تازا ترين
  • *ڪراچي: سنڌ ۾ سي اين جي اسٽيشنز اڄ به بند، سڀاڻي 8 وڳي کوليون وينديون *هفتي ۾ 4 ڏينهن گيس پريشر گهٽ ڄاڻائي سي اين جي اسٽيشنز بند ڪيون پيون وڃن *صرف سنڌ ۾ سي اين جي اسٽيشنز مالڪن کي پريشان ڪيو پيو وڃي: پرشوتم لال *
  • *خيرپور: عورت سان مبينا طور اجتماعي زيادتي ۽ تشدد، اين سي داخل، وارثن جو احتجاج *شادي شده عورت مومل شيخ کي ٽن ٻارڙن سميت اغوا ڪري ڏاڍائي جو نشانو بڻايو ويو: وارث *5جوابدارن اغوا ڪري زيادتي ڪرڻ سان گڏ تشدد ڪيو: متاثر ناري *جوابدارن خلاف سوڀو ديرو ٿاڻي تي اين سي داخل، وارثن جو جوابدارن جي گرفتاري لاءِ احتجاجي مظاهرو*
  • *آواران ۾ سڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي، 4 دهشتگرد مارجي ويا: آءِ ايس پي آر *آپريشن دوران دهشتگردن جا ٺڪاڻا تباهه، وڏي انگ ۾ هٿيار هٿ ڪيا ويا: آءِ ايس پي آر*
  • *گهوٽڪي: عدالت پاران سبزي منڊي ۾ قائم وڪلين جون آفيسون خالي ڪرائڻ واري فيصلي خلاف اسٽي آرڊر جاري *عدالت پاران اسٽي آرڊر جاري ڪرڻ بعد وڪيلن پاران ڊسٽرڪٽ بار ۾ مٺائي ورهائي *عدالت وڪيلن جي حق ۾ اسٽي جاري ڪري وڪيلن سان انصاف ڪيو آهي: وڪيل اڳواڻ *
  • *گمبٽ:16 ڏينهن اڳ مبينا طور اغوا ٿي ويل ٻن عورتن ۽ 2 ٻارڙن کي پوليس بازياب ڪرائي ورتو *حنا ۽ نگينا خاتون سميت ٻن ٻارڙن کي باءِ پاس تان بازياب ڪرايو: پوليس *16 ڏينهن اڳ ٽن جوابدارن هٿيارن جي زور تي ٻن عورتن ۽ ٻن ٻارڙن کي اغوا ڪيو هو: پوليس *بازياب ڪرايل عورتون ۽ ٻار عدالت ۾ پيش، بيان بعد وارثن حوالي *
  • *ڏڪاريل ڏيهه ٿرپارڪر ۾ برساتن بعد هرطرف ساوڪ، ميوا توڙي ڀاڄيون ٿيڻ بعد مارڪيٽ پهچي ويون *گدرا، ڇانهيا، مهيا، چڀڙ ۽ ٻيون ڀاڄيون توڙي ميوا مختلف شهرن جي مارڪيٽن ۾ وڪرو *روڊن تي اسٽال لڳائي ڀاڄيون ۽ ميوا وڪرو، ماروئڙن ۾ خوشي واري لهر *
  • *پيرجوڳوٺ: ٻه ڏينهن اڳ مڙس ۽ ڏيرن هٿان تشدد ۽ تذليل جو نشانو بڻايل عورت سيشن ڪورٽ خيرپور ۾ پيش *تشدد جي مبينا الزام ۾ گرفتار مڙس زال کان معافي وٺڻ بعد عورت جو عدالت ۾ مڙس سان رهڻ جو بيان *عدالت پاران ناري منيران راهوجو کي مڙس عبدالحليم راهوجو جي حوالي ڪري ڇڏيو *
  • *ڏهرڪي:قتل ٿي ويل عنايت شاهه جو لاش قومي شاهراهه تي رکي ڌرڻو، ٽريفڪ معطل *نئون ڪوٽ بس اسٽاپ وٽ ڌرڻي سبب ٻنهي طرفن کان ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل *جوابدارن جو پتو لڳائي ورتو آھي، گرفتاي لاءِ پوليس رواني ٿي ويئي آھي: پوليس جي خاطري*
  • *ڀان سيدآباد ۾ بدامني خلاف شهرين پاران جي احتجاجي ريلي ڪڍي وئي *شهر ۾ ڦورن ۽ چورن جو راڄ قائم آهي، پوليس ڏوهارين خلاف ڪارروائي نه پئي ڪري: احتجاج ڪندڙ *
  • *ڪڙيو گهنور ۾ ٻوڏ متاثرن جي واهر نه ٿي، سنڌياڻي تحريڪ طرفان حيدرآباد روڊ تي ڌرڻو *کليل آسمان هيٺ ويٺل آهيون، ٽينٽ ۽ کاڌي پيتي سميت صحت جي سهولت فراهم ڪئي وڃي: ٻوڏ متاثرن جو مطالبو *
  • *گهوٽڪي: عدالت پاران سبزي منڊي ۾ قائم وڪلين جون آفيسون خالي ڪرائڻ واري فيصلي خلاف اسٽي آرڊر جاري *عدالت پاران اسٽي آرڊر جاري ڪرڻ بعد وڪيلن پاران ڊسٽرڪٽ بار ۾ مٺائي ورهائي *عدالت وڪيلن جي حق ۾ اسٽي جاري ڪري وڪيلن سان انصاف ڪيو آهي: وڪيل اڳواڻ *
  • *ڏهرڪي ڀرسان ننڊ پيل ڳوٺاڻو قتل، پوليس واقعي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي *ڳوٺ نئون ڪوٽ ۾ اڻڄاتل جوابدار 45سالن جي عنايت علي شاهه جو ڳلو ڪپي فرار ٿي ويا *زخمي حالت ۾ عنايت علي شاهه کي وارث رحيم يار خان اسپتال کڻي ويا جتي هن دم ڏنو *
  • *پي ٽي آءِ سينيٽر اورنگزيب اورڪزئي پاران بني گالا ۾ سرڪاري زمين تي قبضي جو انڪشاف *سي ڊي اي ۽ ايم سي آءِ قبضي واري رپورٽ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏي *عدالت پاران سرڪاري ايراضي تي قبضو ڪندڙ سينيٽر ۽ سي ڊي اي آفيسرن خلاف ڪارروائي جو حڪم*
  • *ڪنري ڀرسان گھر جي ڀت ڪرڻ سبب معصوم نينگر دٻجي فوت ٿي ويو *ڳوٺ رامچند ڪولھي ۾ ڀت ڪرڻ سبب11 ورھين جو نينگر لڇمڻ پٽ گلاب ڪولھي دٻجي ويو *نينگر کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ حيدرآباد نيو پئي ويو ته هن رستي ۾ ئي دم ڏئي ڇڏيو*
  • *لاڙڪاڻو: 10 کان مٿي مختلف ڳوٺن جي بجلي گذريل ڪيترن مھينن کان بند، ڳوٺاڻن جو ٽائر ساڙي احتجاج *ٻلھڙجي، بگي ٻنڊي، گاجي ديرو ۽ وڏي وھڻي سميت مختلف ڳوٺن جي رهواسين جو ايئرپورٽ روڊ بند ڪري احتجاج *بلن جي ادائگي باوجود رشوت طلب ڪئي وڃي ٿي، نه ڏيڻ جي صورت ۾ بجلي بند ڪئي وئي آهي : ڳوٺاڻا *

جنسي ڏاڍائي جا ڪيس ۽ اسان جا رويا

ھي جھان به نرالو آھي جتي ڪو جنسي عمل ڪنھن مذھب يا معاشري ۾ ڏوھه ليکيو وڃي ٿو ته ڪن ملڪن ۾ اھو ذاتي آزادي جي نالي ۾ ماڻھو جو حق سمجھيو وڃي ٿو. مون کي ان ھمراھه جي زندگي جا رنگ ياد اچن ٿا جنھن کي پيءُ ان ڪري ولايت موڪليو ھو جو ننڍو شھر جتي ھو رھندا ھئا اتي جي ماحول ۾ ھو ٻار کي غير محفوظ سمجھندو ھو.ان شھر ۽ علائقي ۾ ننڍي عمر جي ڇوڪرن تي بد نظر رکڻ سان گڏ انھن کي قابو ڪرڻ لاءِ ڪوڙڪيون لڳايون وينديون ھيون.اھو نوجوان پوءِ مغربي ملڪ ۾ اعليٰ تعليم حاصل ڪري اتي سيٽ ٿي خوشحال ٿي ويو. اتي رھندي ھن مغربي قدرن کي ذھني طور تي قبول ڪري ڇڏيو. ھڪ ڏينھن ڪنھن گڏجاڻي ۾ ملاقات ٿي حال احوال اوريندي چوڻ لڳو ته شخصي آزادي ھر ڪنھن جو حق آھي. وڌيڪ چوڻ لڳو ته منھنجو پٽ ھم جنس پرست آھي پر اھا ھن جي زندگي آھي مان ڇو ان ۾ دخل ڏيان. مون کيس چيو ته اھو ھتي کڻي تون درست مڃ پر اھو ياد ڪر ته توکي ان کان بچڻ لاءِ ئي تنھن جي والد توکي پرڏيھه موڪليو ھو. ڏيھه ۾ اھو غلط ھو پر پرڏيھه ۾ اھو درست فعل ٿي ويو.
جنسي خواھش جسم جي مکيه ضرورتن مان ھڪ آھي سا جائز يا ناجائز طريقي سان پوري ڪئي وڃي ٿي. جنسي بلوغت اھا قوت آھي جيڪا انسان جي شخصيت ۾ طاقت پيدا ڪري ٿي. ان جي اسرڻ سان انسان عشق ڪري ٿو جنھن ڪيفيت جي اظھار لاءِ شاعري ٿئي ٿي. شاعري مان موسيقي بڻجي ٿي. عشقيه ڪھاڻيون لکيون وڃن ٿيون. انھن سان ادب ۽ موسيقي آسودي ٿئي ٿي. انساني زندگي جي ٽين منزل جنھن کي شيڪسپيئر “عاشق” چيو آھي ان ۾ انسان کي حسن ۽ جنس لاءِ ڪشش ٿئي ٿي جنھن ڪري ھو پيار جو اظھار ڪري ٿو، ڪٿي معاشري جي دٻاءُ سبب اندر ۾ لڇندو رھي ٿو. ان ڪيفيت مان ڪي لوڏا کائي پار ٿين ٿا. ڪي محبوب حاصل ڪري عشق کي ڪامياب چون ٿا ته ڪو ڦيراٽيون کائي وڃي ٿو. ھڪ مسلڪ جي وڏي نالي جنھن جا شعر ڪافي مشھور آھن تنھن جي ھڪ ڳوٺائي کان ان بابت پڇيم ته ھن ٻڌايو ته ھو بابي جو دوست ھو . جواني ۾ ھڪ عورت تي عاشق ٿيو. عشق ۾ ناڪامي ٿيس تنھن تي ڪل ٿڙي پيس جنھن کان پوءِ ھو شاعري ڪندو وتندو ھو.
جنسي خواھش عشق سان گڏ زندگي ۾ وڏي اھميت رکي ٿي. اھا نسل انساني جي بقا جو ھڪ ذريعو به آھي. شادي جي صورت ۾ به اھا جوڙي جي زندگي ۾ رنگ ڀري کيس ھڪ ٻئي جي ويجھو رھڻ ۾ مددگار ٿئي ٿي. اھڙي اھم جسماني جز کي اسان ماڻھن سامھون ذڪر ڪرڻ يا ان جو تفصيلي ذڪر ڪرڻ کان شرمائيندا آھيون. ڪي ٿورا ھجائتا دوست ڪنھن حد تائين ان جو جزوي ذڪر ڪندا آھن. جيئن ڪوئلي مان ھيرو ٺھي ٿو . ڪوئلو ڪوبه گھر ۾ کليو رکڻ پسند ڪونه ڪندو پر جڏھن اھو مادو ھيري ۾ تبديل ٿيندو ته اھو ھيرو ھر ڪو ڳلي ۾ پائڻ پسند ڪندو. ايئن ئي اسان ماڻھن جي سامھون جنس تي کليل گفتگو ڪرڻ ڪونه چاھيندا آھيون پر ان جي صدقي اسريل شاعري ۽ ادب مان کلي لطف اندوز ٿيندا آھيون .
جيڪڏھن ڪو نوجوان ان اوچتي تبديلي جي اثر کي سنڀالڻ جي علم کان واقف نه ھوندو ته ھو انھي ڪيفيت ۾ ڪيئن متوازن رھندو. پوءِ ھو ڪن ٻڌل ڳالھين مان ڪڍيل نتيجي تي ھلندوآھي. ھي اھو وقت آھي جنھن ۾ جنسي رغبت بابت ذھن ٺھي ٿو. جيڪڏھن ڪو جنسي شوقين ٿي وڃي ٿو ته سندس اھو شوق زندگي ڀر رھي ٿو پوءِ ڪو ان حوالي سان ظاھر ٿي پوي يا ڪاميابي سان ڳجھيون ڪاروايون ڪندو رھي ٿو . جتي ھي مسئلو ماڻھو جي ذاتي رويي سان تعلق رکي ٿو اتي ان تي معاشري جي ماڻھن جا رويا به اثرانداز ٿين ٿا. ان مسئلي کي علائقي جي ماڻھن جي نفسيات ۽ انداز سان گڏ ڏسڻو آھي.
جيستائين جنسي لاڙي جو سوال آھي ته ان جي ته اسان جي معاشري ۾ نوجوانن جي اڻ سڌي تربيت ڪئي وڃي ٿي. مجلسن ۾ ، ماڻھو جنسي دوستي يا عياشي جي ڳالھه ڪندي اھو به نه ٿا ڏسن ته ان ڪچھري ۾ ڪو ٻار يا نوجوان ويٺو آھي. ان حوالي سان ٻين جا قصا، ڪنھن جا عيب ڳڻائڻ يا ڪنھن تي تھمت جون ڳالھيون ٿينديون رھن ٿيون جنھن جي نتيجي ۾ نوجوانن ۾ اھڙي عمل لاءِ تجسس پئدا ٿئي ٿو جيڪي بلوغت جي عمر کي پھچندي ان طرف راغب ٿين ٿا. ان حوالي سان شھرن ۾ اھڙي گفتگو کان پاسو ڪيو وڃي ٿو جنھن ڪري شھرن ۾ پرورش پائيندڙ نوجوانن ۾ اھو رحجان گھٽ آھي.
ٻارن سان جنسي ڏاڍائي ھن معاشري ۾ کليل راز آھي جنھن جي پروڙ ھر ڪنھن کي ھوندي آھي پر ان کي اھو يقين ھجي ٿو ته منھنجو ٻار ته محفوظ آھي باقي جي ڪنھن سان ڪجه ٿيو ته ھو ڄاڻي. اھو ظاھر ڪري ٿو ته ماڻھو ان کي سماجي مسئلو ڄاڻندي به ان کي حل ڪرڻ کي پنھنجي ذميواري ڪونه ٿا سمجھن. ھي جيڪو ڪنھن مسئلي تي طوفان اٿي ٿو سو چوري، چڪاري کان ويندي ٻين ڏاڍاين تي ميڙ گڏ ٿيڻ جو پراڻو رواج آھي جنھن موجب موقعي تي ھاءِ گھوڙا ڪئي ويندي آھي باقي ان مسئلي جي مڪمل حل يا ان مسئلي جي پاڙ پٽڻ لاءِ گڏيل ۽ سنجيدھه ڪوششون ڪونه ٿينديون آھن. ان ڪري ھي سڀ پراڻا مسئلا اڄ به موجود آھن جيڪي وقت گذرڻ سان وڌي رھيا آھن.
ٻھراڙي ۽ ننڍن شھرن ۾ رھندڙ تمام ٿورا ماڻھو ٻارن جي معمول تي ڪرڙي نظر رکن ٿا. ان ماحول ۾ مرد جي پنھنجي دنيا آھي ھو ٻار کي پنھنجي معمول ۾ حصيدار ڪرڻ جو گھٽ ئي سوچي ٿو. ماءُ گھر جي ڪم ڪار تائين محدود آھي پوءِ ٻاھر جي دنيا ، اھا گھٽي ۾ راند روند ھجي، اسڪول ۾ تعليم يا ھنر سکڻ جو ادارو يا روزگار جو ھنڌ ٻار کي اڪيلي سر حالتن تي سوچڻو ۽ منھن ڏيڻو پوي ٿو. ٻارن جي اڪثريت معاشري ۾ پنھنجي جاءِ جوڙيندي ڪٿي پاڻ ۾ لچڪ پئدا ڪري ٿي ته ڪٿي اھا حالتن سان ٽڪرائي ٿي. ملان ، ماسترن يا يونيورسٽي جي پروفيسرن جا ڪي ڪيس کلن ٿا پر ھر ادارو جتي ننڍي عمر جا ڇوڪرا ڪم ڪن ٿا جن ۾ ھوٽل، دڪان، مستري ۽ ڊرائيورن وٽ ڪم ڪندڙ ٻارن سان اھڙو رويو عام ڳالھه آھي. ان جي ابتڙ شھرن ۾ پرورش پائيندڙن تي والدين جي نظرداري وڌيڪ ٿئي ٿي جنھن ڪري اتي جي ماڻھن جو ان حوالي سان ذھن ايترو خراب ڪونھي. ان جو مطلب ته ماڻھو نه پر ھر ھنڌ جو ماحول اھڙي خرابي جو سبب آھي.
ھتي اسان کي اھا ڳالھه به ذھن ۾ رکڻ گھرجي ته ھر انسان پنھنجي شخصيت ۾ متوازن ھجي سو ضروري ڪونھي. ڪنھن پڙھڻ تي ڌيان ڏنو ته ان جي دماغ جو ھڪ حصو ان حوالي سان تيز ٿيندو. ضروري ناھي ته ان ماڻھو جو ذھن ٻين معاملن ۾ به ايترو ئي تيز ڪم ڪري. اھو ئي سبب آھي جو ڪي ھوشيار سمجھيا ويندڙ ماڻھو پنھنجي زندگي ۽ ادارن متعلق اھڙا فيصلا ٿا ڪن جنھن سان ڪڏھن ھنن جي زندگي برباد ٿئي ٿي ته ڪڏھن ادارا زوال پذير ٿين ٿا. اسان جو اھو الميو آھي ته ڪنھن ھڪ گڻ ھئڻ تي اسان ان کي عقل ڪل سمجھڻ لڳون ٿا . ڪنھن ھڪ اوگڻ تي ھن کي بد سمجھون ٿا. ذاتي زندگي ۾ ڪي ڪمزوريون ٿين ٿيون پر ڪنھن سان ڏاڍائي يا جنوني عمل خطرناڪ آھي جنھن جي ھر موقعي تي رستا روڪ ڪجي.. مون پنھنجي زندگي ۾ ڪي اھڙا ڪامورا ڏٺا جن جي ذاتي زندگي رنگين ھئڻ جون خبرون مشھور ٿيون پر نوڪري ڪرڻ ۾ ھوشيار ۽ عوام دوست ھئا. ھنن ٻين کان وڌيڪ عوامي ڀلائي جا ڪم ڪيا. ان ڪري ڪنھن جي جنسي لاڙي کي ان جي سڄي شخصيت کي خراب چوڻ به درست ڪونھي. ان ڪري ڪنھن مسئلي جي ھڪ پھلو سان شخصيت تي راءِ قائم ڪرڻ درست ڪونھي. شاھه لطيف ان حوالي سان سر يمن ڪلياڻ ۾ چيو آھي ته
ظاھر ۾ زاني، فڪر منجھه فنا ٿيا،
تِنين کي تعليم جي ،ڪڙھه اندر ڪاني،
حرف حقاني ، دور ڪيائون دل ۾ .
پنھنجي علائقي يا خطي ۾ جنسي آزادي نه ھئڻ ڪري ماڻھو غير فطري عمل کان ويندي جانورن سان جنسي عمل ڪري پنھنجي جنسي اڃ اجھائين ٿا پر مغربي معاشرا جتي اھڙي جنسي آزادي آھي اتي ڇو جنسي ڏاڍائي طور ھراس ڪرڻ ۽ لڄا لٽ جا واقعا ٿين ٿا؟ ھنن کي پاڻ ۾ تعلق قائم ڪرڻ جي آزادي آھي پوءِ اھا ڪھڙي سوچ آھي جنھن ھيٺ ھو ٻئي سان ڏاڍائي ڪن ٿا. ان مان ظاھر آھي ته اھا ڪا ذھني بيماري آھي. پنھنجي خطي ۾ ھم جنس پرستي لاءِ اھو دليل ته ھتي عورتن جي چوديواري ۾ بند ھئڻ ڪري ماڻھو ان طرف راغب ٿين ٿا پر ان رحجان کي ڇا چئجي جو مغرب ۾ عورتن جي آزاد ھئڻ ۽ تعلقات رکڻ جي آزادي ھوندي ھم جنس پرستي وڌي پئي. ان کي قانوني شڪل ڏني پئي وڃي. انھن جي پريڊ ۾ ھزارين ماڻھون شرڪت ڪن ٿا.
سنڌي معاشري ۾ اسان جنسي تسڪين جا شوقين ھوندي معاشري کي ان برائي کان پاڪ ڏسڻ چاھيون ٿا. ان جو حل اھو آھي ته والدين ٻارن جي زندگي تي گھري نظر رکن،معاشري ۾ جنسي رغبت واري رويي جي حوصلي شڪني ڪن. پرائي پنھنجي ٻارن جي فرق بنا ھر ٻار کي پنھنجو سمجھي معاشرو ان جي نگھبان جوڪردار ادا ڪري. ان سان گڏ قانون سختي سان لاڳو ٿئي ته ان رجحان ۾ گھٽتائي ٿيندي ۽ ماڻھن ۾ اعتماد پئدا ٿيندو پر اھا مڪمل ختم ٿي وڃي تنھن جو امڪان گھٽ آھي. جيڪو جنسي تسڪين لاءِ جنوني عمل ڪري ٿو سو بيمار ذھن آھي ان جو سزا سان گڏ نفسياتي علاج به ٿيڻ گھرجي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *