تازا ترين
  • *حڪومت مخالف تحريڪ ۾ استعيفائن جو آپشن آخري هوندو، گرفتاريون معنيٰ نٿيون رکن: يوسف رضا گيلاني*
  • *نيب هٿان گرفتار شهباز شريف لاهور جي احتساب عدالت آڏو پيش*ليگي اڳواڻ ۽ وڏي تعداد ۾ ڪارڪن به عدالت پهچي ويا، پارٽي قيادت جي حمايت ۾ مظاهرو*
  • شهباز شريف جي گرفتاري بعد مخالف ڌر سرگرم: پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جو اجلاس اڄ ٿيندو

جهالت الائي ڪڏهن جند ڇڏيندي؟

سياسي خبرن اسان جا ڌيان سيڙائي رکيا آهن، جڏهن ته سنڌ کي سئو سور پلئه آهن. قبيلائي جهالت خلق جو جيئڻ حرام ڪري ڇڏيو آهي. گهوٽڪي جي پاسي ڏي رشتي جي ڳالهه تي ٻه قبيلا تکا مٺا ٿي رهيا آهن. ٻه راڄ اٽڪي رهيا آهن. پيري ۽ سرداري پنهنجي طاقت سان آمهون سامهون ٿيون آهن. ڪٺ جي مقابلي ۾ ڪٺ پيا ٿين، ڳالهه ڌمڪين تي پهتل آهي. دڳ جهيڙي جا کليل آهن، ڪنهن مهل به خونريزي ٿي سگهي ٿي. رشتي جي ڳالهه تان ٻه راڄ آٽيا آهن. هڪ قبائلي طاقت وارا ٻيو پيري مريدي وارا ننگن جي نانءَ تي وڙهسان وڙهسان ويٺا ڪن، حڪومت الائي ڪٿي آ….
هڪ قبيلي جي پيراڻي گهراڻي ۾ ٻئي قبيلي جي سرداري گهراڻي جي نياڻي پرڻي آهي. مائٽن انهيءَ پرڻي کي قبول ناهي ڪيو، هنن ان تي غيرت جو سوال اٿاريو آهي، غيرت قبيلي جي ماڻهن کي گڏ ڪيو آهي، سردار جي خلاف سرداري گهر جي ٻين مائٽن اعتراض واريو آهي ۽ سوال سردار جي تبديلي جو پيدا ٿيو آهي. اهو سرداري گهراڻي ۽ قبيلي جي اندر ڦڏو الڳ آهي ۽ رشتي ۾ ڳنڍجڻ واري قبيلي کي چيلينج ٿيڻ سبب انهن جي طرفان الڳ ڌمڪيون ڏنيون ويون آهن. هڪ وڏي فساد جي صورت پيدا ٿي پئي آهي. اها جهالت اسان کي الائي ڪٿي پهچائيندي.
سنڌ اڃان صديون اڳ واري دور ۾ ٿي رهي. قبيلائي تعصب سماج جا ترا ڪڍي ڇڏيا آهن. ماڻهو حيوانن جهڙي حال ۾ جيئن ٿا، جبلتن سان جيئن ٿا، پيري مريدي ۽ سرداري ماڻهن کي ڍورن جيان ٿي ڌاري، هڪلي ۽ واڙي رکي ٿي. ماڻهو وڏيرن جي حڪم تي اٿن ويهن ٿا، وٺ وٺ ڪرڻ تي وڙهڻ لڳن ٿا ۽ هڪل ڏيڻ تي هٿ ڪڍن ٿا. هڪ ڪوڙي غيرت، هٿرادو انا انسان جي ڪردار جي ڪٿ ٿي ڪري. قبيلائي تعصب سان ڪو نه ڪو جهيڙو آهي ئي آهي، مصيبت ذهن والاري ڇڏيا آهن، جهالتن سنڌ جي بيک ڪڍي ڇڏي آهي.
قبيلي کان ٻاهر شادي تي عجيب اعتراض آهي؟ جنهن کي نه شرعي وزن آهي نه قانوني حيثيت، اعتراض ڪرڻ وارن کي اعتراض به وري ڇوڪري ڏيڻ تي هوندو آ، وٺڻ تي نه هوندو آهي. اها سراسر جهالت آهي، اسان جي مذهب ۾ ان جو ڪو به تصور ڪونهي. اسان لاءِ پيروي جو وڏي ۾ وڏو نمونو پيغمبر آهي. نڪاح سنت آهي، رشتا شريعت جي طريقي سان ڳنڍبا آهن. اهو رشتو ۽ معاهدو سماجي آهي پر ٿيندو شريعت محمدي موجب آهي. شريعت ۾ اهڙي ڪابه پابندي ڪونهي. مذهب کانسواءِ ٻيو ڪو به تفاوت معنيٰ نٿو رکي. مسلڪ جو فرق به ڪا شئي ڪونهي. فرقو به فرق جو بيڪار بنياد آهي. اسان جنهن جا امتي آهيون ان هستيءَ اهي فرق ۽ ويڇا پيرن هيٺان لتاڙي ڇڏيا. پيغمبر اسلام ذات پات جا فرق مٽايا هئا تڏهن دين مڪمل ٿيو هو. مسلمانيت جو جهالت سان ڪو تعلق ڪونهي ڪو.
عجيب ڳالهه آهي، ماڻهو هٿرادو قانون ٺاهيو ويٺا آهن، جهالت ذهنن ۾ ۽ تعصب دلين ۾ ڪاهي پيو آهي. انسان انسان لاءِ غير بڻجي ويو آهي. تعلق هونئن ئي تند تي بيٺل آهن، تعصب اهي تندون به ڇني رهيو آهي. نسل به وڏائي ۽ ٻيائي جو بنياد بڻيو آهي، هڪ ذات جو پاڙو پاڙو پنهنجي الڳ سڃاڻپ ٿو رکي، هر ڪو پنهنجي ريت ٺاهي ٿو هلي. مسلمانيت به نه رهي آ، قوميت به نه رهي آهي. قوم ٽولن ۽ ٽڪرن ۾ ورهائي پئي آ، ڄڻ ڪو به پنهنجو ناهي، ڪو ڪنهن جو ناهي، هر ڪو ٻئي جي لاءِ ٻيو آ، ڪو ٻوليءَ جي بنياد تي ٻيو آ، ساڳئي ئي ٻولي جي لهجي ۽ ڀير جي بنياد تي وڇوٽيون آهن، هڪ ئي ديس پر اتر، لاڙ ۽ وچولي جون وڇوٽيون وڏي ڳالهه ٿي ويون آهن. هڪ ئي ذات ۾ پاڙن جي بنياد تي مائٽ مائٽن لاءِ ڌاريا آهن. جهالتن منهنجي سنڌ کي جاڏئون ڪاڏئون وڪوڙيو آ….
پنهنجائپ رڳو رت جي رشتي سان سمجهي وڃي ٿي، اهڙي رشتي ۾ وري لالچ جون ڪاتيون پيل آهن. مطلبن ماڻهن کي جاني دشمن بڻائي ڇڏيو آهي. مفاد جي ڪري ڀاءُ ڀاءُ جو ناهي. خود غرضي محبتن کي کائي وئي آهي. انسانيت پنهنجي مقام تان ڪري پئي آهي، اهڙي ڪا برائي ناهي جيڪا اسان ۾ ناهي، باقي ڪسر سياست پوري ڪري رهي آهي. سنڌ جي سياست جاهل وڏيري جي هٿ ۾ آهي، ڪيڏو به ڪو پڙهيل هجي پر سندس ووٽ وڏيري جو آهي. اهو ئي وڏيرو هيڏي اسان جي ننگ ۽ دنگ جا فيصلا ڪندو، هوڏي ايوان ۾ قانون به پنهنجي مطلب جا ٺاهيندو.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *