٿي به شاھدي جو نه ھجڻ. ھي مسئلو سياسي آھي يا انتظامي بحث اڃان ھلندڙ آھي ۽ خبر ناھي ته اڃان ڪيترو وقت اھو بحث ھلندو…!
قدرتي وسيلن سان مالامال ڪاڇو ۽ جوھي جا علائقا، پاڻي جي نه ھجڻ ڪري اسان جي اکين آڏو ويران ٿيندا رھيا. لڏپلاڻ جي ڪري جوھي ۽ ڀان سعيدآباد جھڙيون ننڍڙيون ٽائون ڪاميٽيون وڏا شھر ٿي ويا. انھن شھرن کي پلاننگ تحت آباد ڪرڻ ۽ انھن کي سروسز ڏيڻ لاءِ سياسي پارٽين جي جوڌن سدائين وڏا وعدا ڪيا پرشايد ڪو به واعدو وفا نه ٿي سگھيو آھي.
2010ع جي ٻوڏ کان پوءِ يو ايس آءِ ڊي جي تعاون سان قائم ڪيل ميونسپل سروسز ڊولپمينٽ پروگرام ۾ جيڪب آباد، قمبر شھدادڪوٽ، ميھڙ، خيرپورناٿن شاھه ۽ جوھي لاءِ به پيئڻ جي پاڻي جي رٿا شامل ڪئي وئي ھئي. ان جو الائي ڇا ٿيو؟ جوھي ۽ ڪاڇي ۾ اچانڪ زيرزمين پاڻي 750 فٽ کان به ھيٺ لھي وڃڻ جا سبب ڪھڙا آھن؟ مان ھتي صرف پنھنجي ڳوٺ جي ڳالھه ڪندس پر حالت سڀني جي ساڳي آھي. اسان جي ڳوٺ ۾ ايتريون کڏون، واٽر ۽ نائين شاخ ڀرسان ھجڻ باوجود به پيئڻ جو پاڻي بلڪل استعمال جھڙو نه رھيو آھي .
ٻيون سڀ ڳالھيون ۽ بحث اتي ئي ڇڏيون ٿا پر تمام گھڻو ڏک ان وقت ٿيندو آھي جڏھن عيد، عاشورن، خوشي ۽ غمي ۾ ڳوٺ وڃڻ جو وقت ٿيندو آھي ته مون واري امان بابا سائين جي فون تان ڪال ڪري تاڪيد ڪندي آهي، “ابا پاڻي جا وڏا ڪين گاڏي ۾ کڻي اچجو متان ھتان جو پاڻي اوھان کي بيمار نه ڪري وجھي. هي ان ڳوٺ جي ڳالھه آهي جتي اڻ ڳڻيون کڏون، واٽر ۽ شاخون تمام ويجھو آھن.
منھنجي امان شناختي ڪارڊ ٺھڻ کان ويندي اڄ ڏينھن تائين پاڪستان پيپلز پارٽي جي پڪي جيالي آھي. ڪالھه جرمني مان ڪال ڪري امان کان پڇا ڪيم ته، “امان پاڻي واري مسئلي تي اوھان جو ڇا خيال آھي؟” ته چيائين، ابا مار پوي ماڻھن کي ھرڀرو پيا اسان جي وڏڙن کي مياريون ڏين ، اھي ويچارا ته جام پيا ڪوشش ڪن ته پاڻي چور پڪڙي وٺون پر جوھي برانچ ته الائي ڪٿان شروع ٿو ٿئي، اسان پڇڙي وارا اچي ڦاٿا آھيون. سائين صالح شاھ به نوجوانڙو ۽ ڀلو ماڻھو آھي، اسان جو ته مرشد آھي، اھو دعا ڪندو ته پاڻي به جام ٿي ويندو. مون چيو امان اوھان صحيح ٿا چئو. امان جون اهڙيون ڳالهيون ٻڌڻ کان پوءِ سنڌ کان ست سمنڊ پري ويهي سوچي رهيو آهيان ته مرشد سائين صالح محمد شاھ جي دعائن جو جيسين اثر ٿئي ۽ اسان جا وڏڙا انھن پاڻي چورن کي رسو وجھن ۽ پاڻي جي انتظام ڪاري ۽ ورڇ قانوني ٿئي، تيسين جوهي برانچ جي پڇڙي جا ماڻهو ته مري ويندا…! ان سوچ ۾ ويٺو ھيس ته ڪنھن دوست ڪال ڪري چيو ته جوھي جو آھين ھن معاملي تي ڇو چپ آھين. ان دوست کي صرف ايترو چيم ته ابا مان پوليٽيڪل سائنس ۾ ڊاڪٽر پيو ٿيان ان ڪري، ھن مسئلي کي سياسي مسئلو ڪري پيش ڪرڻ کان بھتر آھي ته ان مسئلي جا سڀ پاسا ماحولياتي، اقتصادي ۽ سماجي پھلو به ڏسڻ گھرجن.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *